آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

چوريءَ جو واقعو

درگاهه قلندر لعل شهباز تي نذراني جون پيتيون رکيل هونديون آهن، انهن کي هر مهيني کولي ان مان ڪيش، سون، چاندي ۽ ٻيون قيمتي شيون ڪڍيون وينديون آهن. ان جو طريقيڪار اهو آهي ته اوقاف کاتي جي چيف ائڊمنسٽريٽر جي اڳواڻئ ۽ نگراني ۾ اوقاف جو عملو ۽ شهر جا ڪجهه معزز ماڻهو ۽ ڪڏهن ڪو صحافي به پئسن ڳڻڻ مهل ويهاريندا هئا، ته جيئن پئسا جيترا نڪرن اهي سڀني جي سامهون هجن، هڪ دفعي ان پروگرام تحت درگاهه جي نذراني جون پيتيون کليون ۽ ان ۾ هڪ آفتاب اخبار جو نمائندو به هو، پئسن کولڻ ۽ ڳڻڻ ۾ به شامل هيو. هن ڇا ڪيو جو ڪجهه وڏا نوٽ کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌا، هن ڪوشش ڪئي ته ڪير نه ڏسي پر ڪنهن کيس پئسا کڻندي ڏسي ورتو، ۽ چيف صاحب کي چيائين ته هتي جيڪو صحافي آهي ان ڪجهه پئسا پنهنجي کيسي ۾ رکيا آهن. چيف صاحب هن کان پڇيو، هن ڪونه مڃيو تلاشي ۾ پئسا نڪتا، هن کي پشيماني ته ٿي، پر همراهه سڳ سوڌو قابو، سو کيس پوليس جي حوالي ڪري مٿس ايف.آءِ.آر ڪٽرائي لاڪپ ڪرايو ويو، ان وچ ۾ ڇاڪاڻ ته هي صحافي هئو، ان ڪري شهر جي ڪيترن ئي چڱن ماڻهن پوليس کي چيو ته هن کي ڇڏيو، ليڪن سرڪار جي اوقاف کاتي جي چيف ائڊمنسٽريٽر هن لاءِ پوليس کي ليٽر لکيو ۽ اوقاف کاتي جي ميئنيجر هن خلاف چوريءَ جي ايف.آءِ.آر ڪٽرائي هئي، سو اهڙو سوگهو همراهه لاڪپ مان ڪيئن نڪري! حاجن شاهه سبزواريءَ کي هن جو ڪافي لاچار هجي، سو هن مونکي فون ڪئي ته ضروري ڪم آهي، اچو؛ مون چيو فون تي حڪم ڪيو، چيائين، روبرو! مان ويس، حاجن شاهه سبزواري اليڪشن ۾ منهنجي مدد ڪئي گاڏي وغيره ۽ هڪ ٻه همراهه به ڏنو هيائين، مونکي چيائين ته ڊي.ايس.پي سيوهڻ ۾ ڪم آهي، اسان به هن کي چيو آهي ليڪن هو چوي ٿو اوقاف وارن سان ڳالهايو. انهن کي آئون چوان ڪونه ٿو، مون چيو حڪم ڪيو مونکي نثار بلوچ جواب ڪونه ڏيندو، چيائين صحافي يار کي اوقاف وارن جي شڪايت تي لاڪپ ڪيو اٿن، ان کي ڇڏائي ڏي. مون نثار بلوچ صاحب کي فون تي عرض ڪيو هن چيو آئون ايس.ايڇ.او کان پڇي ٻڌايان ٿو. پوءِ وري فون تي چيائين ٺيڪ آهي هينئر ڇڏيانس ٿو، شرط اهو آهي ته صبح جو اٺين وڳي وري مون وٽ اچي ۽ ايس.ايڇ.او کي حڪم ڏنائين ته ملزم کي ڇڏيو. ايس.ايڇ.او چيو سائين ايف.آءِ.آر ڪٽيل آهي، ڪورٽ ڇڏيندي ، هاڻي اسان جي هٿ ۾ نه آهي. نثار صاحب، سول جج صاحب کي فون ڪيو ته هيءُ معاملو آهي، همراهه کي ڇڏڻو آهي شخصي ضمانت تي ڇڏيوس پر آرڊر هاڻي ڪيو، جج چيو راتو رات آرڊر ڪونه ٿو ڪري سگهان جو سرڪار فريادي اٿس، باقي صبح جو ضمانت کڻندس. هن ايس.ايڇ.او کي چيو هن کي هينئر ڇڏينس جو اهڙي ماڻهوءَ چيو آهي جنهن کي آئون جواب نٿو ڏيان، اسان جي هٿ ۾ هجي ها پوءِ ته سولو هئو! پر نثار صاحب جي اڏول مزاج موجب؛ ڪم اهڙو ڪجي جيڪو هٿيون ناممڪن هجي مزو ته پوءِ آهي! S.H.O جي جواب ۾ نثار صاحب چيو ته هي صبح جو ڪورٽ جي وقت تي اچي ويندو ۽ اتان آئون پاڻ هن جي ضمانت ڪرائيندس، توکي ڪجهه ڪونه ٿيندو.سڄي ذميواري به آئون ٿو کڻان. هن کي ڇڏڻ وقت چيائين ته تنهنجي خلاف ايف.آءِ.آر ڪٽيل آهي، پوءِ به توکي ڇڏيان پيو، جو تنهنجي لاءِ اهڙي ماڻهوءَ فون ڪئي آهي جنهن کي آئون جواب نه ٿو ڏئي سگهان، پر هاڻي صبح جو اٺين وڳي هتي اچي وڃجان جو توکي ڪورٽ مان ضامن ڪرائڻو آهي. هن چيو سائين رات ٿي وئي آهي صبح جو ضامن ڪير پوندو، نثار بلوچ چيو ته توکي ضامن آئون ڏيندس، تون رڳو اچجان. ايئن هن کي رات جو ڇڏي ڏنائون. صبح جو هي وقت تي پوليس وٽ پهتو، ڊي.ايس.پيءَ، سول جج کي چيو، هن جي ضمانت کڻجو. ۽ ضامن لاءِ آئون پنهنجي پٽ کي ٿو موڪليان، باقي ضمانت گهٽ پئسن جي وٺجو ،ان وقت ۾ هن چوري به ڪئي هئي ٻن هزار روپين جي، ضمانت به ٿي ٻن هزارن جي جيڪي پئسا ڊي.ايس.پي صاحب پوسٽ آفيس ۾ پنهنجي پٽ جي نالي سرٽيفڪيٽ وٺي جمع ڪرايا، ۽ ايئن صحافي صاحب کي آزادي ملي ۽ اڳتي هلي ڪيس به ختم ٿي ويو.