آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ٻي ملاقات

ٻي ملاقات مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي پوءِ ڪرڻ ويو هئس. ان ۾ ڪافي مهمان ٻيا به آيل هئا. مون کان پڇيائين تون ڪير آهين؟ ٻڌايو مانس ته سال کن اڳ ۾ اوهان سان ملاقات ٿي. ليڪن رات جو وقت هئو. منهنجو نالو محمد خان ابڙو آهي ۽ سيوهڻ جو آهيان. چيائين ها ياد آيو. بس ايتري ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻيا به ڪيترا ئي ماڻهو هئا، سو شام ٿيڻ وقت موڪلائي سيوهڻ روانو ٿيس. ان کانپوءِ سلسليوار ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون ۽ ڪچهريون به ٿيون. ڪيترا ئي دفعا ساڻس نويڪليون ملاقاتون به ٿيون. ڇو جو سيوهڻ کان سن پهچندي صرف هڪ ڪلاڪ لڳندو هئو. جڏهن دل ڪڍندي هئي بس ۾ چڙهي اچي سن پهچندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن سائين اڪيلو هوندو هئو، پوءِ ڪافي ذاتي ۽ نجي نوعيت جي گفتگو به ٿيندي هئي. جنهن ۾ ٻڌائيندو هئو ته هن شهر ۾ اسڪول ۽ اسپتال لاءِ پلاٽ مون ڏنو آهي ته سرڪار اسڪول ٺهرائي ته جيئن هتان جا ٻار تعليم لاءِ پري نه وڃن. خاص طور شاگردياڻيون! سائينءَ ٻڌايو ته آئون سن جي ٻن شاگردياڻين جو خرچ به پاڻ ڀريندو آهيان، ته جيئن پڙهي پون. وري ان ئي اسڪول ۾ نوڪري ڪري ٻين ٻارن کي پڙهائن اهو سلسلو ڪافي سالن تائين هلندو رهيو. سائينءَ ٻڌايو ته اسان وٽ انگريزن وانگر هڪڙو سسٽم رهيو آهي ته نوڪرن کي پينشن وانگر ڪانه ڪا سهولت ڏيندو آهيان اسان جا پراڻا نوڪر-جيڪي والد صاحب جي زماني ۾ هئا ياد رهي ته سائينءَ جو والد هن جي ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو هو پوءِ سندس زمين سرڪار جي نگرانيءَ ۾ هوندي هئي جڏهن پاڻ ان قابل ٿيو ته سنڀاليائين پوءِ سائين ٻڌايو ته ان وقت جا نوڪر جيڪي يا ته هينئر اڃا جيئرا آهن پر پوڙها آهن يا ڪي مري ويا آهن ۽ ڪيترن جو اولاد اسان وٽ نوڪر آهي آءٌ کين هر سال انهن ڏانهن ڪجهه پئسا موڪليندو آهيان ڪيترن نوڪرن کي زمين جا ڏهه ڏهه ايڪڙ به ڪنهن کي ته پندرهن ايڪڙ پينشن جي حوالي سان ڏنا اٿم، جيڪا آباد ڪري وڃي گذر سفر ڪن. اهي کاتا به انهن جي نالي ڪيا اٿم ته جيئن پيريءَ ۾ دربدر نه ٿين مون هر ملاقات ۾ سائينءَ کي تمام پيار ڪرڻ وارو انسان محسوس ڪيو ڪاوڙ گهٽ ايندي هئس، پر ڪن معاملن تي ڪاوڙ ايندي هئس ته ڏندن کي ڪرٽيندي چپن کي ڀڪوڙيندي ڪاوڙ جو سخت اظهار ڪندو هئو.