ڪتاب جِي فھرست

سرڪش چال ۽ قومپرست ساٿي

منجهند ۽ رات جي ماني اسٽيشن روڊ دادوءَ ۾ اڇوءَ جي هوٽل تي کائڻ ويندا هئاسين. اوهان اڇو مان مراد هندوءَ جي ورتي هوندي، پر هيءُ مسلمان هئو. ۽ پنجابي هئو تقريبن سڀ شاگرد جيڪي ضلعي جي مختلف شهرن مان امتحانن لاءِ ايندا هئا ته ماني اڇوءَ جي هوٽل تي کائيندا هئا.هڪ ته ماني چڱي هوندي هئس ٻيو ته ان وقت ان جا اگهه به مناسب هوندا هئا. شام جو ڪجهه وقت دادو شهر ۾ به گهمڻ ويندو هئس. اتي هڪ ڇوڪرو نظر آيو. هلڻ جي قدرتي چال منفرد هئس. مئٽرڪ جو شاگرد هجي گلو کليل، ٻانهن جي لوڏ ايئن- ڄڻ هن شهر ۾ هن کان وڌيڪ ڪو مڙس ماڻهو ڪونه هيو.سندس باڊي لئنگويج ايئن پئي ٻڌائي ڄڻ وڏو ڪو بدمعاش هجي. ليڪن جيترو ٻاهران سرڪش ۽ بدمعاش پئي نظر آيو اندران ايترو ئي معصوم هئو. شروع شروع ۾ جيستائين وڃي ويچاري بابت حقيقت معلوم ٿي، مان سندس سرڪشيءَ واري چال سبب هن جي ڀرسان پيو هلندو هئس ته ڀلي هيءُ به ڪجهه چوي ته هن جي ٽيڙ ڀڃان. ننڍي عمر کان ئي نه ڪنهن جي بدمعاشي وڻندي هئي نه هلڪڙائي. جيترو عقل ايترو دماغ ڪم ڪندو هئو سو شوق هئو ته دادؤ ۾ هن کي سرڪش چال جي سزا ڏجي. هن جو مون کي پنهنجي اڳيان پويان يا تاڙ ۾ محسوس ڪيو ته هن ايئن سمجهيو ته هي مون تي عاشق آهي. ۽ مون کي تنگ ڪرڻ لاءِ پيو پيڇو ڪري هن جو نالو روشن علي ٻرڙو هو، خبر پئي ته پاڻ سيوهڻ تعلقي جي ڀان سيد آباد شهر جو رهواسي هئو سندس والد جو نالو محمد هاشم ٻرڙو هئو. کين ڀان شهر ۾ اٽي جي چڪي هوندي هئي. جيڪا سندس مامو غلام حسين سنڀاليندو هئو. هن جو تعلق جيئي سنڌ جي ونگ؛ چڻنگ سنگت سان هوندو هئو. هن وڃي منهنجي دانهن دادوءَ جي جيئي سنڌ جي ليڊرن کي ڏني. اهو ليڊر حبيب الله ڪابورو هئو هن چيو ته اسان کي ڏيکار هن چيو ته شام جو اسان گهمڻ ويندا آهيون ته هيءُ به اچي پاسو ڏيندو آهي. ۽ تاڙيندو وتندو آهي. شام جي وقت حسب معمول هيءُ سينما چوڪ تي آيو. هن سان اڄ ٽي چار ڇوڪرا پر چڱا ڀلا گڏ هجن. هو ۽ مان آمهون سامهون ٿياسين ته هن داٻو ڪندي چيو ته هيءُ اچيوَ پيو! سڀني مون ڏانهن ڏٺو. ڪجهه ڇوڪرن تيارڙي ڪئي ته اڄ ڏيونس ٿا ملڻي! پر هنن سان گڏ ڪابورو به هئو. ان جيئن ئي ڇوڪرن کي مون ڏانهن تڪڙ ۾ ايندي ڏٺو ته هنن کي هڪل ڪيائين ته نه وڙهجو هن سان مان ٿو ڳالهايان. هيءُ پنهنجي آفيس واري مالڪ جو عزيز آهي. ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ آفيس جو ڪرايو به هن کي ڏي آيو هئس. ايئن چئي مون ڏي وڌيو ٻيا سڀ بيهي رهيا مان اڪيلو هئس، پر پريشان ڪونه ٿيس. جو سامهون ڪابورو به هنن سان گڏ نظر آيو. هيءُ وڌيو ۽ مون کي ملڻ کان پوءِ چيائين هيءُ دوست تنهنجي دانهن ٿو ڏيئي تون هن کي تاڙين پيو اها ته سٺي ڳالهه ڪانه آهي. مون چيو مانس مان هن کي تاڙيان ڪونه ٿو. مون کي هن جي هلڻ جي انداز ۽ گلو کولي هلڻ جي انداز تي ڪاوڙ آهي. ان ڪري مان هن کي چڙ مان پيو ڏسندو هئس. هن چيو اهو ان جو قدرتي انداز آهي. هُو ڪنهن تي رعب وجهڻ لاءِ ايئن ڪونه ٿو ڪري ته پوءِ مون چيومانس ته اهو منهنجو ڏسڻ به ڪاوڙ جو انداز هئو. هن کي به ايئن غلط فهمي ٿي آهي. ته ڪو مان هن کي تاڙيان ٿو. اهو منهنجو مسئلو ڪونهي. ايئن هن اسان ٻنهي کي تعارف ڪرايو ۽ ڀاڪر پارايائين. جيڪي هن وٽ مون لاءِ يا مون وٽ هن لاءِ ڪي غلط فهميون هيون سي ختم ٿيون. ۽ هاڻي اسين جڏهن به ملندا هئاسين ته هڪ ٻئي سان هجائتا ٿي ملندا هياسين. ۽ ايئن اسان جي اڳتي هلي تمام گهڻي دوستي ٿي ويئي ۽ پوءِ جڏهن 1978ع ۾ آءٌ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي دادؤ جو صدر ٿيس ته روشن ٻرڙو جنرل سيڪريٽري ٿيو. اسان جڏهن امتحان پئي ڏنو ته ان وقت ڪامريڊ شوڪت سنڌيءَ جو وڏو نالو هئو. هي ڪامريڊ، جي ايم سيد جو انتهائي ويجهو ساٿي هئو. دادوءَ ۾ جيئي سنڌ وارن جي ڍال هوندو هئو. ڪامريڊن جي پويان پيو هلندو هئو. اهي جيل هجن، ضمانتون هجن.،ٿاڻا هجن، ڪورٽون هجن، بهر صورت شوڪت سنڌي قوم پرست ورڪرن جو عاشق هئو. سندس تمام گهڻي عزت هوندي هئي. دادوءَ جي شاهي بازار جي منڍ ۾ سندس حلوي جو دڪان هوندو هئو. دڪان گهٽ جيئي سنڌ جي ورڪرن جو اوتارو وڌيڪ هوندو هئو. سندس دڪان تي ميلا متل هوندا هئا. هر پل ۽ هر وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن جو اونو هن ماڻهوءَ ۾ نظر ايندو هئو.آءٌ به وڃي اُن جي سلامي ڀريندو هئس. ۽ سندس دڪان تي ويندو رهندو هئس. ۽ ساڻس ڪچهريءَ ۾ ۽ بحث ۾ ڏاڍو مزو ايندو هئو. ان وقت سندس اڳيان ليڊر جيڪي ضلعي سطح تي رهيا، انهن سان اتي ملاقات ٿيندي هئي. جن ۾ رفيق قريشي، منظور پنهور، مير مولا بخش لغاري، روشن ٻرڙو، عابد لاکير وغيره شامل هئا.

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ