پرائمريءَ جا ڪجهه دوست
• قادر بخش جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان.
• ابوالحسن سولنگي:
سولنگي ننڍي هوندي کان سلڇڻو هئو ۽ انتهائي خوبصورت ڇوڪرن ۾ هن جو شمار ٿيندو هئو. سندس والد جو انتقال ٿي چڪو هئو. شايد سندس مامي عطا محمد سولنگيءَ هن کي نپايو ۽ پڙهايو. پاڻ اسان جي ڪلاس ۾ واحد شاگرد هئو، جيڪو ٽئين درجي کان وٺي سائيڪل تي ايندو هو. قد ننڍو ۽ سائيڪل وڏي! ان ڪري ان کي گديءَ تي ويهي ڪونه هلائيندو هئو. پر ڪينچيءَ تي هلائيندو هئو، سائيڪل جي ڏنڊي اندران ٽنگ ٽپائي ٻي ٽنگ پيڊل تي رکي هلائڻ کي ڪينچيءَ تي سائيڪل هلائڻ چوندا هئاسين.
• الهڏنو سمون:
الهڏنو سمون چاچي ڪوڙي سمي جو پٽ هئو. سندن مائٽي امان جي مائٽن يعني لوڙهائين (ٻگهين) سان هئي ۽ سندن گهر به گڏ هئا. ان ڪري ساڻن ڪجهه پري جي مائٽي به هئي. جنهن جي ڪري پاڻ ۾ گهرا هوندا هئاسين پر هو اسڪول مان ڀڄڻ جو ماهر هئو، ۽ گهران اسڪول لاءِ نڪري، گم ٿي ويندو هئو. ان ڪري سدائين پيو مائٽن ۽ استادن جي مار کائيندو هئو. مان وري سندس انهن حرڪتن کان پري، صرف اسڪول جي وقت ۾ هن سان گڏ هوندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن شام جو وقت ملندو هئو ته گڏجي پيا رلندا هئاسين. ننڍي ٻار جي گهمڻ کي به الئه ڇو رلڻ چيو ويندو آهي؟! مان پنجين درجي کان پوءِ پڙهائي جاري رکي نه سگهيس انهن سببن بابت اڳتي هلي لکندس.