توقير شاهه جو پلاند!
مان حيدرآباد هئس، مونکي ڌڻي بخش جي گرفتاريءَ جو اطلاع مليو، واپس اچي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن سان مليس ته هنن چيو اسان پنهنجي سموري سروس ۾ ايتري بدتميزي ڪونه برداشت ڪئي آهي، جيتريون هن بدتميزي ڪئي آهي. اسان هن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين! مون هنن کي چيو ته هي نارمل انسان ناهي هن جو دماغ متاثر آهي، هن سان ڪجهه وقت اڳ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هن جي مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهن، الاءِ ڪيترا گهاوَ هئس، اوهان چاهيو ته ڊاڪٽر کان هن جو چيڪ اپ ڪرايو، جي هي نارمل هجي ته پوءِ اوهان جي مرضي. هنن چيو شهر جي سڀني دڪاندارن جي سامهون هن ضياءَ کان وٺي سڀني ضيا جي ساٿارين کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي، ملڪ ٽوڙڻ جا نعرا هنيا اٿس، مون چيو اوهان جي تشدد سبب هن جو دماغ وڌيڪ متاثر ٿي ويو آهي. ايئن مسلسل ڳالهائيندو ٿو رهي، بلڪل 48 ڪلاڪن کان هڪ منٽ به ننڊ نه ڪئي اٿس، باقي جي اوهان پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهيو آهي ته ٻي ڳالهه آهي! هنن وري مون کي پنهنجي آفيسر سان ملايو، جنهن منهنجي مؤقف کي سمجهي، پنهنجي هڪ ميڊيڪل آفيسر کي لاڪپ موڪلڻ جو حڪم ڏنو ته وڃي ڌڻي بخش کي چڪاسي. مون گذارش ڪئي ته ميڊيڪل آفيسر کي سادن ڪپڙن سان موڪليو، باقي اهلڪار هن سان ڀلي گڏ هجن، اهي لاڪپ جي ڀرسان بيهن ته آئون هن کي چوندس ته ڊاڪٽر تنهنجي زخم جو علاج ڪندو! باقي اهلڪار ڏسندو ته هن کي تشدد ياد ايندو ۽ وري ساڳيون ڳالهيون دهرائيندو. هنن ايئن ڪيو، ايترو به هنن ان ڪري ڪيو جو منهنجو پنهنجو شهر ۽ اتان جي سياست ۾ اثر هئو ۽ بهتر اهو ٿيو جو هنن وري ايس.ڊي.ايم توقير سان رابطو ڪونه ڪيو نه ته هو وڌيڪ گند ڪري ها! هنن جي ميڊيڪل آفيسر ڌڻي بخش جو معائنو ڪيو ته ان وقت به هيءُ مسلسل ڳالهائيندو رهيو، ڊاڪٽر چڪاسيو ۽ تصديق ڪئي ته هي دماغي طرح سخت متاثر آهي، پوءِ به هن کي ڇڏيائون ڪونه، پنهنجي ڊاڪٽر جي رپورٽ ۽ ايس.ڊي.ايم کان ليٽر وٺي کيس پوليس جي پهري ۾ حيدرآباد جي گدو اسپتال ۾ قيديءَ جي حيثيت ۾ داخل ڪرايائون ۽ وڌيڪ تحقيق ۽ رپورٽ اتان جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ قاضي حيدر کان گهريائون.
هيءُ جيئن اسپتال پهتو هن جي حالت رهندو خراب ٿي وئي ۽ هن کي ان وارڊ ۾ موڪليائون جتي مريض ڪنٽرول کان ٻاهر هوندا آهن، اسپتال ۾ جيل وانگر ٺهيل کوليءَ ۾ کيس بند ڪيائون، هي به ڪپڙن کان آجو ٿي ويهي رهيو، هن کي تالي بند ڪيائون، مان هن جي ان حالت کي ڏسي زارو قطار روئندو رهيس، دماغ ۾ هزارين خيال ۽ سوچون هجن، ته هي ڇا ٿي ويو، نوجوان ڇوڪرو هيءُ ته تباهه ٿي ويو... ايئن ئي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مري ويندو، ڇا جيسيتائين جيئرو هوندو ايئن هوندو!... بهرحال قاضي حيدر جيڪو پروفيسر ۽ اسپتال جو ايم،ايس هئو، ان هنن جي ليٽر جي جواب ۾ لکي موڪليو، ته هي هاءِ گريڊ جو مريض آهي ۽ اسان وٽ داخل رهندو، هڪ مهيني تائين هن کي ڏسنداسين ۽ علاج شروع ڪيؤنس ٿا. مان شام جو قاضي اڪبر جي پٽ قاضي نظير اڪبر سان مليس، دوست هئو- چيائين قاضي حيدر اسان جو مائٽ ته نه آهي، باقي واقف آهي هلي ٿا ملؤنس، هن سان ملياسين هن چيو مون مريض کي ڏٺو آهي، هن تي تشدد جا نشان آهن، پوءِ مون هن کي سڄي حقيقت بيان ڪئي هن چيو؛ هائو مان سمجهيو ته هن نوجوان تي سخت تشدد ٿيل آهي ۽ ٽارچر جي ڪري هيءُ ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، پر هاڻي مان هن کي دماغي شاٽس هڻندس ڪجهه بهتر ٿيو ته ان مان ئي ٿيندو، ٻي ڪا واهه ڪونهي! اهي شاٽون هر هفتي ۾چار دفعا هڻندوسانس، پوءِ الله بهتر ڪندو، هي هڪ مهيني ۾ ڪافي بهتر ٿيو هن کي سخت چرين جي بند وارڊ مان ڪڍي اسپيشل وارڊ ۾ رکيائون، قاضي حيدر چيو ته جهڙي طرح هن جي امپرومينٽ ٿي رهي آهي هي ٻن مهينن اندر انشاءَ الله ٺيڪ ٿي ويندو پوءِ دوائون هلنديون هر مهيني چيڪ اپ ٿيندو ۽ نشو نه ڪري ته ٺيڪ رهندو! ٻن مهينن کان پوءِ الله جو ڪرم ٿيو ۽ ڊاڪٽر جي توجهه ۽ دوا سان هي ٺيڪ ٿي ويو. ڌڻي بخش جي آزاديءَ لاءِ وري ايس.ڊي.ايم جو رليز آرڊر گهربل هيو، ڏهه ڏينهن ان ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳا ۽ آخرڪار هن کي واپس گهر وٺي آياسين، دوائون هلنديون رهيون هيءُ ٺيڪ رهيو. پر ان وچ ۾ هي دوستن وٽ به ويندو رهيو،ڪڏهن چرس جو سوٽو ته ڪڏهن ڀنگ جو پيالو - هاڻي علاج ڇا اثر ڪري، سو اهو سدائين مسئلو هلندو رهيو، آخر ڊاڪٽر پروفيسر قاضي حيدر اها صلاح ڏني ته اوهان ڌڻي بخش جي شادي ڪرائي ڇڏيو، متان ٺيڪ ٿي وڃي، ۽ پوءِ جلدي هن جي شادي پنهنجي عزيزن ۾ ڪرائي سين، پر هن جي طبيعت ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي، هي مڪمل ٺيڪ ٿي نه سگهيو! مطلب ته توقير شاهه جي نانگ واري وير ۾ سندس پلاند ۽ اهلڪارن جي ٽارچر جي اها نشاني اڃا تائين پئي هلندي اچي، ظالمن هڪ نوجوان جي زندگي تباهه ڪئي، ۽ علاج جي سموري ذميواري منهنجي حوالي ڪئي. هن کي 1977 ۾ نوڪري به ملٽري اڪائونٽ ۾ آڊيٽر جي ملي، اها به هن 7 کان 8 سالن تائين ڪئي، شادي به ڪيائين وري ساڳي ڪيفيت ٿي ويس ته نوڪري به ڇڏي ڏنائين، ٿورو ٺيڪ ٿيو ته وري سعودي عرب جي پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول ۾ ٽيچر جي نوڪري مليس، پر اتي به ساڳي ذهني ڪيفيت جي ڪري ٽن سالن ۾ واپس آيو، ۽ هن مهل تائين ڪجهه وقت ٺيڪ ڪجهه وقت اسپتالن ۽ علاج جي حوالي، هاڻي ته مڪمل تنهائيءَ جو شڪار رهڻ لڳو آهي.
*