آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ڄام ساقي ۽ سائين

هڪ دفعي آئون سن سائينءَ وٽ ويس، ته ان وٽ چند ماڻهو ويٺا هجن، انهن ۾ هڪ ٿلهي جسامت وارو ماڻهو به هجي سائينءَ سان ڪافي معاملن تي بحث به ڪري پيو ۽ دلائل به ڏيئي پيو. سائينءَ کانئس پڇيو پوءِ روپوشيءَ ۾ ڪيئن گذر سفر ڪندو آهين يا ڪاٿي رهندو آهين؟ هن جواب ڏنو ته سڄو ڏينهن ماڻهن ۾ ڪم ڪندو آهيان رات جو ڪوشش ڪري ڪنهن واقف ڪامريڊ وٽ هليو ويندو آهيان هن ٿيلي ۾ 2 وڳا ڪپڙن جا آهن هڪ پاتل آهي جڏهن ميرا ٿيندا آهن ڌوئندو آهيان، تڪليفون ته آهن ليڪن مقصد وڏو آهي. اسان هن معاشري ۾ ضرور ماڻهن کي تيار ڪري معاشي/طبقاتي انقلاب آڻينداسين ۽ غريب امير جو فرق ختم ڪري مساوات آڻينداسين! خير، ماني کاڌائين ان همراهه موڪلايو ته سائينءَ چيس ڪامريڊ ٿورو ترس ۽ ماستر غلام قادر کي چيائين وڃ اندران لفافو کڻي اچ! ماستر غلام قادر ويو ۽ لفافو کڻي آيو سائين ان همراهه کي ڏيندي چيو ته؛ سڄي زندگي غريب ماڻهن لاءِ وقف ڪئي اٿو سڄو ڏينهن پيا فيلڊ ۾ هلو هيءُ ڪجهه رقم منهنجي طرفان اوهان جي لاءِ آهي رکي ڇڏيو. هن لفافو قبول ڪيو ۽ شڪريو ادا ڪري وڃڻ لڳو ته هن کي چيائين روپوش آهين جي مجيد ڪيريئي واري پاسي وڃين ته آءٌ انتظام ڪيان هن ها ڪئي. مجيد ڪيريو سڪرنڊ واري پاسي ڪچي ۾ هڪ ڳوٺ آهي. سن جي سامهون چند ميلن جي فاصلي تي آهي وچ ۾ سنڌو ندي آهي، سو ڳپل پنڌ کان پوءِ ٻيڙيءَ تي چڙهي ٻئي ڪناري تي پهچبو آهي پوءِ اتان وري ڪا جيپ وغيره کڻي مجيد ڪيريئي کان سڪرنڊ يا نيشنل هاءِ وي تي پڄندي آهي پوءِ مسافر جي منزل جهڙي طرف هجي. هن جي وڃڻ کانپوءِ مون هڪڙي همراهه کان جيڪو منهنجي ڀر ۾ ويٺو هجي سرگوشيءَ ۾ پڇيو ته هيءُ ڪير هئو هن چيو ته هن سان ملاقات ڪانه اٿئي ڇا؟ مون نهڪر ڪئي، هن چيو اهو هيئي، ڪامريڊ ڄام ساقي! هيءُ ٻڌل گهڻو هئو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو سينٽرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر هئو سندن تحريرن تقريرن ۽ پمفليٽس ۾ ٻين نظرياتي ڳالهين سان گڏ سائين جي ايم سيد جي خلاف به ڪافي لکندو ۽ ڳالهائيندو هئو ان کان پوءِ مون سوچيو ته سائين ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي جو ايترو مخالف ماڻهو به اچي ان سان ايتري محبت ۽ خلوص سان پيش اچڻ، توجهه سان هن جون ڳالهيون ٻڌڻ ڪو اختلاف نه رکڻ، وڃڻ وقت ان جي مدد ڪرڻ اها خبر ڪونه هئي ته لفافي ۾ ڪيترا ڏوڪڙ هئا ليڪن ايترا ته ضرور هوندا جو ڪامريڊ جو هفتو-ڏهه ڏينهن سٺا گذريا هوندا. سو سائينءَ جو اهو انداز مون کي باقي اڳواڻن کان مختلف نظر آيو.