آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

اي جي اين قاضي

24 اپريل 1986 ع تي اسٽيٽ بئنڪ جي سڀني قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ کان پوءِ آرڊر مليو. اسٽيٽ بئنڪ جي نوڪري ۾ وڌيڪ ڪوشش ڌڻي بخش اوٺي جي آهي. جيڪو ان وقت “نوٽ ڪوئن ايگزمنر” هيو. ان ڪافي همٿ افزائي ڪندي زور ڀريو ته درخواست ڏئي اميد ته تنهنجو ڪم ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ان وقت اي جي اين قاضي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر هيو. جنهن بئنڪ ۾ ڀرتين جي حوالي سان هڪ پاليسي ترتيب ڏئي ان ۾ تعليم جون مارڪون 85 سيڪڙو ۽ انٽرويوءَ جون مارڪون صرف 15 سيڪڙو رکيون. مون واري گهربل پوسٽ جي تعليم انٽر تائين گهربل هئي. انٽر، گريجوئيٽ ۽ ايم اي جون مارڪون ترتيبوار ٽيهه، پنجويهه ۽ پنجاه سيڪڙو رکيل هيون. جن جو جوڙ وڃي 85 ٿئي ٿو. ان وقت ٻهراڙي سنڌ سان تعلق رکندڙ نوجوان وڏي تعداد ۾ بيروزگار هيا. ۽ شهري نوجوان وڌيڪ تعداد ۾ روزگار وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا. قاضي صاحب جي ان پاليسيءَ جي ڪري ٻهراڙي سنڌ جي 600 کان 700 نوجوانن کي نوڪريون مليون. جيڪو اسٽيٽ بئنڪ جو هڪ وڏو رڪارڊ آهي. ان کان پوءِ ٻيا غير سنڌي گورنر آيا. اهڙي ريت سنڌين لاءِ ٻيهر روزگار جا دروازا بند ٿيا. مان قاضي صاحب جي دور ۾ يارهين گريڊ ۾ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيس. ان موقعي تي مان اي جي اين قاضيءَ کي سلام پيش ڪيان ٿو جنهن اهو قومي فرض سرانجام ڏنو. شال ان قومي ڪم جي ڪري کيس سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ ملي وڃي. مون وٽ جيڪر ڪو قلم ۽ ڪاغذ هجي ته ان تي هنن جا ٿورا مڃيان... اسين پنهنجي انهن قومي هيروز کي ڪٿي به ياد يا خراجِ تحسين پيش نه ٿا ڪيون جن خاموشيءَ سان پنهنجي قوم لاءِ بي بها قربانيون ڏنيون هجن. مان هڪ دفعو ٻيهر هي سوال سنڌي اسڪالرن ۽ تاريخدانن جي آڏو رکان ٿو ته اهي قاضي صاحب کي ڪيئن ياد ٿا ڪن؟!
مان حلفيه چوان ٿو ته مون قاضي صاحب سان ڪڏهن به ڪا ملاقات ڪونه ڪئي هئي. ڇو ته مون کي جنهن سال نوڪري ملي ان سال يعني 1986ع ۾ ئي سندس گورنريءَ جو مدو پورو ٿيو. اهڙي ريت منهنجي هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻيون شخصيتون به ضرور اينديون جن مجموعي طور تي سنڌي قوم جي دردن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ خاموش انقلاب آندو. پر اسان جي قوم انهن کي اهو گهربل مان ۽ مرتبو ڏيڻ ۾ ڪنجوسي ۽ لاپرواهي کان ڪم ورتو. جنهن جو ذميوار مان قومي تحريڪ لاءِ ڪم ڪندڙ ڌرين کي سمجهان ٿو. ان تي به آئون تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندس. جو انهن ۾ مان به شامل آهيان. ته اهو سمورو ڪيس سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي اعليٰ تعليم يافته ماڻهن-جن ۾ شاعر، اديب، ڏاها، اسڪالر ۽ تاريخدان اچي وڃن ٿا. منهنجي انهن سمورن کي نماڻي وينتي آهي ته هو پنهنجي تاريخي ذميواري محسوس ڪن ۽ قوم جي محسنن تي باقاعده قلم کڻن.
اسٽيٽ بئنڪ ۾ آيس ته اتي ڪافي سنڌي نوجوان-جيڪي سنڌ جي مختلف ماڳن مان آيا هئا اچي نوڪريءَ ۾ لڳا. مون کي نوڪريءَ دوران ڪراچيءَ ۾ جيڪي دوست مليا انهن ۾ ڌڻي بخش اوٺو جيڪو هاڻي هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. ان کان علاوه غلام سرور اوٺو (سيوهڻ) احمد علي راهوجو (خيرپور ناٿن شاه)، غلام عباس سومرو (ميهڙ)، .... پنهور (ڀان سعيد آباد)، نثار سومرو (سيوهڻ شريف)، غلام سرور (ڀان سعيد آباد)، ...سهتو شڪارپور، لياقت جمالي (خيرپور ميرس)، عبدالشڪور شيخ (گمبٽ)، لياقت جمالي (خيرپور ميرس)، عبدالرزاق سهتو (ڪنڊيارو)، علي احمد صاحب، خادم سولنگي، شريف ڏاهري، غلام مصطفيٰ، اهي سڀ ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي جيڪي مون کي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سڃاڻندا هئا.
اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪافي يونينون ۽ ڪيتريون ئي ايسوسيئيشنس هيون. يونين ۾.... يونين جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي اڪثريت هئي. اها سي بي اي (ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ) به هُئي. جماعت اسلامي جي يونين 474، پختونن جي يونين ۽ اسٽاف يونين. اهي سڀ ڪلريڪل يونينس هيون. وري نان ڪلريڪل ۾ يونين 317 اها به ايم ڪيو ايم جي هئي. ايئن الائي ڪيتريون يونينس هيون. جن ۾ پنجابي ويلفيئر ايسوسيئيشن، مهاجر ويلفيئر ايسوسيئيشن، (وري انهن ۾ ٻه گروپ هوندا هئا)، سنڌي بلوچ ايمپلائيرز ويلفيئر ايسوسيئيشن، پختون هزاروال ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ گلگت بلتستان ويلفيئر ايسوسيئيشن. هاڻي ان سڀني کي سمجهڻ لاءِ وقت جي ضرورت هئي. مگر ايترو سمجهي ويس ته ان ايسوسيئيشن ۾ ان قوم جا سڀ ماڻهو پوءِ ڀلي اهي کڻي چوڪيدار، پٽيوالا، ڪلارڪ ۽ ڪيترو به وڏو آفيسر ڇو نه هجي اهي سڀ ميمبر ۽ عهديدار هوندا هئا. باقي ٽريڊ يونينن ۾ جيڪي ان جي ميمبر ٿيڻ لاءِ گهربل ضرورتون پوريون ڪندو اهو ئي ميمبر ٿي سگهندو. مان به روشن جي صلاح سان سنڌي بلوچ ويلفيئر ايسوسيئشن (سبيوا) جو فارم ڀري ان جو ميمبر ٿي ويس. شروع ۾ سبيوا ۾ چند سنڌي ۽ بلوچ ميمبر هئاسين. جن ۾ سراج مغل، واحد بخش چانگ، خدا بخش ڀٽو، ڪمال بلوچ، غلام مصطفيٰ شيخ، ۽ ڪجهه ٻيا هوندا هيا، جن ان ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو هيو. ڪابه ايسوسيئيشن رجسٽرڊ ڪانه هوندي هئي مگر ويلفيئر جو نالو ڏئي ڪم ڪري سگهبو هيو.
مونکي نوڪري مئي 1986 ۾ ملي ۽ هڪ مهيني بعد يعني جون 1986ع ۾ سبيوا جو ميمبر ٿيس. اڃا ٽريڊ يونينس ۽ ايسوسيئيشنز جي معاملن کي پوري ريت سمجهي ئي نه سگهيس ته مٿان سبيوا جي اليڪشن اچي وئي. مان بنيادي طور تي قوم پرست ۽ شاگرد سياست جو تجربو رکندڙ هيس مگر ٽريڊ يونين جي سياست مختلف هئي. هر ايسوسيئيشن جو الحاق يا حمايت ڪنهن نه ڪنهن ٽريڊ يونين سان هجي. اهڙي ريت ٽريڊ يونين وارن سان ڳالهيون وري ايسوسيئيشن جا عهديدار ڪندا هيا. جنهن جا وري سڀ ميمبر فيصلن مڃڻ لاءِ پابند هوندا هيا. مگر ڪجهه ايسوسيئيشنز جا ميمبر وري اڪثريت جي فيصلي خلاف پنهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندي ڪنهن ٻئي ڌر جا ميمبر ٿيندا هئا.
سبيوا جي قوم پرست سوچ رکندڙ ميمبرن فيصلو ڪندي مون کي چيو؛ تون سبيوا جي پراڻين اڳواڻن خلاف اليڪشن ۾ مقابلو ڪر ۽ پنهنجو پينل ٺاهه. مون به ايئن ڪيو. يارهن ڄڻن جو پينل هوندو هيو. مون سان انهن ماڻهن ساٿ ڏنو جيڪي کٽيندڙ ڌر جي خلاف هيا. جن ۾ واحد بخش چانگ، عبدالخالق سولنگي، عبدالمنان لنڊ، شريف ڏاهري، غلام مصطفيٰ ملاح ۽ ذوالفقار شيخ شامل هئا. اهي اڪثر ڪري جماعت اسلاميءَ جي ٽريڊ يونين سان هوندا هئا. جو اها به هڪ دفعو سي بي اي ۾ رهي. ان کانپوءِ عدالتي ڪميشن ۾ ريفرينڊم رڪجي ويو ۽ ايم ڪيو ايم اسٽيٽ بئنڪ ۾ پنهنجي دهشت ڦهلائي ۽ ڪنٽرول قائم ڪيو. مون اهو سڀ محسوس پئي ڪيو ۽ سوچيم ته ڪو لائحه عمل تيار ڪري سگهان. ان ڪري منهنجي لاءِ سبيوا جي اليڪشن کٽڻ انتهائي اهم هئي. منهنجي سامهون سمورا پراڻا عهديدار هيا. جن ۾ منظور مسافر، غلام شبير سومرو، الطاف حسين شيخ، سيد منظور شاه، غلام رسول بلوچ، عثمان بلوچ، دائود بلوچ، ڪريم بخش بلوچ سرفهرسرت هئا. هاڻي اسان سان مسئلو اهو هيو ته هنن سان بلوچستان جو ڊومييسائيل رکندڙ دوست موجود هيا جڏهن ته اسان جي پئنل ۾ ڪوبه سرفهرست بلوچ ڪونه هيو. پوءِ به اليڪشن جو پئنل ٺاهي بيهي رهيس. آئون ان ۾ صدر جو اميدوار هيس. مون کي صرف هڪ اهميت هئي ته شاگرد اڳواڻ هجڻ جي ڪري منهنجو نالو روشن ۽ معروف هيو. ايئن محسوس ٿيندو هيو ته هي به ڄڻ سنڌ جي ئي ڪا يونيورسٽي هجي. مون اهو ماحول به پئدا ڪيو. همٿ ڪيم ۽ اڳڀرو ٿيس. ايم ڪيو ايم جي، بنا ڪنهن ڊپ ۽ خوف جي مخالفت ڪئي سين. عام طور تي بظاهر جيڪي دوست سامهون نه ٿيندا هئا. اگر ڪڏهن اليڪشن جو مرحلو هجي يا ريفرينڊم جو ڪو معاملو، سنڌي دوستن ڪڏهن به ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪانه ڪئي. باقي انهن جي سامهون دوبدو ٿيڻ کان پاسو ڪندا هيا. ان جا ڪيترائي سبب هيا. 1986 ع ۾ ايم ڪيو ايم جون دهشتگرد ڪاروايون پنهنجي عروج تي هيون. اسان جا ڪيترائي سنڌي نوجوان انهن جي علائقن ۾ رهندا هيا. ان ڪري خوف جو ماحول هوندو هيو.
ايم ڪيو ايم خلاف حڪمت عملي ۽ منصوبو
مان اهو عزم ڪيو ته ايم ڪيو ايم کي اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٽريڊ يونين مان ٻاهر ڪڍندس ۽ هنن کي پنهنجي ڳوڙهي حڪمت عمليءَ سان شڪست ڏيندس. ان وقت ايم ڪيو ايم جي دهشت جي ڪري جڏهن لساني فساد ٿيندا هئا ته اسان جا سنڌي نوجوان ٿيلها کڻي موڪلون ڪري ڳوٺ روانا ٿي ويندا هئا.
مون اهو به طي ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي مالڪي قائم ڪبي. ان لاءِ به جاکوڙ ڪبي. مون پاڻ سان ڪيل اهي ٻئي واعدا پورا ڪيا. جن جو تفصيلي ذڪر ڪندس. مان ان جو فيصلو تاريخ تي ڇڏيندس ته مان پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت گذار طور تي عملي طور ڪيترو ڪامياب رهيس.
ڊسمبر 1986ع ۾ اليڪشن هئي. منهنجي سبيوا جي ميمبر ٿيڻ جي ڇهن مهينن بعد پينل ٺهي ويو. جيڪو پراڻن ۽ تجربي ڪارن جي مدمقابل هيو. اڳ به ڪجهه دوست مقابلو ڪندا هئا مگر انهن جا ووٽ صرف ڏهه سيڪڙو مس هوندا هئا. اگر 600 ووٽ ڪاسٽ ٿيندا هئا ته مخالف 70-60 ووٽ مس کڻندا هئا.
پوءِ ٻنهي پينلن جي پاڻ ۾ مقابلي کان بچڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. ڇو ته ڪافي نوان دوست اي جي اين قاضي صاحب جي ڪري شامل ٿي ويا هئا. ان ڪري پراڻن اڳواڻن کي خطرو محسوس ٿيو ته متان قيادت هٿن مان هلي وڃي سو گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ ڪجهه دوستن جي وچ ۾ اچڻ ڪري ٻئي پينل هڪ ٿي ويا. 11 سيٽن جي پينل جي ورهاست اهڙي ريت ٿي ته جنهن جو صدر هوندو اهي پنج سيٽون ۽ جن جو جنرل سيڪريٽري هوندو ان جون ڇهه سيٽون رکندا. اسان واري سنگت ان ٺاهه ۾ خوش ڪونه هئي. جيڪي پراڻي وقت کان وٺي هنن جي سامهون بيهندا هيا ۽ شڪست کائيندا هئا. باقي ٻين سڀني جو اهو اڪثريتي خيال هيو ته پينل ٺهڻ گهرجي. ڇو جو اسان جي گروپ ۾ جيڪي پراڻا ساٿي هيا اهي جماعت اسلاميءَ جي ٽريڊ يونين سان وابسته هيا ۽ هي دور اهڙو هيو جو ماڻهو ايم ڪيو ايم کان پوءِ جماعتِ اسلامي کي سنڌ جي مفادن خلاف سمجهندا هئا. فيصلو ٿيو ته مون کي صدارت سان چار سيٽون ۽ غلام شبير سومري کي جنرل سيڪريٽري سان پنج سيٽون ملنديون. هن اليڪشن ۾ ڇاڪاڻ ته ووٽ نشان کي نه مگر ماڻهوءَ کي ملندو هيو. ان ڪري اسان سان گڏ جيڪي جماعت اسلاميءَ سان تعلق رکندڙ دوست هيا انهن پنهنجو الڳ پينل جوڙي اسان جو مقابلو ڪيو. نتيجي ۾ کين ويهه ووٽ مس مليا. معنيٰ اپريل ۾ نوڪري ۾ آيس، جون ۾ سبيوا جو ميمبر ٿيس ۽ 16 ڊسمبر تي ساڳي ئي سال ۾ ان ئي سنڌي بلوچ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن (سبيوا) جو صدر چونڊجي ويس. ايتري مختصر وقت ۾ سبيوا جو صدر ٿيڻ هڪ وڏو رڪارڊ هيو. اها منهنجي اسٽيٽ بئنڪ جي نوڪريءَ دوران پهرين وڏي ڪاميابي هئي. ان کانپوءِ سنڌي ماڻهن محسوس ڪيو ته اهڙو ڪو ماڻهو آيو آهي جنهن سنڌي ڪاز کي باقاعده هٿن ۾ کنيو آهي. جنهن جا انتهائي ڏور رس نتيجا نڪرندا ۽ اڳتي هلي ايئن ئي ٿيو.