آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

عنايت الله سومرو ؛ حلوائي

عنايت الله سومرو ولد حاجي ڪوڙو سومرو (جيڪو ڪوڙو حلوائيءَ نالي سان مشهور هئو) کيس ٻه زالون هيون. وڏيءَ زال مان عنايت الله پٽ هئس ۽ ٻي شادي مان شايد ٽي پٽ ٿيس؛ وڏو عزيز الله، بشير احمد ۽ ٽيون محمد سومرو. اهي سڀ ”حلوائي“ سان به مشهور آهن جو مٺائيءَ جو دڪان هوندو هئن. عنايت الله، ادا غلام حسين جو دوست هئو. عنايت الله ۽ عزيز الله جون شاديون سندن سئوٽين سان ٿيون. ٻنهي ڀينرن ٻنهي ڀائرن سان شاديون ڪيون. فرق صرف اهو هئو جو ڀينرون سڳيون هيون ۽ ڀائر ويڳا. وڏو جوڙو ته آخر تائين خوش رهيو ليڪن ننڍو جوڙو عزيزالله ۽ سندس زال جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو مائي جو الزام هو ته هي نامرد آهي ۽ مڙس جو الزام ته هي سٺي ڪردار جي نه آهي، ان ڪري اهڙو ڪريل الزام ٿي هڻي، ڪير سچو ڪير ڪوڙو خبر خدا کي! پر قصور ٻنهي جو هيو ۽ هر روز گهر ۾ جهيڙا هلندا هئا سڀ هڪ گهر ۾ گڏ رهندا هئا. جهيڙن جو ايترو زور ٿيو جو آخر معاملو وڃي طلاق تي پهتو. ايستائين سندن والد به گذاري ويو. هيءُ ٽوٽل چار ڀائر جن مان ننڍا ٽئي سڳا هجن. وڏو ويڳو! وري جو طلاق ٿي ته ڇوڪري ڪيڏانهن وڃي؟! ڇوڪريءَ کي ڪو به ڀاءُ ڪونه هئو. شادي جي ٻن ٽن سالن کان پوءِ ڇوڪرين جا ماءُ پيءُ به گذاري ويا. هاڻي جو ننڍيءَ ڀيڻ کي طلاق ملي يا ورتائين پر رهي ساڳي گهر ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي وٽ. هر روز جا جهيڙا، الزام تراشيون اڳ ته زال مڙس هئا ڪجهه الزام هڻڻ ۾ شايد احتياط به ڪندا هجن ليڪن هاڻي هنن جي جهيڙي جو زور وڌندو ويو هيءُ سڀ ڀائر هڪ پاسي هو هڪ ڀاءُ زال ۽ ساليءَ کي سنڀالي پيو ليڪن هنن ۾ آخر جهيڙو وڌي ويو ڀائر پاڻ ۾ وڙهيا ۽ ننڍن ڀائرن عنايت الله سندس زال ۽ سندس ساليءَ کي گهران ڪڍي ڇڏيو هنن به سيوهڻ ڇڏي اچي حيدرآباد جي ڪنهن علائقي ۾ جاءِ مسواڙ تي ورتي. عنايت الله سخت پريشان هئو پاڻ واچن جو ڪاريگر هئو سو وڃي ڪنهن دڪان تي ڪم ڪرڻ لڳو ليڪن پنهنجي ساليءَ جي لاءِ ڏاڍو پريشان هوندو هئو. هڪ دفعو بابا ۽ ادا غلام حسين حيدرآباد آيا ۽ هن وٽ رهيا 73ع جي آخر يا 74ع جي شروعات هجي ۽ آءٌ به حيدرآباد جي ڪافڪاٽ ٽيڪسٽائل مل ۾ ڪم ڪندو هجان، ۽ شام جو پڙهندو به هجان. عنايت الله اچي ان کي چيو ته مسئلو هيءُ آهي اسان جي ڀائرن جا پاڻ ۾ جهيڙا وڌي ويا آهن ۽ سندس ساليءَ کي طلاق ٿي ويئي آهي. اسان پاڻ ۾ وڙهيا آهيون ۽ الڳ ٿي ويا آهيون. سو ڀائر هاڻي وڌيڪ ٿا الزام هڻن منهن ڏيکارڻ جهڙو ڪونه رهيو آهيان. ان ڪري حيدرآباد لڏي آيو آهيان. ڪهڙو منهن کڻي سيوهڻ رهان. ادا کي چيائين تون دوست آهين تون منهنجي مدد ڪر. ادا چيو ٻڌاءِ مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟ چيائين عرض اهو آهي ته سواءِ اوهان جي مون کي ڪو به آسرو يا سهارو نظر ڪونه ٿو اچي. ۽ ٻيو ته اوهان جي هاڪ به آهي. ماڻهو اوهان کان ڊڄن به ٿا ان ڪري جي ڪا گهٽ وڌ ڳالهه هوندي به ته خدا کي خبر پر اوهان منهن ڏيئي ويندؤ. ادا چيس ته پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ هن چيو منهنجي سالي جي شادي پنهنجي ڪنهن ڀاءُ سان ڪراءِ. ادا ۽ بابا هن کي چيو ته اسين پاڻ ۾ صلاح ڪري توکي ٻڌائينداسين. هوڏانهن ان باري ۾ عنايت الله پنهنجي زال کي اعتماد ۾ ورتو. پر سندس ساليءَ کي ڪابه خبر ڪونه هجي! ادا جي ڀائرن ۾ ادا غلام حسين ۽ غلام قادر جي شادي ٿيل هجي باقي ڪريم بخش جي عمر 26 سال ۽ محمد اسحاق جي عمر 24 سال هئي، وچ ۾ ڀينرون هيون،منهنجي عمر 18 سال ۽ ڌڻي بخش جي عمر 15 سال هجي شايد اڃا به ننڍو هجي. اسحاق جي مڱڻي ٿيل هجي. باقي ڪريم بخش ۽ - آءٌ سو ڪريم بخش ته ڏنو جواب باقي بچيس مان سو بابا ۽ ادا مون کي زور ڀريو پر مان خاموش رهيس. ڪريم بخش چيو هيءُ اڃا بي سمجهه نوجوان آهي. هوءَ مائي عمر ۾ هن کان 6-7 سال وڏي ٿيندي مڙس سان ڪونه ٺهي ۽ طلاق ورتائين، الائي ڪهڙا قصا پيا ٻڌائين، هيءُ ان کي ڪيئن سنڀالي سگهندو؟ بابا چيو هي راضي ٿئي شادي ڪري پوءِ اسان جي گهر ۾ پهچي پوءِ ڏسي وٺنداسين. ادا غلام حسين ۽ بابا کي وڏو شوق هجي ته اها مائي جيڪا هيءُ نٿا سنڀالي سگهن اسين جهلي ڏيکارينداسين. هيڏانهن مان پنهنجي والد صاحب ۽ ادا غلام حسين جي سامهون ڪو بحث ڪو ضد ۽ ڪو جواب نه ڏيئي سگهندو هئس. اهي ڳالهيون هلنديون رهيون.