آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ولي محمد عرف پپو شاهه

معصوم ۽ انتهائي سهڻو هوندو هئو. نثار، مزيد چيو ته هن کي اهڙا ڪم نه ڪرڻ گهرجن، هن جي زندگي تباهه ٿي سگهي ٿي جي آئون نه هجان ته هيءُ سڄي زندگي جيل ۾ سڙي وڃي ها. ولي محمد شاهه چيو سائين اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونه آهي. هن چيو ته 10 کان 15 ڏينهن اڳ ۾ ڪراچيءَ مان اوهان ڪا ڪار ٽيڪسي ڪري سيوهڻ آيا هئا؟ هي چپ رهيو. توهان سان ٻه ماڻهو ٻيا به هيا؟ هيءُ چپ رهيو! اوهان آمريءَ جي ڀرسان ٻيلي وٽ گاڏيءَ واري کي بيهارڻ لاءِ چيو هو بيٺو؟ اوهان گاڏي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽيڪسيءَ ۾ 3 اوهان هيا ۽ 2 ٽيڪسيءَ وارا پٺاڻ هيا. انهن اوهان سان مزاحمت ڪئي اوهان انهن کي گوليون هنيون، هڪ پٺاڻ کي 4 گوليون لڳيون ڪلهي ۾، هو بچي ويو، ليڪن اڃا زير علاج آهي، ٿي سگهي ٿو نه به بچي، جو هن کي گوليون گهڻيون لڳيون آهن. هي پريشان ٿيو ۽ چيائين سائين ليڪن اوهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته آئون هئس انهن ۾. انهن کي ڇڏ اسان جو ڪم ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي، صرف توکي ايترو ٿو ٻڌايان ته ان گاڏيءَ ۾ اوهان جي ڪا اهڙي شيءِ رهجي ويئي جنهن شيءِ، معاملي کي اوهان تائين پڄايو آهي، هي چپ رهيو. هن کيس چيو ته تون ننڍڙو ۽ خوبصورت شهزادو آهين، اڄ واعدو ڪر ته آئنده ايئن نه ڪندين، ته آئون توکي هن ماڻهو (مون ڏانهن اشارو ڪندي) جي ڪري ڇڏي ٿو ڏيان، باقي جي اهڙا ڪم ڪندين ته مارجي ويندين، يا تباهه ٿي ويندين. هن معاملي ۾ هي ماڻهو توسان گڏ آيو آهي، باقي نه ته تنهنجي والد ته چيو ته ڀلي گرفتار ڪري بند ڪيوس، منهنجو هن سان واسطو ڪونه آهي، ولي محمد شاهه چپ ڪري ٻڌندو رهيو. نثار بلوچ چانهه پياري، اسان هن کان موڪلايو وڃڻ مهل چيائين، شاهه صاحب واعدو ڪر نه..!! هاڻي ڪجهه به نه ڪندين! نه اهڙن ماڻهن سان واسطو رکندين، نه ئي اهڙي ڪا ٻي حرڪت ڪندي، شاهه صاحب ها ۾ صرف ڪنڌ ڌوڻيو، ٻاهر نڪتاسين ته وري سڏ ڪري چيائين هڪ منٽ! واپس وياسين هن نوڪر کي سڏ ڪري چيو ته الماريءَ ۾ بريف ڪيس پيو آهي اهو کڻي اچ، هو بريف ڪيس کڻي آيو شاهه صاحب ڏانهن وڌائيندي چيائين هيءَ اوهان جي آهي پنهنجي کڻي وڃو، شاهه صاحب هڪو ٻڪو ٿي ويو مون چيو ته جي اوهان جي آهي ته کڻو خير آهي ڪجهه ڪونه ٿيندو هن بريف ڪيس ورتو.
اهو ئي بريف ڪيس پٺاڻن جي گاڏيءَ ۾ رهجي ويو هو، ان ۾ سندس ڌوٻي جا ڌوتل ڪپڙا هيا، پوليس جانچ ڪري ان ڌوٻيءَ وٽ حيدرآباد پهتي، ڪپڙن جي ڪالر تي لکيل هجي، محمد مراد شاهه جيڪو سندس والد جو نالو هئو، ڌوٻي ٻڌايو سيوهڻ جو مراد شاهه آهي. ان جي پٽ پپو سائينءَ جا ڪپڙا آهن، ولي محمد شاهه کي پيار مان ”پپو شاه“ به چوندا آهن. پوليس مراد شاهه وٽ سيوهڻ پهتي هن بيان ڏنو ڪپڙا پپوءَ جا آهن، جي ڪو اهڙو ڏوهه ڪيو اٿس ته ڀلي ٻڌوس، ساڻس منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي. ان بريف ڪيس پوليس کي پپو شاهه تائين پهچايو.