آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

عبدالهادي قريشي

هيءُ تمام خوبصورت ڇوڪرو هوندو هئو. مئٽرڪ ۾ پڙهندو هئو ته ماڻهو کيس تنگ ڪندا هئا. اچي مون سان دوستي رکيائين. مون کيس چيو؛ جيئي سنڌ فيڊريشن ۾ شامل ٿيءُ. ايئن انور ڀٽو ۽ هيءُ منهنجي فيڊريشن جا ٻه ڪاليج جا دوست مون سان رهيا .عبدالهادي قريشي اصل بوبڪ شهر جو رهواسي هيو. سندس والد جو نالو موليڏنو قريشي هئو. سائين حاجي محمد قريشي جيڪو هيڊ ماستر ۽ پوءِ، ڊي. اي. او دادو به ٿيو، ان جو نانو هئو. سندس ننڍي عمر ۾ سندس والد صاحب جي انتقال کانپوءِ سندس پڙهائي ۽ پرورش سائين حاجي محمد قريشيءَ جي ذميواري رهي. ۽ هن کيس بوبڪ مان وٺي اچي سيوهڻ رهايو.ان کي شايد ٽي ڀينرون هيون ۽ ڀاءُ ڪونه هيس هي اڪيلو هيو. ان ڪري مون کي چوندو هئو ته تون منهنجو وڏو ڀاءُ آهين. هن جي ٻي ڀيڻ غلام سرور قريشي-جيڪو ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آفيسر هئو، ان کي پرڻائي ڏنائون. ٽئين ڀيڻ الطاف حسين قريشي-جيڪو روينيو کاتي ڪوٽڙي ۾ ڪلرڪ هئو، ان کي پرڻائي ڏنائون. هن کي مون ڪاليج جي اليڪشن ۾ نائب صدر جي لاءِ بيهاريو. ان وقت ۾ سنڌ جو قائم مقام وڏو وزير عبدالوحيد ڪٽپر هئو. عبدالهادي جو ڀيڻيوو سائين حاجي محمد قريشي D.E.O. Education دادو هئو. سپاف وارن اسان کي پهريون ته ڌچڪو اهو ڏنو جو ڪٽپر صاحب کان D.E.O ايڊيوڪيشن کي فون آئي ته پنهنجي ڇوڪري کي اليڪشن تان هٿ کڻاءِ نه ته جيئي سنڌ جي وابستگيءَ ۾ تنهنجي نوڪري ختم ڪندس. هيءُ رات جي وقت عبدالهادي قريشيءَ سان گڏ منهنجي گهر آيو. ان کان پهرين هن عبدالهاديءَ کي چيو ته ابا تنهنجي والد جي وڃڻ کان پوءِ مان توکي نپايو ۽ پڙهايو آهي، توکي ايئن تاتيو پاليو آهي، جيئن پنهنجي اولاد کي. ان کان پوءِ سائين حاجي محمد قريشيءَ جي هن جي ڀيڻ سان ٻي شادي به ٿيل هئي. هن جي هڪ شادي اڳ ۾ به هئي. جنهن مان وڏو پٽ آفتاب احمد قريشي جيڪو هينئر ڪراچيءَ ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور 19 گريڊ ۾ آهي. هنن جو سڀني گهر وارن جي سامهون تمام گهڻو بحث ٿيو. جنهن ۾ حاجي محمد قريشي، عبدالهاديءَ جي ڀيڻ، سندس ماءُ ۽ آفتاب قريشي جيڪو حاجي صاحب جو وڏو پٽ به هو، شريڪ هئا. عبدالهادي سڀني جون ڳالهيون ٻُڌي چيو ته آءٌ هٿ ڪونه کڻندس. آئون اوهان کي ته جواب ڏيئي ٿو سگهان، ليڪن محمد خان ابڙي کي ناراض ڪونه ڪندس. ان تي حاجي محمد قريشي صاحب چيو ته ڀلا تون مون سان گڏجي هل ته آئون ٿو هلي محمد خان ابڙي سان ڳالهايان. اميد آهي ته هو منهنجي اڇي ڏاڙهي ڏسي جواب ڪونه ڏيندو. ٻئي ڄڻا منهنجي گهر آيا. مون وٽ اڃا ڪا ويهڻ لاءِ اوطاق ڪانه هجي سو در تي بيهي ڳالهايوسين. پهرين ته معذرت ڪيم، ته ويهڻ جي جاءِ ڪانه آهي. اوهان مون کي حڪم ڪيو ها آئون اچي وڃان ها. چيائين ته خير آهي. ڪم منهنجو هئو ان ڪري آئون هلي آيو آهيان. جي ڀلا حڪم ڪيو. چيائين ته هيءُ ڇوڪرو يتيم آهي. هن کي مون اولاد وانگر پاليو آهي. مان سرڪاري آفيسر آهيان. اسان جو گذر سفر جو واحد ذريعو اها نوڪري آهي. هينئر آءٌ D.E.O دادو آهيان. ڪٽپر صاحب جو فون آيو ته يا پنهنجي ڇوڪري کي هٿ کڻاءِ يا نوڪريءَ تان هٿ کڻ. هن کي چيم ته هيءُ هٿ کڻڻ لاءِ راضي ڪونهي. ان ڪري آءٌ تو وٽ لنگهي آيو آهيان. اميد ته تون اليڪشن کان وڌيڪ اسان جي مجبوري سمجهندين. نه ته سڀاڻي هي مون کي گهر ڀيڙو ڪندا. مون ٿورو سوچيو ۽ فيصلو ڪيم ته صبح جو ڪاليج ۾ وڃي نائب صدارت جي عهدي تان هٿ کڻي ڇڏ. ان تي عبدالهادي چيو ته پوءِ هينئر ته وقت گذري ويو. ليڪن ٻيو اميدوار ته ڪونه ٿو بيهاري سگهين. پوءِ ته سپاف جو اميدوار بنا مقابلي اچي ويندو. ۽ تنهنجي اليڪشن تي به وڏو اثر پوندو، توهان به هارائي ويندؤ. مون چيو ڳالهه پليٽ فارم جي هارائڻ جي يا کٽڻ جي ڪونه آهي. ڳالهه هڪ خاندان جي مستقبل جي بچائڻ جي آهي. مان پنهنجي انا ۽ ضد جي ڪري اوهان ۽ اوهان جي خاندان کي نقصان ڪونه ٿو پهچائڻ چاهيان. تون هٿ کڻي وڃ!مان ڄاڻان منهنجو ڪم. ايئن ٻئي ڏينهن سائين محمد قريشيءَ سان گڏ پرنسپل صاحب جي آفيس ۾ وڃي اليڪشن ڪمشنر کي هٿ کڻڻ جي درخواست ڏني ۽ منظور ڪرائي ۽ سيوهڻ ڪاليج ۾ سپاف جو نائب صدر بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو.