قربان ڪلهوڙو
جيئن اليڪشن جي پڄاڻي ٿي مون ڪاليج ۾ پرنسپال کان ٻه ڪمرا يونين آفيس لاءِ ورتا ۽ جيڪو ڪاليج ۾ فرنيچر هئو ان مان ڪجهه ڪرسيون ٽيبلون ۽ ٻيو سامان وٺي آفيس قائم ڪئي.
سڀ کان پهرين پنهنجي يونين جي صدر قربان ڪلهوڙي کي ڪاليج جي يونين آفيس ۾ گهرايم کيس عزت ۽ احترام سان ويهاريم چانهن پياريم ڪجهه دير کان پوءِ باقي جيڪي شاگرد ۽ يونين جا عهديدار هئا، تن کي چيم ته اسان کي پاڻ ۾ ڳالهائڻو آهي اوهان ٻئي ڪمري ۾ وڃي ويهو. هليا ويا صدر صاحب کي گذارش ڪئي ته هيءُ اڇا پنا آهن تقريبن 20 کن اڇا پنا هجن انهن تي پنهنجو نالو ۽ عهدو لکي دستخط ڪيو. هن مون ڏانهن نهاريو مون چيو ته توکي صرف ان ڪري گهرايو اٿم متان ڪو ڪاليج ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم اچي آئون توکي ڪٿي پيو ڳوليندس. چيائين آئون ته ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ايندو رهندس. مون چيو تو جيڪو اليڪشن کان اڳ ۾ رويو رکيو اها توکي خبر آهي ان ڪري آئون آخري دفعو توکي چوان ٿو ته ڪاغذن تي دستخط ڪري ڏي هن پين کنئي سڀني ڪاغذن تي نالا لکي عهدو لکيائين ۽ سڀني پنن تي دستخط ڪري منهنجي حوالي ڪيائين. مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ وڌيڪ عرض ڪيو مانس ته منهنجي طرفان ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن تعلقي طرفان تنهنجي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۽ شاگردن سان رابطي ڪاريءَ تي پابندي وڌي ٿي وڃي. تنهنجي ان ڳالهه جي اها سزا آهي جو اليڪشن ۾ صدر جي عهدي لاءِ بيهي غداري ڪري ڪوڙل شاهه جي چوڻ تي منهنجي سموري پلان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هيئي. اها ته منهنجي محنت ۽ الله سائينءَ جو ڪرم هو جو اليڪشن کٽي ويس هاڻي جي تون وري ڪڏهن ڪاليج ۾ نظر آئين ته اها تنهنجي پنهنجي ذميواري هوندي. هاڻي جي تون وڃڻ چاهين ته ڀلي هليو وڃ آءٌ ڪونه ٿو چاهيان ته توسان بدمزگي جو ماحول پيدا ڪري توتي ۽ پاڻ تي ماڻهو کلايان ان ۾ ئي تنهنجي عزت آهي. هن چيو ته معنيٰ هاڻي تون منهنجي دستخط وارن اڇن پنن تي منهنجي استعفا لکي موڪليندين. مون چيو ته اهو موقعو آيو ته اها تون پاڻ اچي لکي ڏيندين. باقي هاڻي تون نالي ماتر صدر آهين، وڃي لئه ڪر ليڪن تنهنجو ڪاليج ۽ شاگردن ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو. هو به سياڻو هو وقت ۽ ماحول جي نزاڪت کي سمجهي ويو ۽ مايوس انداز ۾ اٿيو، موڪلايائين مون هن کي عزت سان الوداع ڪيو ٻئي ڪمري ۾ ٻيا دوست ويٺل رهيا اندروني معاملي جي اسان ٻن کان سواءِ ڪنهن کي به خبر ڪونه پئي پوءِ انٽر جي امتحان جو فارم ڀرائڻ آيو ۽ امتحان ڏئي فارغ ٿي ويو وري مون کي ياد ڪونه آهي ته هن سان ڪا ملاقات ٿي هجي هيءُ ڪاٿي آهي ڇا پيو ڪري مون وٽ ڪو اطلاع ڪو نه آهي شايد هيءُ ڪتاب وري کيس ماضيءَ ۾ وٺي وڃي ۽ وري ڪي ڳالهيون ياد ڪري. باقي تصديق يا ترديد ڪرڻ هن جو حق آهي.