آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

خير محمد ٻرڙو صاحب جون تاريخ سان ويساهه گهاتيون

تازو مون، سائين خير محمد ٻرڙو صاحب جو ڪتاب ”سيوهڻ صدين کان“ پڙهيو. ان ۾ لکيو اٿس ته؛ حڪيم محمد حسن ثاني. پر جي سائين ٻرڙو صاحب سندس ننڍپڻ جو پيار وارو نالو ”بلي“ به لکي ها ته هن جي شخصيت اڃا به اجاگر ٿي پوي ها. ڇو ته ان نالي ۾ ان ڪري به پيار آهي جو اهو نالو سڀ کان پهرين سندس والده ۽ والد جي زبان تي جاري ٿيو هئو. سندس والد جي زباني اسان به ڪيترا دفعا ٻڌو ليڪن ڪتاب ”سيوهڻ صدين کان“ ۾ سندس نالي سان اهو منسوب نه ڪرڻ زيادتي ۽ تاريخ سان ويساهه گهاتي ڪرڻ برابر آهي. جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ”ذلفي“ لکيو يا چيو ٿو وڃي ته ان ۾ هن جي شخصيت جو اهو پهلو به روشن نظر ٿو اچي. سو اهو سوال تاريخ ۾ ٻرڙي صاحب جو پيڇو ڪندو رهندو. ٻرڙي صاحب لاءِ ان ڪتاب جي حوالي سان ٻيا به ڪجهه سوال آهن اهي به جواب طلب آهن. في الحال قاضي محمد حسن صديقي ثانيءَ جي حوالي سان ته هن به داخلا کان پوءِ جيئن ڪاليج ۾ اليڪشن جو شيڊيول آيو ته هن به آزاد اميدوار جي حيثيت سان فارم ڀرايو. جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ ٻيو فارم سائين نذير احمد سومرو (جنهن کي به سائين موصوف، ”سيوهڻ صدين کان“۾ پچاريو آهي ليڪن سائين ٻرڙي صاحب کان هي راقم الحروف وسري ويو. جنهن جي مقابلي ۾ محمد حسن هٿ کڻي ويو هو! هڪ کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي ۽ ٽيون جنهن جو به ذڪر سيوهڻ صدين کان ۾ ڪيو اٿس، حاجن شاهه لڪياري آهي-جيڪو سپاف جو ضلعي صدر هيو. سندس سڄي گروپ کي هن ناچيز سنڌ جي تاريخ ۾ عبرتناڪ شڪست ڏني. سو سائين موصوف کان ايڏو اهم ذڪر به رهجي ويو آهي. شايد سنڌ سان سدائين محققن، تاريخ دانن ۽ اديبن اهڙو ئي حشر ڪيو آهي. شايد ٻرڙي صاحب تي به اهڙن درٻاري اديبن جي ڪردار پنهنجو اثر ڇڏيو هجي. اڃا سيوهڻ جا ڪافي واقعا ۽ قصا آهن ۽ ڪا وڏي شخصيت سائين کانءَ وسري وئي هوندي!