آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

عاشوري جا تبرڪات

مون ذڪر ڪيو ته سنڌ ۾ سيدن جي اهميت مذهبي عقيدي ۽ توهم پرستيءَ جي ڪري تمام گهڻي رهي آهي. عام ماڻهو سيدن جي سيوا ڪندي انهن کي پنهنجي نجات جو رستو سمجهندا آهن انهن ۾ اڪثرسادات سڏائيندڙن پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ پنهنجي نسبت کي گهڻو ڪتب آندو آهي ۽ هو سنڌ جي عوام کي مال غنيمت تحت پنهنجو موروثي غلام تصور ڪندا آهن. ۽ پنهنجي ذاتي ڪم ڪار ۽ توهماڻين رسمن رواجن ذريعي پيٽ گذر لاءِ آقائن وانگر پيا حڪم هلائيندا آهن. سنڌ ۾ سيد ٿيڻ يعني هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪرڻ برابر هوندو آهي.
هو سنڌ ۾ ڪيئن آيا ۽ هتان جي زرعي زمينن (في الحال سيوهڻ جا سادات)– جائدادن ۽ واپارن جا ڪيئن وارث ٿيا، اهوهڪ الڳ بحث آهي. ليڪن اُهي تر جا وڏا زميندار پڻ هئا. زمينون ڪيئن هٿ ڪيائون؟ ۽ ٻين ملڪيتن تي ڪيئن قابض ٿيا. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي. ليڪن آهن سڀ زميندار ۽ جاگيردار اها هڪ حقيقت آهي. سندن هارين جي اڪثريت ملاحن، ماڇين ۽ جتن تي مشتمل آهي. جتن وٽ گذر سفر لاءِ اٺ هوندا هئا. محرم جي موقعي تي سڀني هارين نارين ۽ جتن کي سادات گهراڻن طرفان احڪام ملندا هئا ته جن هارين ۽ انهن جي عزيزن وٽ اٺ ۽ ڏاچيون آهن، اهي محرم جي عشري لاءِ ڪاهي اچن ۽ محرم جي جلوس ۾ ڊيوٽي ڏين. غريب ماڻهو جن جو گذر سفر اٺ ۽ ڏاچيءَ تي هجي، اهو ڏهه ئي ڏينهن ڀلي گهر ۾ فاقه ڪشي ڪري!- ننڍا معصوم ٻار ڀلي بک مرن، پر اهي 10 ڏينهن سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس وارن جتن ۽ اٺ ڌاريندڙن کي امامن جي ڊيوٽي ڏيڻي پوندي آهي. وڏي افسوس جي ڳالهه اها ته اٺن جو ان ڏهن ڏينهن ۾ کاڌ خوراڪ به اٺ ڌڻين جي ذميواري هوندي هئي. سيد سڳورا صرف حڪم ڏيئي امامن جي نالي ٿيندڙ ماتم کي پيا ترتيب سان هلائيندا هئا.