رجسٽريشن جو واقعو
بهرحال مان پنهنجي ان ڪاميابيءَ تي تمام گھڻو خوش هيس جو اسان جي پهرين دفعي اسلام اباد وڃڻ سان ئي اسان جي يونين رجسٽرڊ ٿي. جيڪا اسٽيٽ بئنڪ جي ٺهڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي طرفان نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن ٺاهڻ کان وٺي ڪابه قيادت اها يونين ملڪي سطح تي ڪونه قائم ڪري سگھي. اها منهنجي وڏي ڪاميابي هئي.جنهن تي ”سبيوا“ وارن جشن به ملهايو.
هاڻي ايندڙ مرحلو ريفريڊم جو هيو. 1995 ۾ اسان کي رجسٽريشن ملي. اسان اين آءِ آر سي ۾ ريفرينڊم چئلينج ڪيو. سترهن يونينون اسان جي خلاف اچي گڏ ٿيون. انهن هڪ قانوني نقطو اهو به اٿاريو ته پهريان اسٽيٽ بئنڪ کي ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ ڊڪليئر ڪيو. هن اداري ۾ برانچ سطح تي 17 يونينون ڪم ڪري رهيون آهن. ان دوران پ پ جي حڪومت وڃي چڪي هئي. ايسيتائين مخالفن به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلو چئلينج ڪيو! پر جيئن ته چيئرمين نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن هڪ آئيني عهدو آهي اهو موجود هيو. ان کان بعد اسين اسٽيٽ بئنڪ کي سي بي اي جو درجو ڏيارڻ جو اسٽيٽس وٺي آياسين. هاڻي ريفرينڊم کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هيو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته پ پ جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي. ان ڪري اسان جي حمايت به ختم ٿي چڪي هئي. ان تي لياقت ساهيءَ چيو ته چيئرمين نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن رانا شوڪت محمود اوهان جو سٺو خيال ڪري ٿو. سو هلو ته ان سان ملون ٿا.
صبح جو نائين وڳي هن جي گھر پهتاسين. هو به نڪرڻ وارو هيو. اڃا گاڏي اسٽارٽ ٿي رهي هئي ته اسان وڃي السلام عليڪم ڪري ملياسين. ان دوران هن ملاقات ڀيري، هن جا تيور ئي ٻيا نظر آيا. انتهائي غصي جي حالت ۾ هيو. انتهائي رُکي انداز ۾ پڇيائين ته ڇا آهي؟ مون چيو ته؛ مان اسٽيٽ بئنڪ يونين وارو محمد خان ابڙو، شايد اوهان ڪونه سڃاتو! جواب ڏنائين ته سڃاڻان ٿو، ٻڌايو ته ڇو آيا آهيو؟
مون چيو ته سائين اوهان هاڻي صرف آرڊر ڪيو. ڪيس اوهان وٽ آهي. ڪافي دير ٿي چڪي آهي. هاڻي مهرباني ڪيو. هن غصي ۽ حقارت واري انداز ۾ چيو ته تو کي اهو اندازو آهي ته مان جج آهيان؟
مون چيو ته برابر سائين اوهان هاءِ ڪورٽ برابر جج آهيو. ان تي چيائين ته توکي همٿ ڪيئن ٿي ته هڪ جج تي دٻاءُ وجهي رهيو آهين. ان تي مون کي به ڪاوڙ لڳي ۽ چيو مانس ته راڻا صاحب مون اوهان جهڙو ڪم ظرف ماڻهو پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آهي. پ پ حڪومت هوندي تون مون کي گھر ۾ رهائڻ لاءِ تيار هئين ۽ هاڻي اسان سان صحيح طرح سان ڳالهائين به نه ٿو. تون صفا بيڪار قسم جو ماڻهو آهين. ايئن چئي مان هن کي ٻڌڻ کان سواءِ ئي اچي پنهنجي گاڏي ۾ ويٺس. ان تي مون محسوس ڪيو ته لياقت ڏاڍو پريشان هيو ۽ مان بلڪل مطمئن هيس. ان تي هن چيو ته اسان کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ها. ان تي مون چيو ته اسين هي سڄو ڪم پنهنجي عزت جي لاءِ ڪيون پيا. اگر اها عزت ئي نه ملي ته اهو سون ئي گھوريو جيڪو ڪَن ڇني. ان تي هن چيو ته ڪورٽ ۾ جڏهن آواز اچي ته تون نه هلجانءِ. مون چيو ته مان ضرور ويندس. ان تي لياقت چيو ته ٿي سگھي ٿو جج اوهان کي توهين عدالت جي الزام ۾ لاهور جيل موڪلي. اها ته وڏي بي عزتي ٿي پوندي. مون چيو ته ڏسون ته انصاف جي مسند تي ڪيئن ٿو ڳالهائي؟!
بهرحال اسين ڪورٽ پهتاسين ته هو به چيمبر ۾ پهتو. ان دوران اسان کي به تڪڙو سڏ ٿي ويو. هن فائيل ڏسڻ کان سواءِ ئي مون ڏي نهاريو. هن جي نظر انتهائي خوفناڪ هئي. هو وحشي بگهڙ پئي ڀاسيو. ڪاوڙ جي انداز ۾ چيائين ته هاڻي ڳالهاءِ جيڪو تون گھر ۾ ڳالهائي آيو آهين. مان خاموش رهيس وري چيائين ته ڪڇين ڇو نه ٿو. آهستي آهستي هن جي ڪاوڙ وڌندي رهي. آخرڪار هن دانهن جي انداز ۽ ڪاوڙ ۾ چيو ته هي ٽوپي وارو (ان وقت مون کي سنڌي ٽوپي پهريل هئي) صبح منهنجي گھر آيو هيو. هن مونتي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي ڀِت وانگر خاموش بيٺو آهي. مون کي ان وقت لياقت، التجائي انداز ۾ خاموش رهڻ جو چئي رهيو هيو. جڏهن ته وڪيل به اشارن اشارن ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪري رهيو هيو. بهرحال، هو ان تاڙ ۾ هيو ته مان ڪو هڪ به نقطو ڳالهايان ته هو مون کي جيل ۾ وجھي ڇڏي. ان وقت يونين جا حامي ۽ مخالف سڀ ويٺا رهيا. مان صرف ايترو ڪڇيس ته جج صاحب اوهان منهنجو ڪيس نه ٿا ٻڌي سگھو. هِن ان وقت ئي منهنجو ڪيس ٻئي جج کي منتقل ڪيو. جتي ڪجهه سرس خرچ آيو بهرحال 1999ع جي ريفرينڊم جي تاريخ ملي.
اسان ريفرينڊم لاءِ تمام گھڻي ورڪ ڪئي. ان ڪم لاءِ اسين لاهور، ملتان، فيصل آباد، بهاولپور وغيره پهتاسين. ان دوران لاهور يونين وارن نواز شريف جي سفارش هٿ ڪري ريفرينڊم کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن کان اسٽي آرڊر وٺي ريفرينڊم روڪرائي ڇڏيو. اسان کي اها خبر تڏهن پئي جڏهن اسين لاهور جي هڪ هوٽل ۾ جلسو ڪري رهيا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسين اليڪشن کٽڻ لاءِ پراميد هياسين ان ڪري هال ۾ هر ڪو روئڻ ۾شروع ٿي ويو. ان تي مون چيو ته ٿي سگھي ٿو ته ريفرينڊم به ٿئي ۽ اسان کي شڪست به اچي پوءِ به ڇا اوهان روئندا؟! اوهان همٿ ڪيو. اسين پنهنجي جدوجهد تان هٿ ڪونه کڻنداسين. اهڙي ريت هنن کي به ڀڄڻ ڪونه ڏينداسين. ۽ انهن ڏينهن ۾ اتفاق سان، پرويز مشرف نواز شريف کي هٽائي پاڻ اچي ملڪ جو مالڪ ٿي ويٺو ۽ اسان کي به ريفرينڊم جي تاريخ ملي وئي.
ان دوران سڀني سمجھي ورتو ته اسان ئي ريفرينڊم کٽي وينداسين. ان ڪري سڄي پاڪستان مان دوستن رابطا ڪيا. هاڻي اسان جي يونين جي سيٽن جي ورهاست جو مسئلو سامهون آيو. اها حقيقت هئي ته سڀ کان گھڻا ووٽ پنجابين جا هيا. ٻئي نمبر تي اردو ڳالهائيندڙ، ٽئين نمبر تي سنڌي ۽ بلوچ جڏهن ته چوٿين نمبر تي پٺاڻ ۽ هزاري وال هيا. هاڻي اهو ِضروري ٿي پيو ته ڪراچيءَ جي ٻن اهم عهدن مان هڪ عهدو لاهور کي ملي! جڏهن ته اسان جو جنرل سيڪريٽري به پنجابي هيو. ان ۾ لياقت ساهيءَ جي به ڪجهه ڪوشش هئي. ڇو ته هو سمجھهندو هيو ته اگر محمدخان ابڙي جي يونين، سي بي اي ۾ هلي وئي ته منهنجي يونين کي هلڻ ڪونه ڏيندو. جي صدر لاهور جو ٿيو ته آئون پنهنجي يونين ۾ يگانو هوندس. سڀ اختيار مون وٽ هوندا. سبيوا وارا ڪونه هيا. مگر منهنجو مؤقف چٽو هيو ته يونين منهنجي ڪري رجسٽرڊ ٿي آهي. سمورو ملڪ لتاڙيو اٿئون. پوءِ چار ڪيس وڙهي جڏهن ان لائق ٿيا آهيون ته هاڻي مون کي پنهنجي عهدي جي قرباني ڏيڻي پوندي؟! ان دوران لياقت ساهي، لاهور وارو ملڪ ارسلان ۽ ڪوئٽا وارو عبدالنبي آيا ته هڪڙو حل آهي. مون چيو ته ڪهڙو حل آهي؟ انهن چيو ته اسين توکي سرپرست اعليٰ جو عهدو ڏيون ٿا. مان هنن جي چال سمجھي ويو هيس. هنن کي اندازو ڪونه هيو ته جتي هُنن جي سوچ ختم ٿيندي آهي، اتان مالڪ جي ڪرم سان منهنجي سوچ شروع ٿيندي آهي. هنن سوچيو ته هن کي صرف زباني عهدو ڏينداسين. ان تي مون چيو ته منهنجا اختيار ڪهڙا هوندا؟ انهن چيو ته اوهان جيئن چونداتيئن ئي ٿيندو! جنرل باڊيءَ جي مٿان مون کي مقرر ڪيو ويو. هنن کي اهو پتو ئي نه پيو ته هنن ڇا ڪيو آهي. ڇو جو مان ان جي اهميت سمجھي ويو هيس. اهڙي ريت منهنجا مطالبا منظور ڪيا ويا. آئين ۾ ترميم ڪئي وئي. منهنجو اهو به شرط مڃيو ويو ته منهنجي هيٺان ڪوبه نائب نه هوندو. آخرڪار مان ”ڊيموڪريٽڪ ورڪرز يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان“ جو سرپرستِ اعليٰ چونڊجي ويس. عهديدارن جي فهرست ڪجهه هن ريت هئي.
سرپرستِ اعليٰ
• صدر_ پوءِ ان جي هيٺان پنج نائب صدر
• چيئرمين_پوءِ ان جي هيٺان ٽي وائيس چيئرمين
• جنرل سيڪريٽري_ پوءِ ان جي هيٺان پنج جنرل سيڪريٽري
• خزانچي_ ۽ڊپٽي خزانچي
• اطلاعات سيڪريٽري
• آفيس سيڪريٽري
• 27 ڪاروباري ڪميٽيءَ جا ميمبر
اسان جي 50 جي لڳ ڀڳ عهديدرارن تي مشتمل يونين هئي.
اهڙي ريت اسين 4 وڏن مطلب ته سرپرستِ اعليٰ جي اميدوار محمد خان ابڙي، صدر لاءِ ملڪ ارسلان خان (لاهور)، جنرل سيڪريٽري لياقت علي ساهي (ڪراچي) ۽ چيئرمين عبدالنبي بلوچ (ڪوئٽا) مان ڌڙا ڌڙ ورڪ ڪئي. ۽ سڄي ملڪ جو دورو پڻ ڪيو. مٿين اهم عهدن ۾ توازن پئدا ڪرڻ لاءِ چيئرمين جو عهدو پشاور وارا به گھري رهيا هئا ته ڪوئٽا وارا به ضد ڪري رهيا هئا. مگر منهنجي مؤقف ۽ ڪنهن حد تائين هوڏ جي ڪري هو مڃي ويٺا. آخرڪار 29 جنوري 2000 ع ۾ ٿيل ريفرينڊم ۾ اسان ڪاميابي ماڻي ۽ ايم ڪيو ايم کي دفن ڪري ڇڏيوسين. جنهن جو مان بئنڪ جوائن ڪرڻ وقت عزم ڪيو هيو.