اناج جو واپار، هندو ۽ پنجهٺ واري جنگ
آهستي آهستي منهنجي وڏن ڀائرن غلام حسين ابڙو ،غلام قادر ابڙو، ڪريم بخش ابڙو ۽ محمد اسحاق ابڙو-جيڪي هاڻي جوان ٿي چڪا هئا باقي ٻه ننڍاڀائر به چڱا سمجهدار ۽ ڪم ڪار جهڙا هئا. انهن به ڪجهه ڪم ۽ واپار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي بابا ۽ وڏي ڀاءُ اناج ۽ سرنهن جو واپار شروع ڪيو. ان وقت راتو رات اٺن جون قطارون اناج ۽ سرنهن کڻي ايندا هئا. گهر تمام وڏو هوندو هئو، اُتي سمورو اناج جمع ڪندا ويندا هئاسين، جڏهن ٽرڪ جيترو مال گڏ ٿي ويندو هئو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾، جتي هندو واپاري هوندا هئا، انهن کي پنهنجو سڄو مال ڏياري موڪليندا هئاسين، ائين اهو ڪاروبار هلندو پي هليو ته اچانڪ 1965ع واريءَ جنگ جا اوڀر کان اوٿر اٿيا، هندو واپارين چيو ته اگهه گهٽ آهن ۽ مٿان جنگ جي افراتفري لڳي پئي آهي. اسان واپاري اوهان جي ٻُڌايل اگهه تي اناج وٺي نه ٿا سگهون ۽ نه ئي اڳيان اناج جي نيڪالي ڪري سگهون ٿا. جنگ سبب اسان مجبور آهيون. بابا وڏيءَ سوچ، ويچار ۽ ڊگهي نظر کان پوءِ فيصلو ڪيو ته بابا مال رکي ڇڏيو، هي وقت مال جي نيڪالي جو نه آهي، ان لاءِ مال کي هن وقت وڪڻڻ مناسب نه آهي، بابا وڌيڪ چيو ته مال رکي ڇڏيو، نه وڪڻو شايد، اهي هندو واپاري ڪميشن تي ڪم ڪندا هئا. بابا منع ڪئي ته مال نه وڪڻو ۽ جنگ ختم ٿئي، حالتون ٺيڪ ٿين پوءِ مال وڪڻنداسين، اسان کي هرو ڀرو تڪڙ ڪونه آهي. باقي مال نقصان ۾ ڪونه وڪڻنداسين ۽ ائين جنگ هلندي، وڏن شهرن ۾ ڪڻڪَ، سرنهن ۽ ٻئي اناج جي چرپر ختم ٿي ويئي. ڪجهه ڏينهن ۾ جنگ بندي به ٿي ويئي ۽ مال جي گُهرج وڌي ويئي ۽ اگهه به چوٽ چڙهي ويا. هندن واپارين ڇا ڪيو جو اهو اسان جو سمورو مال جيڪو ان وقت تقريبن ڏهه کن ٽرڪون ڪڻڪ ۽ ايتري ئي سرنهن هئي، جيڪا هندو واپارين اسان جي بنا اجازت جي وڪڻي ۽ پئسا اسان کي ڏياري موڪليا، جنهن ۾ هندو واپارين اصل خرچ مُورَ مان 1965ع ۾ اٽڪل 22 هزار رپين جو خسارو ڏيکاريو ۽ اهي واپاري ڏوڪڙن جي لالچ ۾ اچي ايمان کي وڪرو ڪري بيمان ٿي پيا، چوندا آهن ته ايمان مهمان هوندو آهي پر اسان جي ميزبان هندو واپارين اسان جهڙن ننڍڙن اناج جي ميڙيندڙن سان اهڙو دغا جو داستان کوليو، جو ان حساب ڪتاب جون بند ٿيل ڳاڙهيون بنديون اسان کي اڄ تائين هٿ نه اچي سگهيون آهن. ايمانداري بيماني کان شروع ٿي ڪنهن به پُڄاڻي تي پهچي سگهي ٿي! ايمانداريءَ ۽ بيماني جو ڪوبه ڌرم يا مذهب نه ٿيندو آهي نه ڪا ذات، پات ۽ نه ئي ڪو رنگ نسل ٿيندو آهي. اسان جي خاندان ان عارضي نقصان کي ڪيترو برداشت ڪيو يا ان عارضي نقصان سبب اسان جي خاندان ڪيتري تڪليف کي پرايو اهو هڪ الڳ داستان آهي، معاملو مسلمان يا ڪنهن هندو جو نه آهي معاملو نقصان، ايمان ۽ بيمانيءَ جو ئي سمجهڻ گهرجي. جنهن کي اسان گذريل مُنيءَ صديءَ کان وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهيون.
منهنجي خيال ۾ هندو جاتي ورهاڱي جي تباهه ڪاريءَ سبب ڪَڻو ڪَڻو ٿي وئي جنهن جو اوس نقصان سنڌي قوم جي حيثيت سان فقط سنڌ سَٺو آهي، سنڌ جا هندو عالم، اديب، ٻولي دان، شاعر، ليکاري، مصور، ستگتراش، راڳي، ڊاڪٽر ۽ استاد ورهاڱي سبب ٻن سرحدن اندر ورهائجي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو اڌ حصو مفلوج ٿي ويو ۽ سنڌ جو سڄو وچون ڪلاس متحد ۽ منظم نه هئڻ سبب هتي سنڌ اندر وڏيرا شاهيءَ کي وڏي هٿي ملي وئي. اڄ ڏينهن تائين سنڌ مڪمل طور تي پنهنجي وچين ڪلاس جي وڃائڻ کان پوءِ وڏيرا شاهيءَ منجهان پنهنجي جند آجي ڪري نه سگهي آهي. باقي خود غرض واپاري هر قوم ۽ مذهب ۾ ٿي سگهن ٿا.
جن هندو واپارين اسان کي 1965ع دوران نج وڻج واپار ۾ مالي نقصان ڏنو اهڙا ڪٺور، ڪوڙا ۽ بيمان واپاري اڄ به سنڌ جي هر طبقي ۾ موجود آهن، جن کي نه وطن، نه ماڻهن ۽ نه ئي پنهنجي مريادا جي گهڻي گُهرج هوندي آهي.