آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ڌڻي بخش نه مڙي نه مڙيو

آخر گدو اسپتال مان ڌڻي بخش کي به اجازت ملي، ۽ ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ هو ته هيءُ بلڪل ٺيڪ آهي، ۽ دوا کائيندو رهي، باقي ڀنگ، چرس، شراب وغيره، کان پرهيز ڪري اهي شيون هن جي ذهن تي منفي اثر ڇڏينديون، اهي نه واپرائيندو ته هن کي ڪجهه به ڪونه ٿيندو، ۽ هي پنهنجي زندگي بلڪل نارمل ماڻهوءَ وانگر گذاريندو رهندو، پر هيءُ ڪونه مڙندو هئو، ۽ 1976 کان 2011 تائين، هيءُ الائي ڪيترا دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيندو رهيو، ان جو ذڪر ڪجي ته پورو الڳ ڪتاب ٿي سگهي ٿو، پر ايئن کڻي چئجي ته سراسري طرح هڪ سال ۾ 2 دفعا گدو اسپتال ۾ رهيو آهي، هن کي 3 دفعا گدو اسپتال ۾ ۽ 5 دفعا اصغر جنرل اسپتال نارٿ ناظم آباد ڪراچي، 7 دفعا گلشن اقبال نفسياتي اسپتال حسن سينٽر لڳ حسن چورنگي گلشن اقبال ۾ 2 دفعا ڪوئيٽا ۾ هڪ ٽرسٽ جي اسپتال ۾، 4 دفعا ايس،ايم،اِي اسپتال لڳ انڪل سريا اسپتال ڪراچيءَ ۾ باقي ڊاڪٽرن سان او.پي.ڊي مريضن جي حيثيت ۾ هن کي سوين دفعا ڏيکايو ويو، مان هن جي پويان به پاڇولي وانگر لڳو رهيس، هن جي هر تڪليف ۽ بيماريءَ ۾ ڳوٺان هڪدم مونسان رابطو ڪندا هئا، ٻين ڀائرن جي ان معاملي ۾ ڪا خاص دلچسپي ڪونه رهي آهي، هو پاڻ ۽ پنهنجي گهر مان هن کي هڪ مصيبت ۽ عذاب تصور ڪري، مون ڏانهن موڪليندا هئا، اهو به جڏهن مان چوندو هئس، ته اوهان هن کي مون تائين ڏياري موڪليو، جيڪو به ٽيڪسيءَ وغيره جو خرچ ايندو آئون ڪندس، پوءِ هو ايئن ئي ڪندا هئا، صرف نوازش اها ڪندا هئا، ته هن سان ٻه ٽي نوجوان ڇوڪرا گڏائي موڪليندا هئا، جو هي ڪنٽرول ۾ ڪونه هوندو هئو، هتي پهچڻ شرط آئون هن کي ڪنهن نه ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائيندو هئس، اتي اهڙي قسم جي مريض کي الڳ ٺاهيل وارڊ ۾ داخل ڪري، مين گيٽ کي تالا لڳائيندا هئا، ان سان ملڻ لاءِ پهريان ڏهاڪو ڏينهن ته منع ڪندا هئا! مريض اسپتال وارن جي حوالي هوندو هئو، هر دفعي هڪ مهينو يا ان کان وڌيڪ رهندو هئو، آخر ۾ بل جو به سمورو انتظام مونکي ئي ڪرڻو هوندو هئو، ۽ دوائون به هن کي ريگيولر مونکي موڪلڻيون هونديون هيون، اها حقيقت آهي، ته نشن ڪرڻ کانپوءِ جڏهن هن جي طبيعت بگڙجندي هئي، پوءِ شهر ۾ ماڻهن سان وڙهڻ ۽ ان کان گهڻو جذباتي ته پنهنجي گهر ۾ پنهنجي خاندان وارن تي ٿيندو هئو، ڪنهن کي گار ڪنهن کي ڌڪ ڪنهن تي الرون سمورا گهر ڀاتي اهو وقت عذاب ۾ هوندا هئا، ۽ سڀ هن کان بيزار هوندا هئا، پوءِ هو هن کي منهنجي حوالي ڪري سک جو ساهه کڻندا هئا، ۽ مان سدائين پاڇولي وانگر هن جي پٺيان هلندو رهيس، ته من هن کي ڪا رهڙ به نه اچي ۽ ٺيڪ ٿئي، مون هن جي علاج لاءِ ڇا خرچ ڪيو هوندو، اهو اندازو نٿو ڪري سگهجي، هي مڪمل مريض رهيو، هن جي اولاد 3 نياڻيون هڪ پٽ انهن جي پرورش جي ذميواري به الله سائين منهنجي حصي ۾ ڏني ، مان پنهنجي حال آهر هنن جي خدمت ۽ نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ادا ڌڻي بخش جي ٻارڙن ۾ هڪ نياڻي، جيڪا سڀني کان وڏي آهي سا ويچارڙي گونگي آهي! ٻن نياڻين جي شادي به پنهنجي حال آهر ڪرائي اٿم، هڪ نياڻيءَ تازو هاڻي مئٽرڪ پاس ڪئي آهي، هن جي اڪيلي پٽ کي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهايان پيو، ان کي سيلف اسڪيم تحت اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ملي. اڄ هي ايم.ايس.سي اسٽيٽڪس جي آخري سال ۾ آهي ۽ هي داستان لکڻ وقت اڄ جون 2011 آهي، ڊسمبر ۾ انشاءَالله هن جي پڙهائي مڪمل ٿيندي ۽ ڪوشش ۾ آهيان ته هن جي آخري ننڍي نياڻي جي لاءِ ڪو مناسب رشتو ملي پوي ۽ باقي سندس پٽ کي جيسيتائين ڪا نوڪري نٿي ملي ۽ پنهنجي پيرن تي نٿو بيهي، شادي ڪونه ڪرائبي، ان کي هاڻي پاڻ کي ۽ روزگار کان پوءِ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي سنڀالڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو، جو آئون 56 سالن جي عمر ۾ آهيان، سندس والدين مونکان ننڍا آهن، انهن جي ذميواري جي سندس پٽ جي ڪلهن تي ايندي، ته آئون آخري پساهن ۾ مطمئن هوندس، جو مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي اولاد وانگر سنڀاليو پاليو، علاج ڪرايو، ۽ سندس سموري اولاد جي پرورش جو فرض نڀايو آهي، ۽ خواهش اها ئي هوندي ته شل سدائين خوش ۽ آباد رهن، منهنجي زندگي الائي ڪيتري هڪ پٽ اٿس، انکي به پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي يونيورسٽي ۾ پڙهايو اٿم، باقي الله سائين هن لاءِ آساني پيدا ڪري، آمين!
(ڌڻي بخش جي پٽ سليم رضا ابڙو جنهن کي مون سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سيلف فنانس تي داخلا وٺي ڏني هئي، اُن اتان B.S ڪئي، ليڪن هن کي منهنجي محنت ۽ تڪليف جو ڪو احساس نه هئو، هن پڙهائي تي توجهه گهٽ ڏنو ۽ وڃي ڪنهن ٻئي چڪر ۾ پيو ۽ چاچي جي انهن پئسن تي پنهنجي عياشيءَ ۾ لڳي ويو. پوءِ مونکي انتهائي تڪليف ٿي، اڄ به هو ڪنهن ڪم ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي نٿو وٺي. اهو صدمو مونکي ڪنهن گهاءُ وانگي سدائين تازو پيو لڳي، ڇا چئي سگهان ٿو. جنهن منهنجي محبت ۽ جذبي جو ڪوبه احساس ۽ قدر ڪونه ڪيو.)