آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

عبدالحميد بليدي ۽ بدلجندڙ وقت

جيئي سنڌ .ا.ف جي دؤر ۾ سيوهڻ شهر ۾ منهنجو خاص مقام جڙيو ۽ وري هيءُ جن دوستن سان گهڻو اٿندو ويهندو هئو، ان ۾ عبدالسميع قريشي راشن جي ڊيپوءَ وارو بشير احمد اوٺو وغيره منهنجا به دوست هوندا هئا، پوءِ آهستي آهستي اسان جي گهرائپ ۽ دوستي وڌندي رهي، هن جي ۽ منهنجي عمر ۾ 7 کان 8 سالن جو فرق پڻ هيو، ۽ هيءُ مونکان ننڍو هوندو هئو، ۽ ننڍي عمر ۾ اهو فرق واضح محسوس ٿيندو هيو، ان ڪري ڪافي سوال پڻ اٿيا، آڱريون پڻ کنيون ويون، هن جي مائٽن کي ته اها ڳالهه به پسند ڪونه هئي، پر منهنجا مائٽ بڙدين سان منهنجي واسطي ۽ تعلق کي معيوب سمجهندا هئا، ۽ وقت سر پيا ٽوڪيندا هيا، پر اسان جو تعلق واسطو ۽ دوستي انهن سڀني ڳالهين، سوالن ۽ الزامن کان بالاتر هئي، جيڪا هلندي رهي! ان جو هڪ سبب ته اهي سڀ سوال خدشا ۽ الزام بي بنياد هيا، ۽ ٻيو ته اسان ۾ ڪنهن به قسم جي پاڻ ۾ لالچ ڪونه هوندي هئي، اهو سلسلو اڄ تائين ايئن بنا ڪنهن لالچ ۽ مفاد جي هلندو پيو اچي، اڄ عبدالحميد جي عمر 48 سال ۽ منهنجي 55 سال، ان عمر تائين اسان جي گهري تعلق ۽ دوستي کي 37 سال گذري چڪا آهن، ان واسطي ۾ نه ڪمي آئي آهي نه وٿي پئي آهي. آئون ڪٿان کان ڪاٿي پهتس، پر رابطو رهندو آيو، هي ڇا مان ڇا ٿي ويو، پر تعلق قائم دائم آهي. هن سان زندگيءَ جا 37 سال گذريا آهن، معني اهو تعلق شاديءَ کان 5 سال وڏو ۽ وڏي پٽ کان به 7 سال وڏو آهي، ظاهر آ، ان دور ۾ جيڪو لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن جي آهي، ڪيترا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن.
عبدالحميد بليدي شروع شروع ۾ انتهائي مذهبي خيال جو نوجوان هوندو هئو، ننڍي عمر ۾ جڏهن مونسان واسطو ٿيس ته هيءُ پنج وقت نمازي هيو. ايتري قدر جو شاهي بازار جي پويان مسجد ۾ هي پنهنجي نوجوانيءَ جي عمر ۾ ٻانگ ڏيڻ جو عمل به ڪندو رهيو ۽ هر جمعي جي ڏينهن نماز جي وقت کان اڳ ۾ مسجد ۾ وڃي ٻهاري به ڏيندو هئو، اهو سلسلو به سالن جا سال جاري رهيو، انڪري هن کي ننڍي توڙي وڏي عمر جي ماڻهن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هيو، سندس والد جڏهن پورهيت مان سيٺ ٿيو ته هن پنهنجي اصليت کي ڪونه وساريو، سندس سخاوت ڪافي مشهوري ماڻي! آفيسر خاص ڪري پوليس آفيسر ۽ جج صاحبن جو گهڻو خيال رکندو هئو، انهن جي ماني وغيره ۽ چانهه هن جي هوٽل تان ويندي هئي، ته ان جو حساب ڪونه وٺندو هئو، اهو ئي سبب هئو جو سندس پوليس ۽ جڊيشريءَ سان گهرو رابطو ۽ واسطو هوندو هيو، پر هن ان جي بدلي انهن آفيسرن کان ڪڏهن ڪجهه ڪونه گهريو، هيءُ نه چورن جو يار نه جهيڙي ڪارن سان مددگار رهيو، شروع ۾ ته آفيسر ايئن سمجهندا هئا، ته هيءُ سيٺ جيڪي خدمت ڪري ٿو، ان جو ڪو حساب ڪتاب هوندو، ليڪن آخر تائين جڏهن کين ڪوبه ڪم نه چوندو هئو، ته پوءِ اهي آفيسر سيٺ عبدالمجيد جا پيا پنهنجن حلقن ۾ ڳڻ ڳائيندا هئا. هيءُ هميشه بي لوث رهي، پنهنجي روح جي تسڪين ان حوالي سان پيو ماڻيندو هئو، اهو ئي سبب آهي، جو سندس لڄپال هوٽل سخي مرد جي هوٽل سڏبي هئي، سندن واسطي وارن جي ته چانهه ماني ۽ انهن جي مهمانن جي خدمت به مفت هوندي هئي، جي ڪير کڻي پئسا ڏيندو ته به ڪونه وٺندو هو، هر ماڻهوءَ ۾ چڱائي ۽ برائي هوندي آهي، مون پنهنجي سمجهه ۾ هن کي سخي مرد ڏٺو، باقي خامين ۾ اها هوندي هيس، ته سياسي سماجي بحث ۾ ڪنهن جي ڳالهه ڪونه مڃبي دلائل هجن نه هجن حقيقت ڇا به هجي، هي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهي، انکي اٿارٽي سمجهي پوءِ اٿارٽي سان ڳالهائيندو هيو، ڪنهن جي به ڪونه مڃبي، پنهنجي ڳالهه تي قائم رهبو! عبدالحميد کي سندس والد سيٺ مجيد جي ڪري شهر ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هئو، پوءِ آهستي آهستي نوجواني مان جوانيءَ جو مرحلو شروع ٿيو، رات جو سندس هوٽل تي اڪثر هڪ ٻه دوست جن ۾ عبدالسميع قريشيءَ وٽ ڪچهريون هونديون هيون، رات جو ان وقت کان وٺي اڄ تائين اڪثر دير سان سمهڻ جي عادت اٿس، هيءُ شادي کان اڳ، صبح جو 11 وڳي ڌاري جاڳندو هيو، پوءِ تمام ناز نخرن سان تيار ٿيندو هيو، هيءُ هر روز تيار ٿيڻ ۾ ايترو ئي وقت وٺندو هئو، جيترو خوبصورت ڇوڪري ڪنهن تقريب ۾ وڃڻ وقت پاڻ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ وقت وٺندي آهي. هيءُ سيوهڻ جي نئين ٽهي ۾ خوش لباس ۽ صاف سٿرو رهڻ پسند ڪندو هو، اهو سلسلو هن جو اڄ تائين جاري آهي، تيار ٿي گهران نڪرندو ۽ تسبيح هٿ ۾ کڻندو ۽ پڙهندو پنڌ ڪندو اچي هوٽل تي اندازن 12 وڳي تائين پهچندو هو، هيءُ جيڪو ورد يا وظيفو ڪندو هئو، اهو هوٽل تائين ختم ڪري دعا گهري دخل تي ويهندو هئو، پوءِ رات جو 8 وڳي تائين هن جي مسلسل دخل ٿي ويهڻ جي ڊيوٽي هوندي هئي، گرمي هجي يا سردي هن جي ڊيوٽي ساڳي هوندي هئي.
سيوهڻ ۾ سڄي ملڪ خاص طور پنجاب ۽ ڪراچي مان مرد عورتون ٻار زيارت لاءِ ايندا آهن، ان وقت هنن جي هوٽل شهر جي ان لحاظ کان سٺي ۽ وڏي هوٽل هوندي هئي، جو ماني سٺي، دال مشهور، مرغي ڪڙاهي لا جواب. جيڪو هڪ دفعو هوٽل تي آيو، وري ايندو ته مانيءَ لاءِ ان هوٽل تي ضرور ايندو مطلب ته معيار سٺو هوندو هئو، ان ننڍي شهر ۾ اهڙي سٺي هوٽل وڏي ڳالهه هئي. عبدالحميد بليدي ۽ سندس والد مرحوم عبدالمجيد بليدي سيوهڻ شهر جا مشهور يار دوست ۽ غريب پرور پنهنجي هوٽل جي ملازمن جي ڏک سک ۾ مدد ڪرڻ، يار دوست لاءِ هوٽل جي ماني چانهه وغيره بلڪل مفت! ڪيترن دوستن جو ته کائڻ پيئڻ جو ٻڌو سلسلو جاري هيو، ۽ سندن دسترخوان گهر ۾ به ڪافي وسيع رهيو آهي، هيءُ ايترا امير ڪونه آهن، پر هوٽل جي ڪاروبار ۾ سموري خاندان جو گاڏو پيا گهليندا هيا، ۽ مهمان نوازيءَ ۾ اخلاقي مظاهرو ايترو ته ڪندا هئا، خاص طور عبدالحميد پنهنجي والد کان پوءِ اڃا ان سلسلي کي وڌيڪ وسيع ۽ بهتر ڪيو، هن جي دسترخوان تي هڪ دفعو جيڪو مهمان ويو، اهو سموري زندگي لاءِ هن جو ئي ٿي رهيو، انتهائي عزت احترام، نياز نوڙت، انڪساريءَ سان پيش پيو ايندو.