سيني بازيءَ جو ڪرتب
اسين هڪ ڀيري عبدالله شاهه جي ريڙهي تي آياسين. ٿڌو وغيره پيتوسين شاهه صاحب کي منهنجي نالي چيائين ته هيءُ ڇوڪرو اهو ڪرتب ڪري سگهندو. صرف هڪ هفتو هن تي محنت ڪبي ۽ هن کي ٻڌائبو ته گاڏي هلڻ مهل ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي ڏاڍو مون کي چيائون، زور به رکيائين پر مان انڪار ڪيو جو مون کي ڊپ پئي لڳو ته ٿورو به پير ٿڙيو يا Disbalance ٿيو ته مري ويندس. ان ڪري ان کان پري رهيس. باقي اٽي جي چڪي کڻڻ شروع ڪيم. ان ۾ سيني ۽ ٽنگن جي سٿرن تي ٿلهو ڪپڙو رکي ٽي چار همراهه اهو پُڙ کڻي رکندا هئا. مان زمين تي سڌو سمهندو هئس ۽ اهي ٻئي پڙ منهنجي سيني تي هوندا هئا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ايترو ٿيو جو ٽي چار ماڻهو به مٿان بيهندا هئا ۽ ايئن ستي پئي سيني تي اهو وزن ويهن مڻن تائين پڄندو هئو. پوءِ مون کي ياد آهي ته ڀٽي صاحب جي حڪومت جو شروع وارو دور هجي، لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ راندين جو ميلو لڳو هئو. عبدالله شاهه مون کي تيار ڪري وٺي هليو ۽ چيائين اتي پنڃريءَ ۽ ويٽ لفٽ وارا وڏا گهڻا پهلوان هوندا، جيڪي توکان وڌيڪ پنڃري کڻي ويندا ليڪن تون اهو سيني وارو وزن کڻجان هڪ ته اهو هر پهلوان ڪونه کڻندو آهي ٻيو ته ان ٽيڪنيڪ ۾ توکان ڪير وڌيڪ نه هوندو. شايد 1974ع جي ڳالهه آهي اسين لاڙڪاڻي وياسين عبدالله شاهه ان ميلي ۾ اعلان ڪرايو ته هاڻي سيوهڻ جو نوجوان ڇوڪرو جنهن جي عمر 17-16 سال آهي، پنهنجي سيني تي ٽيهن کان چاليهه مڻ وزن کڻندو هوڏانهن اعلان ٿيو هيڏانهن مان منجهي پيس ته ايترو وزن کڻي ڪٿي مري نه وڃان! الائي شاهه صاحب جي دشمني ته ڪانهي دل چيو ته پاسو وٺي ڀڄي نڪران پر شاهه صاحب گڏ هو مون کي چيائين هل ميدان تي مون ڏي نهاري چيائين ته پريشان نه ٿي تون سڀ ڪجهه ڪري ويندين. مان توسان گڏ ۽ الله تنهنجو نگهبان ۽ رکوالو آهي. مان سمجهان ٿو ته توکي ڪجهه نه ٿيندو. شاهه صاحب هر انتظام ڪرائي ڇڏيو هو. پٿر جي 9 مڻن جي چڪي آئي. مون کي سڌو سمهاري چڪيءَ کي منهنجي ڀرسان اڀو ڪري پوءِ چئن ماڻهن هن کي ٻئي پاسي جهلي آهستي آهستي منهنجي سيني ۽ ٽنگن جي سٿرن تي رکي پهرين چڪي رکيائون پوءِ چڪيءَ جي مٿان وڏو هڪڙو ڪاٺ جو تختو رکيائون جيڪو منهنجي کاٻي ۽ ساڄي چڪيءَ کان 2 – 2 فٽ ويڪرو هجي ان تي ٻه ٻوريون اَنَ جون هڪ طرف منهن ڪري رکيائون ٻه ٻوريون ان جون ٻئي طرف رکيائون اهو وزن ٿيو اندازاً ويهه مڻ! هاڻي شاهه صاحب اتي اڳئي 8 ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا. جيڪي ميلي جا تماشائي هئا شاهه صاحب سان صرف همراهه ماسٽر عبدالله ميمڻ هجي، جيڪو هن کي هر ڪم ۾ مدد پيو ڪري. ايئن هڪ طرف شاهه صاحب ٻئي طرف ميمڻ صاحب چئن ماڻهن سان بيٺا هجن ۽ هاڻي شاهه صاحب سڀني کي چيو ته انهن ڳوڻين جي مٿان چڙهي وڃو، جيڪو ڪاٺ جو تختو هئو. اهو چڙهڻ ۾ ماڻهن کي ڪم آيو ۽ ايئن 10 ماڻهو منهنجي سيني جي مٿان ٺيڪ هڪ منٽ جي اندر چڙهيا بيٺا ۽ لٿا، خدا ڄاڻي مون کي ڊپ ته گهڻو هئو پر ڪجهه ڪونه ٿيو ۽ ايئن چاليهن مڻن جي لڳ ڀڳ وزن مون کي کڻايو ويو. مون کي يادگيري آهي ته ان وقت سنڌ اسيمبليءَ جو پ پ پاران چونڊيل ميمبر سردار واحد بخش ٻگهيو مهمان خاص هئو. اهو اتان ان مهل اٿي ميدان ۾ آيو مون کي شاباس به ڏنائين ۽ هڪ سؤ روپيه انعام به ڏنائين. ميله ڪميٽيءَ وارن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ چيائين اهو سرٽيفڪيٽ مون کي مليو. ليڪن مون کي اندازو نه هئو ته ان سرٽيفڪيٽ جي ڪهڙي اهميت هوندي آهي اڄ هيءُ مان لکان پيو ته اهو سرٽيفڪيٽ ياد پيو اچي. جي رڪارڊ تي هجي ها ته ان جو عڪس هتي ڇاپجي ها. پر مون مٿي عرض ڪيو ته سخت حالتن ۽ ڏکي زندگيءَ جي ڪري پنج درجا پڙهي 68ع ۾ پڙهائي ڇڏي ڏنم ته اهڙين شين جي اهميت جي خبر ڪونه هئي. ليڪن عبدالله شاهه چيو ته پٽ هي ڪاغذ جو ٽڪرو نه سمجهجانءِ. هن جي اهميت جي خبر توکي تڏهن پوندي جڏهن اسان جيترو ٿيندين، هن کي سنڀالي رک!
ان آکاڙي ۾ وڃڻ جي ڪري ورزش سبب جسماني طاقت ۾ واڌارو ٿيو. بت مضبوط، جسم چست، ان جا آثار اڄ تائين منهنجي بدن ۾ موجود آهن.