(مهاڳ) هلندا هلئون-وڌندا رهون
محمد خان جي مطابق، هُن ڪيترائي ”راز“ ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ بجاءِ، في الحال پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيا آهن جيڪي وقتاً فوقتاً سامهون آڻيندو رهندو.
*
لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ
”هائو، ته بهرحال توهان کي زندگيءَ جي انيڪ طبقن مان گذرندي، ڪيئي لَڪَ لتاڙي ئي منزل تي پڄڻو پوندو“!
ڏاهپ جي آخري آفاقي ڪتاب ۾ انساني فطرت کي سامهون رکندي، خلقڻهار اهو جيڪو مٿي بيان ڪيل نڪتو ارشاد فرمايو آهي، سو هن ڪتاب جو سرجهڻهار اسان جو يار محترم محمد خان ابڙو، عين ان نقطي مطابق زندگيءَ جا مرحلا طي ڪندو رهيو آهي- سرجيو، ته چؤڌاري سور هئس ۽ سامايو تڏهن به سُکن ساڻس سرچاءَ نه ڪيو.
هڪ نعمت جيڪا ڌڻيءَ کيس عطا فرمائي آهي-سا آهي؛ سندس ”فولادي جان“! جنهنڪري هيءُ يار، ننڍڙي کان اڄ تائين ورچجي ويهڻ ته ٺهيو لاڳيتو ڪشالا ڪاٽڻ، سورن سهڻ ۽ هاهر ڪندو هلندو رهڻ جي باوجود اڄ تائين ٿڪو ناهي ۽ نه ئي پنهنجيون کڙيون تڙيون عادتون ڇڏيون اٿائين.
سندس زندگيءَ ڏانهن جيڪو رويو رهندو آيو آهي، سو پورو جو پورو هڪ سليقي سان سلهاڙيل آهي. رڳو ڳالهين جو ڳهير ناهي، ڳالهين مطابق محفلين ۾ داستان گو هئڻ به سندس سڀاءُ رهيو آهي. شروعاتي زندگيءَ ۾ قومي نصب العين طي ڪيائين ته کيس، ڌرتي ماءُ جي اهنجن ۾ سهنجايون پيدا ڪرڻيون آهن. جيتريون ڪري سگهيو آهي، انهن بابت زير نظر ڪتاب ۾ اوهان کي جهلڪيون پسڻ لئه ملنديون هلنديون. ”نه ڀڙڪيو آهي، نه وساميو آهي، لاڳيتو دکندو رهيو آهي.“
ڇو ڪٿي رڪجئون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگيءَ جي آرزوءَ ۾، جستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو، سندرا ٻڌي، هلندا هلو، وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي.
*
وجودِ باري تعاليٰ جي اٽل موجودگيءَ جو هڪ ٺوس اهڃاڻ اهو به آهي ته؛ ”ڌرتيءَ تي هيل تائين جيترا به ماڻهو پيدا ٿيا آهن، سي سوچن، عادتن، مهانڊن، خيالن ۽ اندازن ۾ سڀ جو سڀ سو سيڪڙو نه سهي، گهڻي ڀاڱي هڪ ٻئي کان مختلف آهن.“ ماڻهوءَ جا موڊ ٿين ٿا، حالتن آهر ماڻهوءَ جو مزاج مٽبو سٽبو ڪڏهن ارتقاء ڏانهن ته ڪڏهن انتهاء ڏانهن مائل رهي ٿو. بعضي سندس من ۾ ترقيءَ جو سڀاءُ ته بعضي سندس من، تنزل جو شڪار. شيخ سعدي شيرازيءَ اها ڳالهه پنهنجي شعر ۾ هيئن ڪئي آهي؛
گہے برطائرِ اعلیٰ نشینم
گہے برپشت پائے خود نہ بینم
سچل سائينءَ پنهنجن لفظن ۾ فارسي شعر جو ترجمو هيئن ڪيو آهي؛
ڪڏهن منُ ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن
سچل سارو ڏينهن، رهي رهيو نه هيڪڙو.
محمد خان ابڙو، پنهنجي مزاج ۾، بشري لوازمات مطابق ائين ئي آهي جيئن سعديءَ ۽ سچل چيو آهي! حضرت علي سائينءَ فرمايو هو ته؛ ”سچيت انسان، حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ منافق ماڻهو، ماٺيڻو ٿيندو آهي.“! محمد خان گفتگوءَ ۾، معاملات ۾ حد کان وڌيڪ جذباتي آهي. هونءَ به جذباتي ماڻهو ٿَڏي تي ئي پنهنجي اندر جي ڳالهه جو اوٻر ڪڍي هلڪا ٿي پوندا آهن پر انهن جي خاصيت اها هوندي آهي ته اتي جو اتي وري ٽهڪيل پاڻيءَ مان فري ٿڌا، برف جهڙا ٿي پوندا آهن، ڄڻ ڪاوڙيا ئي ڪونه هئا.
محمد خان پنهنجي فطرت ۾ جفاڪش ماڻهو آهي. ٻاهران جهڙو پڪو سروٽو ۽ اندران صفا ڪچو ڀتر! جيڪو ڪنهن جو غم نه سهي سگهڻ ڪري ڀيري ڀيري ظاهري طور ڀريو پوي! هينئر هو جنهن سماجي حيثيت تي فائز آهي، تڏهن به هن جي اڄوڪي سکن ڀريي گهر جا ڪم ڪار واري سنگت واسطي دروازا قومي ورڪرن لاءِ ائين ئي کليل آهن جيئن سندس غريب الحالي دؤر ۾ ڪکائين گهر جا دروازا هميشه کليل رهندا هئا. ائين هئڻ جو هڪ خوشگوار سبب اهو به آهي ته هن جي زندگيءَ جو سفر ڪچن پيچرن کان شروع ٿيو، جتي مسئلن جو مينهن روزانو وسي ۽ گپ چِڪ ايتري ٿي وڃي جو وک کڻڻ به اڻائي هجي! هي جهاڳيندو آيو. لاڳيتو مڙسيءَ سان ۽ ٿڪو ڪڏهن به نه، اڄ به هن جو، آسودي حياتيءَ لاءِ پنڌ جاري آهي. نج پورهيت جو محنتي پٽ، جنهن زندگيءَ جي شروعات ئي نج نبار پورهيي سان ڪئي ۽ پورهيو به مشقت سان ڀرپور! ان پورهئي جون ”برڪتون“ اڄ به منجهس ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهن. سگهارو جسم، توانو ذهن، تازگيءَ رتو چهرو، سندس شروعاتي زندگيءَ جي طفيل دائم آهي ۽ الله ڪندو ته قائم به رهندس.
محمد خان ابڙو روايتي اعليٰ تعليم ته پري جي ڳالهه، هو جن ڪشالن سان، پورهئي دوران تعليمِ بالغان اسڪول ۾ پڙهيو آهي، سو داستان ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو اچرج ۾ وجهندڙ آهي. هينئر وٽس توڙي جو، ڊبل ايم. اي جون ڊگريون موجود آهن، پر منهنجي خيال ۾ اهي محمد خان جي زندگيءَ جي سنوار ۾ ڪا خاص اهميت نه ٿيون رکن. سندس نوڪريءَ جو خاصو حصو بئنڪ ۾ گذريو آهي، سو، بئنڪ جي ڪم لاءِ پاڻ وٽ جيڪي ڊگريون اهميت رکن ٿيون، اهو سڀڪو ڄاڻي ٿو! سندس زندگيءَ جي سنوار ۽ شخصي تعارف جا ٻه مکيه ڪارڻ نظر اچن ٿا؛
• پورهئي سان زندگيءَ جي شروعات
• قومي تحريڪ سان وابستگيءَ سبب سائين جي ايم سيد جي صحبتن ۾ سائينءَ پاران سندس ڪيل تربيت
محمد خان ابڙو، روايتي نصابي تعليم يافته شخص ناهي. هو پنهنجي من جي داخلي سوجهري سان علم جي واٽ تي گامزن ٿيو ۽ غير روايتي انداز سان ڊگريون ماڻيائين.سندس تعليمي سفر جي ڪٿا به هن ”آٿم ڪٿا“ ۾ تفصيل سان موجود آهي؛
خلقت سڏڪي گهرندي آهي،
عزت، عظمت، دولت ۽ شهرت،
قدرت مرڪي چوندي آهي؛
محنت، محنت، محنت ۽ محنت!
محمد خان کي اڄ جيڪا حيثيت ملي سگهي آهي سا کيس سڏڪندي نه پر محنت، محنت، محنت ۽ محنت ڪندي ملي آهي. سندس محنت جا تڏهوڪا ۽ اڄوڪا زاويه البته، سو مختلف آهن. عين ممڪن آهي ته سندس هن ڪتاب جي منظرِ عام تي اچڻ سان سندس همعصرن ۾ انيڪ تبصرا به چڙي پون. ان خدشي کي به لنوائي نه ٿو سگهجي ته شعوري يا لاشعوري طور تي قوم وٽ سندس زندگيءَ جي ڪٿا جا ”ماڻڪ موتي“ نه به اگهامجن. اهو خدشو ان ڪري ٿئي ٿو ته سندس ڪتاب ۾ مصنوعيت، ڊاڙ، لٻاڙ ۽ تحريري چاشنيءَ جو هٿرادو هنر وارو ”ڪائو ڪچ“ بنهه اڻ لڀ آهي. هن سڌي سنئي اسلوب سان جيئن سندس من ۾ آيو آهي، تيئن پنهنجي حافظي جي کاڻ مان قلم کي ڏانداري بڻائي، پنن تي پنهنجو داستانِ زندگي ميڙي، رکي ڇڏيو آهي. ڪجهه سندس دوست وري ڪتاب مان جيڪي وڏون ڪڍندا اهي ته وري ايڏيون عجب هونديون جو صفا مضحڪه خيز! اهڙو وڙُ ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان اڳ ئي اسين سهي به چڪا آهيون!
ڪتاب جي اڀياس مان سندس زندگيءَ جي شروعاتي ورهين جا جيڪي ڏاکڙا آهن، تن جي تاثير هن جي حافظي تان ميسارجي نه سگهي آهي. اڄ به ڳالهيون ڪندي، يا مان ڪيترائي ڀيرا ماضيءَ ۾، کيس پلئه پيل انهن ڏاکڙن جو تاثر سندس نيڻن مان بي ساخته برسندي ڏسندو رهندو آهيان. اها الڳ ڳالهه آهي ته انهن جو دائمي اثر داخلي طور ڪهڙو رايو رکي ٿو! هن وٽ جيڪو احساساتي سرشتو آهي، اهو کيس اڄ تائين بي حس ٿيڻ نه ٿو ڏئي ۽ خدا ڪري ته تاحيات سندس سڀاوَ ۾ ”دردن“ جي اها نمڪيات رهندي اچي جيڪا سندس نيڻ ڀنل رکي! هونءَ به خشڪ نيڻ بي حسيءَ جو ئي ته اهڃاڻ هوندا آهن ۽ حساس ترين ماڻهوءَ جا نيڻ هميشه آلا آلا! شل اها آلاڻ پنهنجي جوهر ۾ شفاف هجي!
*
محمد خان جي قومي تحريڪ جي سفر جا هن ڪتاب ۾ جيڪي داستان شامل آهن، اڄ هو توڙي جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم رڪن؛ محترم سعيد غني صاحب سان دامے درمے، قدمے، سخنے، شامل حال آهي ۽ پيپلز پارٽي روان دؤر ۾ سنڌ جي حڪمرانيءَ جي مسند تي به فائز آهي ته محمد خان به ان پليٽ فارم تي باقاعده جيئن متحرڪ هئڻ گهرجي، تيئن ئي متحرڪ آهي. سعيد غني صاحب، مون پيپلز پارٽيءَ ۾ واحد شخص ڏٺو آهي، جيڪو پارٽيءَ جي مين اسٽريم تي هئڻ باوجود اڄ به خليق، ذهين، باڪردار ۽ سچيت انسان آهي. هو، بي لوث آهي ۽ بي لوث جو ٿيو ته کيس نه ڪو لوڀ آهي نه ئي ڪنهن لالچائيندڙ جي مجال آهي جو کيس لالچ ڏئي ۽ کيس هرکائڻ جي جرئت ڪري سگهي! لوڀي ۽ لالچي جو ناهي، ان ڪري خوفزده به ناهي. محمد خان سندس پراڻو دوست، سو دوست، دوست کي اقتدار کان ٻاهر هوندي ته نه وساريو پر اقتدار ۾ کيس پاڻ سان همقدم، همراز رکندي کيس اهميت ڏيندو اچي. شيخ سعدي شيرازيءَ دوستيءَ جي وصف ڪيڏي نه سلوڻي انداز ۾ ڪئي آهي؛
دوست مشمار آنکہ در نعمت زند
لاف یاری و برادر خواندگی
دوست آں دانم کہ گیرد دست دوست
در پریشاں حالی و درماندگی
”دوست اهو ناهي جيڪو آسودگيءَ وارين حالتن ۾ ياري ۽ ڀائپيءَ جون ٻٽاڪون هڻندو وتي، دوست اصل ۾ اهو آهي جيڪو ويڳاڻي ويل ۽ پريشان حاليءَ ۾ دوست جو دستگير بڻجي سندس دستگيري ڪري.“
محمد خان ابڙو، روان دؤر ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گپا گپ ڇو آهي؟ سندس بقول ته ”قومي تحريڪ“ جي اڳواڻن جا حال ڏسي هن عافيت ان ۾ سمجهي ته ”موقعو آهي ته قوم جي خدمت پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي!“ سو، سندس ان پارٽيءَ جو عملي حصو هئڻ جو بنياد به دراصل سندس ذاتي تعلقات ۽ سندس بقول قومي جذبو به چئي سگهجي ٿو. قومي تحريڪ جو عروج ۽ زوال، محمد خان پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. هو خود قومي تحريڪ جي مُک باني ڪردارن منجهان رهيو آهي. ڪتاب ۾ موجود سندس تحريرن موجب، هن پاڻ کي ”بازار جو وکر“ بنجڻ نه ڏنو. هڪ متحرڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ قومي تحريڪ ۾ دهشت جي لهر کي فروغ ڏيڻ نه ڏنائين، جنهن به قومي ڪارڪن، جيئي سنڌ جي نالي تي ڪنهن سان به-مطلب ته ڀلي اهي غير سنڌي ئي هجن، بشرطيڪه مظلوم هجن، کؤنسڻ جي روايت کي ابڙي صاحب، تحريڪ ۾ در انداز ٿيڻ نه ڏنو.
اڃا به محمد خان جي سيني ۾ دم آهي، هو واقعي به قومي فرض لاءِ ”قومي آزاديءَ“ جي بلندين تائين گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. اهوئي سندس زندگيءَ جو نصب العين آهي، الله ڪري تاحيات پنهنجي آدرشي نصب العين تي قائم رهي؛
موجیم کہ آسودگئی ما عدم ما است
ما زندہ ازانیم کہ آرام نہ گیریم
”اسين اها لهر آهيون جنهن جو ڪم ئي آهي روان رهڻ، اسين زنده ئي ان ڪري آهيون ته هلندا هلئون وڌندا رهون.“
*
محمد خان ابڙو جي هيءَ آتم ڪٿا، اتساهه پيدا ڪندڙ ڪتاب چئي سگهجي ٿو. هن جي تحرير جو انداز ڀلي سڌو سنئون آهي، تڏهن به سندس واقعاتِ حيات اهڙا آهن، جيڪي موجوده دؤر جي سهل پسند ذهنن لاءِ هڪ عملي سبق آهن ته ڪا به پشت پناهي نه هوندي، ڪا به مالي وسعت نه هوندي، هٿين خالي به سکن ڀري زندگيءَ جي منزل ماڻي سگهڻ قطعاً ناممڪن ناهي، بشرطيڪه طلب صادق ۽ ارادا اٽل هجن!
نظرياتي رخن ۾ محمد خان ابڙي جيڪا سائينءَ جي ايم سيد جي تصوير ڪَشي پنهنجي تحرير ۾ ڪئي آهي، سا توجهه طلب آهي؛
• سائين جي ايم سيد پنهنجي جوهر ۾ قطعاً مذهب مخالف ۽ اسلام دشمن ناهي.
• سائين جي ايم سيد، ڪمزور پاسن جو سهارو وٺي قومي تحريڪ کي ٻليدان ڏيڻ جو قائل ناهي.
ان جي باوجود،
توهان هن ڪتاب ۾ ابڙي صاحب پاران بيان ڪيل سائين جي ايم سيد متعلق کيس قتل ڪرڻ جي سازش وارو قصو پڙهندؤ ته توهان کي محترم تاج جويي جهڙا صف اول جا اديب ۽ قومي اڳواڻ سڏجندڙ مبالغه آرائي ڪندي سائينءَ کي بجاءِ قومي رهبر جي ساڳيو روايتي ڪاني ڪرامت وارو پير بڻائي پيش ڪرڻ جا پيا جتن ڪندي نظر ايندا. هونءَ اسلام تي ۽ مذهب تي هڪ لاهبي ٻي چاڙهبي پر سائين جي ايم سيد کي وري ”مقدس بت“ بڻائي پيش ڪرڻ وقت ڪاني ڪرامت جو قائل به ٿي وڃبو!
اهو الميو رڳو محترم تاج جويي جو ناهي سنڌ ۾ رسول بخش پليجي مرحوم جي ڪلاس کان وٺي سائين جي ايم سيد جي پيروڪاريءَ جي دعويٰ ڪندڙن تائين ”ذهانت جا بادشاهه“ توهانکي بنيادي نظرياتي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشرتي معاملات ۾ اهڙن متضاد لقائن جو شڪار نظر ايندا جو توهان هنن جي تحريرن، تقريرن ۽ عملي زندگيءَ ۾ جهاتي پائيندؤ ته هو توهانکي عجيب و غريب تضادن جو هڪ اهڙو منجهيل سُٽُ محسوس ٿيندا. سندن مداح تاحيات اهو طي ڪري نه سگهندا ته هي ماڻهو آخر آهن ڪهڙي بلا؟!
سائين جي ايم سيد آخر تائين ڌڻيءَ در سربسجود ڪيفيت ۾ نظر اچي ٿو ۽ هي پيارا-جيءَ جيارا، مورؤن ڌڻيءَ جي وجود بابت ئي اهڙن مونجهارن ۾ مبتلا نظر ايندا جو نه کين اقراري چئي سگهجي نه انڪاري، سڏبا سائينءَ جا پيروڪار! ڇيڙيندا راجا ڏاهر جو موضوع، آڱريون اڀيون ڪندا حجاز جي سمورن عربن ڏانهن! ٻيلي بن قاسم جيڪا ڌوڙ پاتي، تنهن ۾ اسلام جو ڪهڙو قصور آ؟! بن قاسم، اسلام جي نالي تي اسان کي قومي راتاها ڏنا ته ڇا جيئي سنڌ جي نالي تي موجوده دؤر ۾ به قومي اڳواڻ سڏجندڙ پنهنجي ئي قوم کي راتاها نٿا ڏين؟؛ پوءِ ان ۾ ڇا جيئي سنڌ تحريڪ ۽ نظريي جو قصور ٿيو؟ اٽي، لٽي، اجهي جي آسري، ڪا سياسي پارٽي عوام جو استحصال ڪري ٿي ته ان ۾ سوشلزم جو ڪهڙو قصور؟! اهو الميو، تاريخي تسلسل سان مسلمانن سميت دنيا جي سمورين قومن سان رهندو آيو آهي ته مقدس شخصيتون، مقدس مقامات، مقدس نظريا ۽ مقدس ڪتاب عوام جي استحصال لاءِ سامراج جو بنيادي هٿيار رهيا آهن! ان ۾ قصور شخصيات، مقامات، نظريات ۽ ڪتابن جو ٿيو! پاڻ ٻڌايو...
حضور اقدسﷺ جي ذاتِ گرامي، تاريخ جي عظيم ترين انقلابي شخصيت طور، پنهنجن خواه پراون وٽان غير مشروط مڃتا ماڻي چڪي آهي، سندن شخصيت جي سمورن انقلابي رخن جو روح ۽ سندن بي مثال انسان دوست ۽ قوم پرور پاڪيزه سيرت جو سرچشمو ”قرآن“ آهي، حضرت محمدﷺ جسم آهي ۽ قرآن ان جو روح آهي! جسم اڄ اسان کان اوجهل آهي مگر روح اسان جي گهر گهر ۾ اسان جي ساڄي کاٻي، اسان جي اتر ڏکڻ ۾، اسان جي اولهه اوڀر ۾، پوري آب و تاب سان پوري جاه و جمال سان موجود آهي!
اسان سان مصيبت اها آهي ته ان روح سان پنهنجو روح واسبو بلڪل به نه، يعني قرآن پاڪ پڙهبو بنهه نه-باقي ان کي به محض تقدس جي چوغي ۾ ساٺ سنؤڻ ۽ ساک پت جي چڪرن جي ور چاڙهي ڇڏبو! ٻيلي، جنهن ڪتاب سمورين انساني سوسائٽين لاءِ سماجي ڌارا جي ريڙهه کي بيهاريو ئي لَيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى جي فطري نقطي تي آهي ته؛ ”هر ڪنهن جي لاءِ اهو ئي حلال آهي، جيڪو هو پنهنجي ذهني ۽ جسماني پورهئي سان ڪمائي“ باقي سڀ جيڪي به آهي سو اڪتناز آهي، ذخيره اندوزي آهي، نج حرامڪاري آهي ته اهڙي سدا بهار ترجمانِ ڪتاب کي لنوائي ڪهڙو سک جو ساهه کڻبو؟!
خدا جو وجود، فطرت جو آواز آهي، ملان جو مسئلو ناهي! الله جو آواز انساني جوهر جي داخلي پڙاڏي جو خارجي ورجاءُ آهي. ڪا فوق الفطرت شيءِ ناهي! ها، ان جي يگاني ذات، سو ماوراءَ الوراءِ، انفس و آفاق کي محيط ضرور آهي، مگر اوپري ۽ ڌاري هرگز ناهي! ڪوتاهي اسان جي فهم جي آهي، نه ته هو ته هر حسين نظاري ۾ هر پل پنهنجو جلوو پيو ٿو پسائي، هر مسحور ڪندڙ آواز ۾ پنهنجي جمال جو ادراڪ پيو ٿو عطا ڪري، هر انساني سوڀيا ۾ جلوه پذير آهي هر حادثي جي پويان هو دائمي سهارو بڻجي اسانکي سنڀالي وٺي ٿو، هر واقعي کي اسان لاءِ پيار مان اک ڀڃي اشارو ڪري پاڻ ڏانهن وري اچڻ جو دڳ سهائي ٿو، هر پيار ۾ هو پنهنجو لقاءُ پسائي ٿو-پاڻ کي اوجهل ضرور رکيو اٿائين پر سمايل هر ساهه-پساهه ۾ آهي! هائو، سو کيس في الحال ڏسي نه ٿو سگهجي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان جي اک اهڙي نرڄي آهي، جيڪا تجسس ۾ ئي جُهدِ بصارت کي متحرڪ رکي ٿي، منزل نظر ملي ويس ته پوءِ بس، اک لڳي ويندي ۽ جُهد جو باب ختم!
سائين جي ايم سيد جو، سنڌالاجيءَ ۾ جيڪو ڪارنر قائم ٿيل اهي، ان ۾ سائينءَ جي ٻين يادگارن سان گڏ مصلو به موجود آهي. مصلو معنيٰ جاءِ نماز! سائين، لاشڪ ته سجدي جي اسرار کان ڪما حقه سونهون هيو. هن، ڀري زندگي ڌڻيءَ در سربسجود رهي معرفت ماڻي. سندس قومي نظريو معرفت جي انمول مالها آهي. مان ساک سان چئي سگهان ٿو ته سائينءَ جي قومي تحريڪ جي آزاديءَ واري نظريي ۾ سائينءَ جي سحر گاهيءَ جو تاثير ضرور بالضرور اوهان کي محسوس ٿيندو-رڳو نرڄائپ ڇڏجي ۽ ان اک سان پسڻ جي ڪجي!
جيترن به سنڌي ڏاهن، دانشورن، شاعرن سان-اڄ تائين جيڪي ادب ۽ ڏاهپ جي ڏس ۾ سنڌي سماج جا نام نهاد ”اڪابر“ سڏجن ٿا، مان انهن مان جن سان به علمي، ادبي نشستون ڪيون آهن، انهن منجهان اڪثر مونکي حقيقت جي ادراڪ ۽ مڃتا کان مورؤن ڇسا، غير سنجيده بلڪه وائڙا نظر آيا آهن؛
اردوءَ جي ڏاهن کي جاچي ڏسو، اهي ڪٿي به توهان کي خدا، رسول ۽ قرآن بابت غير سنجيده نظر نه ايندا حالانڪه روشن خيال ۽ ترقي پسند اهي به آهن، آهن به ليفٽسٽ! پر مجال آ جو توهانکي ڪٿي به علمي ۽ ادبي موضوعات ۾ غير سنجيده ڀاسجن! اها، اسان جي قومي بدقسمتي آهي جو اسان جو ڏاهو ليکجندڙ هر ڪردار، اول تا آخر پنهنجن نظرين، عمل خواه روين ۾ ”عجيب و غريب“ آهي.
ڳالهه انقلاب جي ڪبي، دعويٰ انسان دوستيءَ جي ڪبي، علمبردار سوشلزم ۽ ڪميونزم جو هجبو، ڍُڪ انسان دوستيءَ جا ڀربا پر عملي زندگيءَ ۾ پنهنجن ناروا روين سان انهن مڙني پاڪيزگين تي، کٽي اُلٽي ڏاڪيندا رهندا!
سنڌ جي هر نام نهاد شاعر جي شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري هدف، گهڻي کان گهڻين ڇوڪرين کي مداح بنائڻ هوندو. سچا پچا مرد مداح؛ سندن مدح ڪندا ته کين بڇان ايندي. اهي ئي مرد اگر فيڪ آءِ ڊي ٺاهي ڇوڪري بڻجي وڏي ڏانوَ سان کين ائپروچ ڪندا ته گد گد پيا ٿيندا ۽ بنا گهرڻ جي پهرئين ئي سٽ ۾ کين پنهنجو سيل فون نمبر ڏئي ڇڏبو! جيستائين راز کلي تيستائين پيو بڇڙو ٿبو! پنهنجي گهر کي، نياڻين کي، ننهرن کي کنگهبو به ڪونه، نازڪ جنس جي مداحه جي ٻارڙن لاءِ تحفن جي ڀرمار لائي ڏبي، ڦٻي نه ڦٻي، لپو ضرور هڻبو! معاملات ۾ صفا ابتو هلبو. سمورن سرنديءَ وارن دوستن کان قرض وٺبو، پوءِ تلخيون پيدا ڪري دوري اختيار ڪري وٺبي! واقف ڪار دڪاندارن جو لاڳيتو مقروض رهبو، پبلشرن کان ڪتاب ڇپرائي انهن کي واجبي ادائگين کان پيو رڙائبو، ڳالهه انقلاب جي ڪبي، دعويٰ سنڌ دوستيءَ جي ۽ سوچ جو ڪينواس عالمي سطح تي پورهيتن کي سرمائيدار لڏي کان نجات ڏيارڻ تائين وسيع رکبو! شراب ٻين جو پيئبو، چرس جون اِٽيون راڄن تي، ڀنگ جا پيالا مولائين تي ۽ گفتگوءَ جو محور هوندو؛ اشتراڪيت! پنهنجو در ڪنهن کي به نه ڏيکاربو، سدائين ٻين جو مهمان رهڻ جو پاڻ سان وچن ڪري ڇڏبو!
هائو، غير نظرياتي ڏات ڌڻي ايئن ئي هجن ٿا، صفا غير سنجيده، بلڪل غير ذميوار! خدا مخالف به صرف ان ڪري هجبو، متان زندگيءَ جي ڪنهن فطري ضابطي جي، ڪٿي ڪا پاسداري ڪرڻي پئجي وڃي!
هڪڙي غريب ڪامريڊ دوست سان لاهور ياترا تي وڃڻ ٿيو. مون رهائش جو اتنظام لاهور ۾ اڳواٽ ڪيو هو پر هڪ ڏينهن اڳواٽ لاهور پهچڻ جي ڪري اها رات اسان کي ڪنهن ٻئي هنڌ گذارڻي پئجي وئي. پنهنجن دوستن سان مون رابطو ڪيو جن سان حجتون هيون، انهن وٽان خاطر خواه موٽ نه ملڻ تي منهنجي همسفر دوست پنهنجي ڪامريڊ لڏي جي هڪ غريب ڪامريڊ سان رابطو ڪيو. ڇاڪاڻ ته اهو غريب هيو، تنهنڪري سندس دل وڏي هئي. شيخ سعديءَ چواڻي؛ ”اميرن جي پوري ولايت ۾ کانئن علاوه ٻيو ڪنهن لاءِ به گنجائش ناهي هوندي ۽ مسڪين جي هڪ رليءَ ۾ ڏهه فقراء به ماپي ويندا“... غريب ڪامريڊ جي تڏي تي، منهنجي همسفر يار جي زبان تي واکاڻ ان امير ڪامريڊ جي هجي. امير ڪامريڊ جون وڊيو ڪلپس ڏيکاري جنهن ۾ هو دنيا جهان جي فلسفن تي ڳالهائي اهو ثابت ڪرڻ چاهي ته؛ ”خدا جو تصور هڪ موهوم خيال آهي“... غريب ڪامريڊ ڇاڪاڻ ته اسان جو ميزبان هيو ۽ وڏو ڪو وضعدار به، ته هن في الحال ته چپڙي ڪري ان امير ڪامريڊ جي واکاڻ ٻڌڻ برداشت ڪئي پئي، جڏهن مون واري همسفر يار، واکاڻ ۾ حدون اورانگهڻ شروع ڪيون ته غريب ڪامريڊ جي ايماني غيرت ڀڙڪو کاڌو ۽ امير ڪامريڊ بابت مونکي سندس عملي زندگي ۽ وهنوار بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ لڳو!
مون پنهنجي همسفر يار کان پڇيو ته ان فلاسافر ڪامريڊ جو لاهور وارو گهر ڪيتري رقبي ۾ ٺهيل هوندو؟ يار ڪڏهن ڏٺو هجي ته ٻڌائي نه!
غريب ڪامريڊ ٻڌايو ته ايڪڙ کن ۾ ٺهيل اٿس ۽ ايڏي ڪشادي گهر ۾ رهائش پذير، ڪل ٻه چار ڀاتي ۽ ٻيا نوڪر چاڪر بس! غريب ڪامريڊ جي معلومات ڏيڻ جي انداز مان مون کي اندازو ٿي ويو ته هو ڇا ٿو باور ڪرائڻ چاهي! مون پنهنجي همسفر يار کان پڇيو، اگر پاڻ ان امير ڪامريڊ سان رابطو ڪري کيس رهائش ڏيڻ لاءِ خواهش ڏيکارؤن ها ته، ڇا ٿو ڀانئين، رهائي ها؟! يار چپ ٿي ويو! ٻيهر ساڳئي سوال جي جواب ۾ هن جو ڪنڌ نهڪر ۾ لڏيو!.. ۽ هي ڏس غريب ڪامريڊ، هڪ ڪمري جي مسواڙي گهر ۾ ڪيئن اسان ٽن ڄڻن (مون سان منهنجو ڊرائيور به هيو) کي ڪيئن ڪشاده دليءَ سان رهايو اٿائين، چهري تي رنج جي ڪا به ريکا نه اٿس، ڏسندو وڃ ۽ زماني جي راند جو اندازو ڪندو هل!
*
ايئن ڇو آ، هوند وارن وٽ سڀ ڪجهه هوندي به سندن دل سوڙهي ڇو هوندي آ؟ ۽ غريبن وٽ سڀ ڪجهه محدود مقدار ۾ هوندي به هنن جي دل وشال ۽ لامحدود ڇو هوندي آ؟! جواب صفا سهنجو آ؛ ڇاڪاڻ ته جنهن دل ۾ دولت جو واسو ٿيندو آهي ان مان اڪثر ڪري ماڻهپو کسڪي نڪري ويندو آهي جو دولت ۽ ماڻهپي جي پاڻ ۾ تمام گهٽ پوندي آ! غريب جي دل فڪرات کان آجي هوندي آهي ان ڪري ماڻهپي کي اتي قرار ملندو آ ۽ ماڻهپو اتي ترسيو پيو هوندو آ! منهنجي سائينﷺ به ڌڻيءَ در ڇا ته معنيٰ خيز انداز ۾ ٻاڏايو هو؛
اَللّٰھُمَّ اَحْيِنِی مِسْكِينًا، وَاَمِتْنِی مِسْكِينًا،
وَاحْشُرْنِی يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِی زُمْرَةِ الْمَسَاكِينِ
”مٺا، مونکي مسڪين ڪري جيار ۽ مسڪينيءَ ۾ ئي پاڻ ڏانهن سڏائجان. محشر ۾ به مونکي مسڪينن جي ئي جماعت ۾ پاڻ وٽ گهرائجان.“
ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته دولت کان مطلق نفرت ڪجي! بلڪه پاڻ سڳورن ته حجاز جي معاشي حب؛ مڪي تي پنهنجي سوڀ پئي چاهي ۽ ان سوڀ ماڻڻ لاءِ هيڏي ساري انقلابي تحريڪ جاري رهي. منهنجي سائينءَﷺ پنهنجن سمورن ساٿين جي غربت جا ڏوجهرا ختم ڪرڻ جا سانباها فرمايا، پر سندن تربيت ۽ تزڪيو اهڙو فرمايو، جو دولت، سندس ساٿين ۾ ڪنهن جي به دل تي واسو نه ڪيو، اها ٻاهرين ٻني تي رهي ۽ سمورن جون دليون ماڻهپي سان ڀرپور هيون، جو قرآن به انهن جي واکاڻ هنن لفظن ۾ فرمائي ته؛
اَشِدَّاءُ عَلَی الْكُفَّارِ رُحَمَاءُ بَيْنَہُمْ
”ڪاپاٽين لاءِ صفا پويون ڏينهن ۽ ساٿين ۾ هڪ ٻئي لاءِ ٻاجهه جو سنسار.“
۽ منهنجي سائينءَ پنهنجي سٿ بابت مالڪ ڏانهن دست بدعا ٿي ٻاڏايو هو ته؛ ”مٺا! مسڪيني منهنجي ساٿين ۾ اختلاف پيدا نه ڪيا، هاڻي بهتر معاشي پاليسين سبب خوشحالي، اجها، اکيين نظر پئي اچي، سو مونکي دولت جي فتني کان پنهنجن ساٿين بابت الڪو پيو ٿئي“!
*
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته دولت جي ڏائڻ بهرحال، مسلمانن جو آخرڪار ڍينگو ڍيري ڪري ئي ڇڏيو-پر پاڻ اهميت جو اندازو ڪريون پيا مسڪينيءَ جي فلسفي جو! قبيح، مسڪيني ناهي، نفعي خور سوچ خطرناڪ آهي-جيڪا سرمائيداريءَ جو بنيادي زهريلو عنصر هجي ٿي!
سو ڳالهه غريب ڪامريڊ جي ماڻهپي جي پئي هلي، اسان اها رات وٽس گهاري. تڪلف برطرف جي مصداق، حال پريان نال-اسان کي وٽس ڏاڍو قرار آيو. اوطاق جو ننڍڙو ڪمرو هيو، ڊرائيور هڪ صوفي تي ستو، يار مون وارو ٻئي صوفي تي ۽ مان پٽ تي سمهي رهيس، بي الڪي ماحول ۾ پرسڪون ننڊ جو اهو لطف هي جملا لکڻ وقت به ڄڻ ذهن کي مخمور پيو ٿو ڪري.
مان هوٽل جي مصالحن واري ماني نه کائي سگهندو آهيان، اهو ذڪر غريب ڪامريڊ سان ٿي چڪو هيو، ان لاءِ ته جيئن هو، صبح جو نيرن، مصالحن کان پاڪ رکي. حيادار ۽ ذميوار ايڏو، جو جيترا به ڏينهن لاهور ۾ رهياسين، اسان کي اسان جي رهائش تي، گهر ۾ تيار ڪيل سادي ماني پهچائيندو رهيو، حالانڪه هن جي گهر ۽ هاسٽل ۾ ويهن ٻاويهن ڪلو ميٽرن جو فاصلو هو!
ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪ منڪرِ خدا ڪامريڊ بابت تاثرات ڏسو ۽ هڪ خدا جي اقراري ڪامريڊ جو ڪردار ڏسو. سموري ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي ويندي. سائين جي ايم سيد به خدا ترس انسان هيو، هن جي شخصيت ۽ نظريات کي منفي رخن ڏانهن کڻي وڃڻ، سائينءَ خود سان، قوم سان ۽ تاريخ سان کؤنسڻ آهي، هائو!
محمد خان ابڙو جي جدوجهد، واقعي مثالي آهي. ان پيچري کي اسين جيڪڏهن شوق، محنت، سچائي ۽ مسلسل جدوجهد جي رخن کان جاچيئون ته حق بجا آهيون.
هن ڪتاب جي منظر تي اچڻ کان پوءِ اسين پنهنجي قومي تحريڪ جو نئين سري سان اڀياس ڪنداسين ته اسانکي انڌيرن پيچرن ۾ هن ڪتاب مان روشنيءَ جون ڪجهه لاٽون ملي پونديون. اسان جو موجوده نسل ۽ اسان جا ايندڙ نسل پنهنجي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي حاصلات لاءِ وڌيڪ خطائون ڪرڻ کان بچي پوندا. نوان رستا نيون راهون ميسر ٿنديون. قومي تحريڪ ۾ هاڻي نئون روح ڦوڪي سگهجي ٿو.
مولانا عبيدالله سنڌي جلا وطنيءَ تان واپس آيو هو ته هن پنهنجي قومي تحريڪ کي نئون موڙ ڏيڻ وقت تقرير ۾ فرمايو هو ته؛
”اسان هڪ جهاز ٺاهيو، ان ۾ بنا پرکڻ جي هر هڪ کي سوار ٿيڻ جي اجازت ڏيندا وياسين، سوارن منجهان ڪجهه ماڻهن حرڪت ڪئي ۽ جهاز ۾ سوراخ ڪڍي ڇڏيا ۽ سمورو جهاز ٻڏي ويو. خدا جي فضل سان اسانکي هڪ تختو هٿ لڳي ويو، جنهن جي سهاري اسين ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هاڻي اسان منزل ڏانهن وڌڻ لاءِ جيڪو نئون جهاز تيار ڪنداسين ان ۾ هر سوار کي تڪي توري پوءِ کڻبو ۽ پوءِ به پوري بيداري ۽ وڏي هوشياريءَ سان سفر آزاديءَ جي منزل طي ڪبو.“
سو هي ڪتاب به مولانا سنڌيءَ جي تجزيي مطابق قومي تحريڪ لاءِ هڪ نئين سفر جي آغاز جو اهڃاڻ ثابت ٿيڻ گهرجي. ممڪن آهي ته هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ بعد، سنڌ جو موجوده نسل محمد خان ابڙو تائين رسائي ڪري ۽ منجهانئس قومي تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ جي سندس ڪتاب جي ملحوظ توقع ڪري وجهي ته ان لاءِ محمد خان ابڙي کي قوم جي آڏو هر حوالي سان هڪ رول ماڊل بڻجي پيش پوڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ گهرجي، نه ته ڪتاب لکڻ جو ڪوبه عملي فائدو سامهون نه ايندو؛
ایں دعا از من و از جملہ سندھ آمین باد!
عبدالمؤمن ميمڻ
05 نومبر 2020ع
ڪراچي