آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

جي ايم سيد جي مهمان نوازي

هڪ دفعو سائين وٽ وڃڻ ٿيو، اتي خبر پئي ته مير رسول بخش ٽالپر به اچي پيو. نوڪرن کي چيائين ته مير صاحب سان ته خبر نه آهي ڪيترا ماڻهو هجن هتي پاڻ وٽ به ڏهه پندرهن مهمان اچي چڪا آهن اوهان ڏهن، ماڻهن جي وڌيڪ ماني تيار ڪجو مير صاحب اچي ٿو. سائين جي ايم سيد وٽ منجهند جي مانيءَ ۾ هميشه هڪ ڇيلو ضرور ذبح ٿيندو هئو جو تقريبن مهمان-جن ۾ وڏو تعداد شاگردن جو هوندو هو منجهند جي وقت پهچي ويندا هئا ۽ سائينءَ سان ڪچهري ڪري شام ڌاري هليا ويندا هئا باقي جن کي ترسڻو هوندو هو سو ڳچ مهمان يا شاگرد ٽِڪي به پوندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ مير صاحب، چئن-پنجن ماڻهن سان اچي نڪتو قد جو پورو پنو رعبدار شخصيت-مڇون وڏيون ۽ وٽيل! سائينءَ به اٿي سندس ۽ سندس مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ اتي ئي گڏيل ڪچهري ٿي جنهن وقت ماني لڳي ته ايئن ڪونه ٿيو ته هڪ سابق گورنر يا سنڌ جو منفرد انداز رکندڙ سياستدان ۽ زميندار کي الڳ ماني کارائجي جيئن اسان وٽ اڪثر سنڌ جا وڏيرا، جاگيردار ۽ پير ڪندا آهن. اسين ۽ شاگرد ته سائين جي ايم سيد جا معتقد، پوئلڳ ۽ ورڪر هياسين جي اسان کي حڪم ڪري ته سندس مهمانن جا هٿ به ڌورايون ليڪن سيد ڪڏهن به ڪنهن ورڪر سان اهڙو ورتاءُ نه ڪندو هئو. انهن ڪمن لاءِ خاص ماڻهو ۽ نوڪر رکيل هئس. پر جڏهن ماني لڳي ته سڀني لاءِ ساڳي! سائين جي ايم سيد جو دسترخوان تمام ڪشادو هوندو هئو ماني لذيذ هوندي هئي ۽ اها سڀني گڏجي کاڌي. اهو ڏينهن مون کي ياد آهي ته جي ايم سيد کان پوءِ ڪنهن ايڏي وڏي ماڻهوءَ سان ماني نه کاڌي سين. ڪچهري عوامي هئي مير صاحب چيو ته؛ سائين بس دل ڪڍيو ته اوهان کي پيرين پئجي! سائينءَ شڪريو ادا ڪيس مير صاحب به ڀٽي صاحب جو تازو ئي نظر انداز ڪيل هئو پوءِ پئي ڀٽي صاحب جون شڪايتون ۽ گلائون ڪيائين سائين پئي ان جي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيو.