آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

محرم جي ڏهين/ عاشورو

صادق علي شاهه سبزواريءَ جو گهوڙو سينگارجي مرثين، مولائين جي ماتم ۽ جلوس جي صورت ۾ امام بارگاهه کان ٿيندو سبزوارين جي حويليءَ جي رستي قلندر جي مزار تي پهچندو هو. ليڪن گهوڙن جي ماتم جو وقت منجهند جو هڪ وڳي هو، ۽ جلوس ان کان اڳ ۾ درگاهه تي پهچندو هئو، اتي مجلس ۽ ماتم جون رسمون ٿينديون هيون پوءِ سوني دروازي کان ٿيندو درگاهه پير پوٽن جي ڀرسان اچي اختتام پذير ٿيندو هيو. ۽ اٺين محرم جو گهوڙو گل محمد شاهه جو گهوڙو. اهو مشالچين جي امام بارگاهه کان ٿي پوءِ قلندر جي مزار تان ٿيندو ۽ اتان وري ماتم ۽ مجلس کان پوءِ سڌو ثابت علي شاهه جي مقبري ۾ - جنهن کي ڪربلا جو نالو ڏنل آهي تي اختتام پذير ٿيندو هيو.نائين محرم جي رات جو وري سبزوارين جا تابوت نڪرندا آهن. جيڪي رات هئڻ جي ڪري پنهنجي روايتي رستن ۽ گهٽين مان ٿي، شهر ۾ پيا ڦرندا آهن. ۽ جتان تابوت کڻندا آهن، واپس وري ان پڙ تي رکي ڇڏيندا آهن. ڏهينءَ جي رات وري گل محمد شاهه لڪياريءَ جي تابوتن جو وارو ۽ ڏهينءَ جي ڏينهن وري صبح جو هنن جو تابوت درگاهه کان ٿيندو، کوسن جي محلي کان گذرندو، ڪربلا ۾ پهچندو هيو. ۽ ڪربلا پهچڻ جو وقت مقرر هوندو هو ڏيڍ وڳي اتي ڪربلا تي پهچي اختتامي مرثيو پڙهيو ويندو هئو. جيڪو سيد ثابت علي شاهه جي دل سوز ڪلام جي صورت ۾ هوندو هئو، جنهن جا شروعاتي ٻول هينئن هوندا هئا:
سڀ پڙهو پهرين محمد مصطفيٰ تي فاتحه

10 تاريخ منجهند جو سبزوارين جو آخري تابوت نڪرندو هئو ۽ حسب روايت پيرپوٽن تي شام جو ستين ۽ اٺين وڳي تائين پهچي اختتام پذير ٿيندو هو. اتي مولائين جي لاءِ لائوڊ اسپيڪرن جو ۽ پٽ تي ويهڻ لاءِ فراسين جو انتظام سبزواري سيدن طرفان هوندو هئو. ماڻهو علامه رشيد ترابيءَ جي ريڊيو تان نشر ٿيندڙ شام غريبان ٻڌندا هئا ،۽ ان جي اختتام تي سڀ ماتم ڪندا پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا. ۽ آخرڪار محرم جو عاشورو ان ڏينهن پڄاڻيءَ تي پهچندو هئو.