آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

COLLECTTIVE BARGAINING AGENT (CBA) ڇا آهي؟

پوءِ ان اڪيلي يونين جي اندر جي ميمبر اگر چاهين ته پنهنجي قيادت جي چونڊجڻ لاءِ هر ٻن سالن ۾ اليڪشن ڪرائي سگهن ٿا. ان کان پوءِ ليبر کاتو يا نيشنل انڊسٽريل رليشنس ڪميشن جنهن جو به ڪيس هجي. ان کان ميمبر جي درخواست تي لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ يا فيڪٽريءَ جي انتظاميا کان ووٽر لسٽ وٺندا. ۽ ووٽر اهو هوندو جيڪو ان اداري جو ملازم هوندو. اهي لسٽون ليبر کاتي يا اين آءِ آر سي (نيشنل انڊسٽريل رليشنس ڪميشن) جنهن جو به ڪيس هجي، کي مهيا ڪندا ۽ اليڪشن ڪرائيندا.
پر جي هڪ کان وڌيڪ ادارن ۾ يا فيڪٽرين ۾ يونين رجسٽرڊ هوندي ته پوءِ اليڪشن ڪونه ٿيندي بلڪه يونينن جي وچ ۾ ريفرينڊم ٿيندو هيو. اهي هڪ کان وڌيڪ جيتريون به يونينون هونديون اهي سڀ ريفرينڊم ۾ وينديون. هاڻي هر يونين جي اندر قيادت چونڊڻ جي اليڪشن وري ليبر کاتو يا نيشنل انڊسٽريل رليشنس ڪميشن ڪونه ڪرائيندا. بلڪه اهي پنهنجي يونين جي ميمبرن جي بنياد تي پنهنجي قيادت پاڻ چونڊي ان جي اليڪشن جي ڪاروائي ۽ نتيجا ليبر کاتي يا نيشنل انڊسٽريل رليشنس ڪميشن کي موڪليندا هئا. اهي کاتا وري انهن جي ميمبرن وچ ۾ طريقيڪار تي ٿيندڙ اليڪشن کي مڃيندا ۽ انهن کي سندن يونين جي عهديدارن جي لسٽ منظور ڪري کين اطلاع لاءِ ڪاپي ڏيندا ته اوهان-جيڪو پنهنجي يونين جي اليڪشن جو رزلٽ ڏنو آهي ته سرڪاري اداري، جنهن وٽ اها يونين رجسٽرڊ آهي، کي منظور ڪيو. هاڻي اهي عهديدار ان يونين جا قانوني نمائندا هوندا. اهڙي ريت جيتريون به يونينس هونديون انهن سڀني جو ساڳيو طريقيڪار هوندو. هاڻي ٻيو مرحلو اهو آهي ته ڪهڙي يونين هوندي جيڪا اداري جي سربراهه يا انتظاميا سان بارگيننگ ڪري؟ ان لاءِ لاڳاپيل اداري جي سڀني يونينن جي وچ ۾ ريفرينڊم چيلنج ڪيو ويندو آهي. ان جو طريقيڪار اهو هوندو آهي ته هر اداري ۾ پهريان هڪ يونين رجسٽرڊ ٿيندي هئي ته ان کي هڪ يونين جي بنياد تي سي بي اي جو سرٽيفيڪيٽ ملندو هيو ۽ ان کي انتظاميه سان ڳالهه ۽ چارٽر آف ڊمانڊ جو قانوني حق حاصل هوندو آهي ۽ متعلقه انتظاميه چارٽر آف ڊمانڊ جي ان يونين سان ٽيبل تي ويهي ”ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو“ جي بنياد تحت معاهدو ڪندا آهن. اهو به ٻن سالن تائين قابلِ قبول هوندو آهي. اهو ته ٿيو يونين جي چونڊ جو طريقيڪار ليڪن هڪ کان وڌيڪ يونينون هونديون ته انهن ۾ ريفرينڊم ٿيندو آهي. اهو ووٽ عهديدار کي نه، مگر يونين کي ملندو آهي. هر يونين کي هڪ مخصوص نشان ملندو ۽ هر ميمبر (مزدور) ان نشان کي ووٽ ڏيندو. پوءِ اڪثريتي ووٽ کڻندڙ يونين وري سي بي اي جو درجو ماڻي وٺندي. انهن جا عهديدار خودبخود سي بي اي جي يونين جي قيادت ڪندا. ۽ قانوني طرح چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪندا. ان کان علاوه روزمره جي مزدورن جي معاملن تي وقت به وقت انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهن. اهو آهي سي بي اي، ايسوسيئيشن ۽ يونين جو ڪم.
مون 1987ع ۾ ٽريڊ يونين کي سمجهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. سنڌي بلوچ ويلفيئر ايسوسيئيشن (سبيوا) جو صدر ٿيڻ ڪري پراڻن ۽ نون ملازمن ۾ ڪافي جوش ۽ جذبو هيو. انهن ۾ هڪ اميد ۽ آس پيدا ٿي ته منهنجي قيادت ۾ چونڊجي آيل نئين پينل ۾ ڪافي سگهه به پيدا ٿي. هاڻي مان به زندگي جي 30 سالن جي عمر ۾ قدم رکي چڪو هيس. زندگي جي تلخ ترين مرحلن سان مهاڏو اٽڪائي چڪو هيس. ”سورن سنڌا ڪرڻ“ شروع ڪيا ۽ سکن ڏانهن وکون کڻڻ جو آغاز ٿي چڪو هو، هاڻي منهنجي ذميوارين ۾ اضافو ٿيندو ويو. گهر جون ذميواريون-ڇو ته شادي به ٿي چڪي هئي ۽ هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جي صورت ۾ اولاد به رب سائينءَ عطا ڪيو هئو. اسٽوڊنٽ سياست کان پوءِ قومپرست سياست جو رخ ڦري مزدور سياست يا ٽريڊ يونين طرف ٿي ويو هو.