گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي ٿُڏو!
مان ڪنهن به ريت پنهنجي آئيني حق کان هڪ انچ به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ڪونه هئس. شام جو جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ هئي ان ۾ به سڀني چيو ته اگر سرڪيولر يا ڪارڊ ۾ گورنر سان گڏ تنهنجو نالو لکون ته متان هو نه اچي. مون چيو ته ٺيڪ آهي. ان جي ڪا ايڏي اهميت به ڪونه آهي. پهريان مونکان حلف وٺجو پوءِ مان اوهان کان حلف وٺندس. گورنر جي نه اچڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. هاڻي اگر ملڪي ليول جي سي بي اي ۾ گورنر نه ٿو اچي ته ان جو مطلب ته فنڪشن ناڪام ٿيندو ۽ هيٺيان آفيسر يونين وارن جي عزت نه ڪندا.
هڪڙي پاسي هي سڀ هيا ته ٻئي پاسي مان اڪيلو. بهرحال جنرل باڊيءَ جي اجلاس ۾ مان اهو چئي ڪاوڙجي نڪري آيس ته اگر مون کان صدارت نه ڪرائي وئي ته پوءِ مان فنڪشن جو بائيڪاٽ ڪندس. ۽ مان گيٽ تي ٻن لائينن جو سرڪيولر لکندس ته پنهنجو آئيني حق نه ملڻ ڪري مان بائيڪاٽ ڪيان ٿو.
مگر بعد ۾ انهن اهو طي ڪيو ته جنرل باڊيءَ جي صدارت محمد خان ابڙو ڪندو ۽ مهمانِ خاص گورنر هوندو ۽ حلف به گورنر کڻائيندو. مون چيو ته ٺيڪ آهي. مگر اسٽيج سيڪريٽري منهنجي پاران هوندو. هو ان تي راضي ٿيا. جڏهن گورنر اچي رهيو ته مان هن کي گيٽ تي وٺڻ ڪونه ويس. ڇو جو مان صدارت ڪري رهيو هيس. ان ڪري مون چيو ته مان گورنر جو اسٽيج تي آڌر ڀاءُ ڪندس.
گورنر جي اچڻ کان پوءِ پنهنجي ڏنل آجياڻي کان پوءِ اسٽيج سيڪريٽريءَ مونکان اڳ ۾ تقرير لاءِ گورنر کي گھرايو. جيڪو پاڻ سان گڏ ڪانسيپٽ پيپر به کڻي آيو هيو. هن پنهنجي سڄي تقرير ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ايجندا تحت ڪئي. جنهن ۾ هن چيو ته ”اسٽيٽ بئنڪ جو ڪم نوٽ ڳڻڻ ڪونه آهي. اسان جو ڪم فقط مانيٽري پاليسي ڏيڻ آهي. اسين پرائز بانڊ به نيشنل بئنڪ کي منتقل ڪنداسين... وغيره وغيره. هن اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران اهڙي پاليسيءَ جي ڳالهه ڪئي جنهن تحت هزارين ملازمن جي بيدخل ٿيڻ ۽ ٻين ادارن ۾ وڃڻ جو خطرو هيو. ان تحت ڪجهه ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ملڻ جو خدشو هيو ته ڪجهه کي وري والنٽيئرلي رٽائرمينٽ جو آپشن ڏنو وڃي ها.
هي تقرير ڪري اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ته اسٽيج سيڪريٽري اڀ ڏاريندڙ نعرن جي صورت ۾ مون کي اسٽيج تي سڏايو. مون گورنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسين اوهان کي هتي ڪانسيپٽ پيپر پڙهڻ لاءِ ناهي سڏيو. اسين اوهان کي اهڙي ڪنهن به حرڪت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسين اوهان جي ان پيپر کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. مان هن کي چتاءُ ڏيندي خبردار ڪيو ته اگر اوهان ڪنهن اهڙي فيصلي جي ڪوشش ڪئي ته اسان جي يونين سڄي اسٽيٽ بئنڪ کي بند ڪري ڇڏيندي. ۽ ملڪ جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏينداسين. منهنجي تقرير سان هيٺ ويٺلن ۾ همٿ اچي وئي. پوءِ ته هوڪرا پئجي ويا. منهنجي لاءِ ڀرپور تاڙيون وڄي ويون. ملڪ جي مختلف حصن مان آيل ماڻهن پوءِ ته منهنجا هٿ چميا. انهن چيو ته اگر گورنر جي تقرير مٿان تنهنجي تقرير نه هجي ها ته اسان ختم ٿي وڃون هان. منهنجي هوڏ جي ڪري ملازم ڏاڍو خوش ٿيا جڏهن ته گورنر ۽ انتظاميه جا منهن لٿل هيا.
ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان منهنجي حڪمت عملي ڪامياب وئي ۽ يونين جو مورال بلند ٿيو. گورنر، ڊپٽي گورنر ۽ ٻيا آفيسر به مون کي وڏو اڳواڻ سمجھڻ لڳا. جيسيتائين مان يونين ۾ رهيس ان وقت تائين منهنجي مرضيءَ (جيڪا آئيني ۽ ملازمن جي حقن جي پاسداريءَ سان سرشار هئي). کان سواءِ ڪو به ڪم ڪونه ٿيندو هيو. مان ان کان بعد 14 سال اسٽيٽ بئنڪ ۾ رهيس. اهو سڄو عرصو مان يونين جو مرڪزي اڳواڻ رهيس.
اهڙي وڏي پوزيشن تي تمام گھٽ سنڌي مزدور اڳواڻ پهتا آهن. جن ۾ مان به شامل هيس. ڇو ته ايڏي وڏي اداري جي ايڏي سگھاري يونين جو صدر ٿيڻ وڏي ڳالهه هوندي آهي. مونکان اڳ ۾ حاجي خان ڀٽي، پي ٽي سي ايل جو اڳواڻ هيو. مگر ان وقت پ پ جي حڪومت هئي. جنهن جو فائدو سڄي ملڪ کي پهتو. مان بغير ڪنهن، ملڪي ليول جي پارٽيءَ جي حمايت جي ان عهدي تي محض پورهيت دوستيءَ جي جذبن سان سرشار ۽ سچتپائيءَ جي ڪري پهتو هئس. جي ها، منهنجي آقا ﷺ جو به اهو ئي فرمان آهي ته؛ الکاسب حبیب اللّٰہ ”پورهيت، الله جو دوست آهي.“ جڏهن ته آئون الله پاڪ جي دوستن جو ئي سهڪاري ۽ ساٿي هئم، آهيان ۽ رهندس!