آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

عورت جو انتقامي مزاج

مقرر وقت تي عنايت الله، سندس زال ۽ سالي اسان جي ڪچي قلعي واري جاءِ ۾ آيا. ٻه گواهه ۽ نڪاح خوان به اچي نڪتو. پهرين ته مائيءَ انڪار ڪيو ليڪن هن کي هار مڃڻي پئي ۽ نه چاهيندي به نڪاح نامي تي صحيح به ڪيائين ۽ آڱوٺو به هنيائين. ۽ اهڙي ريت اها ڇوڪري جيڪا منهنجي زال ٿيندي ٿيندي منهنجي ڀاڄائي ٿي ويئي. سندس پهرين مڙس کي جڏهن اها خبر پئي ته منهنجي اڳوڻي زال جو رشتو ابڙن ۾ ٿيو آهي ته ڪاوڙ ۽ غيرت جاڳي پيس! هن چيو ته آءٌ ابڙن کي ڪونه ڇڏيندس. اها به خبر پيس ته ڇوڪري به راضي ڪونه هئي عنايت الله اهو زبردستي رشتو ڪيو آهي! پوءِ هنن گهڻيون دانهون، ڪوڪون ڪيون. پر ورين ڪجهه ڪونه. ان مائي کي هاڻي ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. ماشاءَ الله سڀ جوان جماڻ آهن. پر مائيءَ ڪاريهر واري نانگ وانگر پنهنجي دل ۾ زهر ڀري رکيو. پهرين ته مڙس کي پنهنجو ڪيائين. هاڻي ڪريم بخش جيڪو سڄي سيوهڻ ۾ سرڪش ۽ جهيڙي باز طور مشهور هيو، حيدرآباد ۾ جيترو وقت رهيو جهيڙا ۽ ڦڏا ڪندو رهيو ڏاڍو ماڻهن کي ماريائين، ڏاڍيون مارون کاڌائين، سندس مٿي ۾ ڪيترا گهاءُ به آيل آهن. بعد ۾ اهو ڪريم بخش ڄاڻي واڻي يا ڪنهن حڪمتِ عملي تحت زال جي چوڻ تي لڳي ويو ۽ اسان سڀني ڀائرن، ڀينرن ۽ ماءُ پيءُ کي ڇڏي ڏنائين نه کائڻ پيئڻ نه مرڻو نه پرڻو، ڪاٿي مليو ته رسمي دعا سلام نه ته بس. پر پوءِ جڏهن اولاد جوان ٿيو ته انهن ۾ مائيءَ اهڙو زهر ڀريو جو سواءِ منهنجي ڪير به ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هئو. ڪريم بخش ۽ سندس ڪٽنب انهن ڪٺن حالتن جي باوجود مون سان دعا سلام ۽ ڏک سک ۾ لڪي پيو حال اوريندو هئو. سندس ملڪ کان ٻاهر رهڻ دوران ڪنهن گهر ڀاتيءَ کي ڪا بيماري وغيره جي تڪليف هوندي هئي ته مون سان رابطي ۾ هوندو هئو. مان سندس ۽ ڪٽنب جو پورو خيال رکندو هئس. وس آهر علاج وغيره ڪرائيندو هئس ۽ ڪريم بخش به ان دوران بابا ۽ امان کي حج به ڪرايو هئو. مان اهو به واضح ڪندو هلان ته مان سموري خاندان ۾ اڃان تائين رابطي جو ذريعو رهيو آهيان. سڄو خاندان هڪٻئي سان ڀلي نه ڳالهائي ليڪن مون سان سڀ ٺيڪ هوندا آهن.
اهو وري قصو اڃا اڳتي ايندو. مگر مائي سان جيڪا زبردستي سندس ڀيڻوئي سوٽ ۽ ادا ۽ بابا ڪئي ان جو انتقام هن ايئن ورتو جو اسان جو همراهه ئي اسان مان ڪنهنجو ڪونه رهيو. هينئر خوش آهي پاڻ ٽن پٽن سميت سعودي ۾ آهي جتي پٽن سميت ڪمائي ٿو. پر ماءُ پيءُ ڀائر ۽ ڀينرن جي سار هن ڪڏهن به ڪونه لڌي آهي. اها مائي اسان جي خاندان ۾ آئي ۽ اسان جي خاندان جي مضبوط عمارت مان پهرين سر سرڪي ويئي. ڇو ته اسان جي ڀائرن جي ٻڌيءَ جو مثال سڄي تر ۾ مشهور هئو. جي ڪو ماڻهو ڪنهن هڪ ڀاءُ سان ڪا بدتميزي ڪندو هئو ته سڀ ڀائر گڏجي مخالف جي خاطر تواضع ڪندا هئاسين. ايئن ڪير جرئت ڪونه ڪندو هئو ته اسان سان ڪو مڳي ڪري سگهي. هڪ گهر گڏ، کائڻ پيئڻ گڏ، ڏک سک سڀ ڪجهه گڏ هئو. ٻن ڪُنين چاڙهڻ جو تصور ئي ڪونه هوندو هئو. هاڻي پهرين ٻن وڏن شادي ڪئي. هاڻي ٽئين جي به شادي ٿي. آهستي آهستي سڀني کي ٻار به پيدا ٿيڻ شروع ٿيا هن وقت تائين جيڪي 3 مايون اسان جي گهر ۾ آيون انهن مان هڪ ڀاءُ، ٻگهين مان شادي ڪئي، ڇو ته اسان جي ماءُ به ٻگهين مان هئي-جيڪي سيوهڻ ۾ جڏهن ڪنهن ڪچي واري علائقي مان لڏي آيا ته هنن پنهنجن گهرن جي چوڌاري ديوار جي جاءِ تي وڏا لوڙها هڻي ڇڏيا. جو ماڻهو اٺ تي به چڙهي لگهندو هئو ته نظر نه پوندي هئي. ان ڪري شهر جا ماڻهو کين لوڙهائي ذات ڪري سڏيندا هئا ۽ اڄ اهي شهر ۾ لوڙهائي سان مشهور آهن. سندن نئين نسل کان ته شايد ذات به وسري ويئي هجي ۽ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ به ذات وارين خاني ۾ لوڙهائي لکيل آهي. ٻئي نمبر ڀاءُ جي شادي ابڙن مان، ٽئين نمبر جي شادي سومرن مان جن جا مائٽ واڍڪو ڪم ڪندا هئا ۽ سندن چاچا حلوائي جو ڪم ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته اها پهرين عورت اسان جي گهر ۾ آئي جيڪا ڌاري هجي ٻگهيا ته امان جي حوالي سان مائٽ ٿيا. ابڙا به پنهنجا ٿيا جو بابا جا مائٽ هئا. هاڻي هڪ ڌاري مائي آئي ته آهستي آهستي ٻار ٻچي تان مايون پاڻ ۾ پيون وڙهنديون هيون. ڇو ته ان مائي جي شاديءَ کان پوءِ اسان جي گهر مان ڪنهن به مائي کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪونه هئي. ايتري قدر جو پاڙي جي ڪا مائي به اسان وٽ ڪانه ايندي هئي. جو اسان ان قسم جا مراسم ئي ڪونه رکندا هئاسين. هرڪو پنهنجي گهر خوش! ٻار ٻچي جي ڪري ماين جو جهيڙو ۽ بابا جي ٻي شاديءَ کان پوءِ امان ۽ ماسيءَ جو جهيڙو به هنن ماين کي ڏسي شروع ٿي ويو ۽ آهستي آهستي اها ڪِر ڪِر ۽ ڪروڌ شروع ٿيو ۽ مضبوط بنيادن تي ٻڌل عمارت ۾ ڏار پوڻ لڳا. هونئن به دنيا جي قومن ۽ قبيلن ۽ خاندانن جي ڪمزوري تباهي جي شروعات سندن قوم جي فردن، قبيلي جي فردن ۽ خاندان جي فردن کان شروع ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ وڃي نثار بزميءَ چواڻي اها ڪيفيت ٿيڻ لڳندي آهي ته ؛
ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا هليا ويا
پرين، پيچ کولي پراڻا هليا ويا