آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

حملي آور سان سائينءَ جي ورتاءَ جو هڪ دلچسپ واقعو

غالباً اها 1977- يا 78ع جي ڳالهه هوندي ته آئون حسب معمول سن ويس جڏهن ڪو ڪم ڪار نه هوندو هئو ته سن هليو ويندو هئس. ته اتي سائينءَ وٽ ڪجهه علائقي جا ماڻهو آيا. سائين ٽن ڏينهن کان ٻاهر بنگلي تي نه پيو اچي جو طبعيت ۾ ناچاقي هئس ۽ هلڪو بخار به هئس سياري جا ڏينهن هئا تقريبن 12 بجي جو وقت هجي بخار ۾ ڪجهه گهٽتائي هئس سو ٻاهر بنگلي تي آيو ايستائين مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه ڪاليج جا ڪجهه شاگرد اڳواڻ به آيا مون انهن مان محترم حبيب الله ڪابوري کي سڃاتو پاڻ به گرمجوشيءَ سان مليو ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ مسڪرائي پڇيائين ته، ڪهڙا حال آهن؟ مون چيو شڪر آهي ايئن اسين اندازن 6 کان 7 ماڻهو سائينءَ وٽ هئاسين جو ڳوٺاڻا سائينءَ کان طبيعت پڇي هليا ويا مان سمجهان ٿو ته الله بچايو مرڻاس به آيو هجي. ايتري ۾ سائينءَ جو هڪ نوڪر آيو چيائين سائين وڏي بنگلي تي پنجاب کان آيل هڪ مهمان ڪالهه کان ترسيل آهي جي اجازت ڏيو ته ان کي به سڏ ڪيان جو اوهان جي طبيعت به ٺيڪ ڪونه آهي وري هليا ويندؤ ته هن کي رهڻو پوندو. سائين پڇيو ڪير آهي؟ چيائين سائين راولپنڊيءَ جو ٿو ٻڌائي ڪالهه جيئن سن آيو ته ڳوٺاڻن ۽ ڌنارن کان پئي اوهان جو ڏس پتو پڇيائين اهي وٺي هتي ڇڏي ويا اٿس. اوهان جي طبيعت ٺيڪ نه هئي اوهان ڪونه آيؤ. اسان کيس ٻڌايو ته سائينءَ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ان ڪري سائين ڪالهه کان وٺي ڪنهن به مهمان سان ڪونه ٿو ملاقات ڪري جو ٻاهر ئي ڪونه ٿو نڪري. هن چيو ته مان پنجاب مان خاص طور سائينءَ سان ملڻ آيو آهيان ڀلي اڄ نه ته سڀاڻي جڏهن سائين ٺيڪ ٿيندو ته ملي پوءِ واپس ويندس. ائين چئي وري چيائين هتي ڪو هوٽل وغيره هجي ته آءٌ رهندس. اسان هن کي چيو ته هيءُ ٻهراڙيءَ جو ننڍو شهر آهي هتي رهائش لاءِ هوٽل ته ڪونه آهي. باقي تون سائينءَ جو مهمان آهين. اسين توکي سائينءَ جي بنگلي تي ٿا رهايون. پوءِ اسان هن کي وڏي بنگلي تي-جيڪو سنڌو درياهه جي ڪناري تي آهي، اتي رهائي ڇڏيو آهي کيس وقت تي ماني ۽ چانهه وغيره به ڏني اٿئون. سائين پڇيس ته ڪم ڪهڙو اٿس؟ سائين! چئي ٿو اهو مان سائين کي پاڻ ٻڌائيندس پوءِ سائين ملازم کي چيو ته وٺي اچوس. سائين حويلي واري بنگلي ۾ ورانڊي ۾ ڪرسي تي تڙڪي تي ويٺو هئو ان جي ڀرسان ٻه کٽون پيل هيون هڪ تي مان ۽ حبيب الله ڪابورو هڪ ماڻهو ٻيو، ڀرسان واري کٽ تي ٽي چار ڄڻا ويٺل هيا ايتري ۾ اهو ماڻهو نوڪر سان گڏ آيو. قد ڇهه فٽ کان مٿي، نوجوان، عمر اٽڪل 25 سال جي لڳ ڀڳ منهن تي هلڪي ننڍي ڏاڙهي جانٺو جوان ۽ چست؛
السلام عليڪم.!
سائين: وعليڪم السلام ڪري بخار هوندي به هن لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪري مليس هن به نوڙي هٿ ملايس ان کٽ تي ويٺو جنهن تي مان ۽ ڪابورو ويٺل هئاسين هيءُ اسان جي وچ ۾ ويٺو، ان وقت سائين جي ايم سيد کي ماستر غلام قادر طبيعت جي ناچاڪيءَ سبب زور پئي ڏنا. سائين هن سان خوش خير عافيت ڪئي پئي ته وري چار-پنج جيئي سنڌ جا ڪارڪن اچي ويا وري انهن سان حال احوال ۾ هن همراهه سان سائين جون هلندڙ خبرون رهجي ويون. هن هڪ دفعو اٿي سائين ڏي وڌي چيو:
آپکی طبیعت خراب ہے، میں آپکے پاؤں دباتا ہوں۔!
سائين چيو ته:
آپ ہمارے مہمان ہیں، آپ یہ کام نہیں کر سکتے یہ سارے میرے اپنے ہیں، لیکن یہ کام ملازم کا ہوتا ہے مہمان کا نہیں۔!
اسان به هن کي وٺي ويهاريو. مان سمجهان ٿو ان وقت هن کي دل ۾ آيو ته زورن جي بهاني ويجهو ٿيانس ۽ حملو ڪيانس ليڪن اهو موقعو هن کي نه ملي سگهيو ان کانپوءِ ڪچهري هلندي رهي ان ڏينهن شايد محرم الحرام هئو يا اچڻ وارو هيو سو اهڙي قسم جي ڪچهري هلي جنهن ۾ امام حسين جي شهادت جو ذڪر نڪتو سائين امام حسين يا ته ڪٿي حضور ڪريم جو ذڪر اچي ته انتهائي ادب سان نالو وٺي؛ امام حسين رضي الله عنه يا حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم مطلب ته نالو عزت ۽ احترام سان وٺندو رهيو، اهو بحث به اندازن ڪلاڪ کن هليو سائين امام حسين رضي الله عنه جي قرباني بهادري ۽ جنگ جي حوالي سان ڪافي ڳالهيون ٻڌايون پئي ته هن همراهه به ٻڌو پئي. ڪچهري ته سنڌيءَ ۾ هئي ليڪن امام ۽ حضور جا نالا سڳورا ته هر ماڻهو سمجهي ٿو ته هي احترام سان نالو وٺي ٿو يا نه؟ اهو ته هن محسوس پئي ڪيو، سو آخر ۾ هن به حضور اقدس ۽ قرآن شريف ۽ ٻه چار مذهبي نوعيت جا سوال ڪيا جيڪي جواب سائينءَ ساڳي عزت احترام سان اردوءَ ۾ ڏنا. بهرحال هيءُ همراهه مطمئن ٿي ويو ته آءٌ جنهن ماڻهوءَ کي مارڻ آيو آهيان اهو ته ڪافر نه آهي. سو چيائين ته سائين هڪ عرض ڪيان جي معافي ملي ته! مون کي ڇڏي ڏجو، جي نه ته اوهان جي مرضي! سائين چيس ته ٻڌاءِ، هن ٻڌايو ته منهنجو نالو گلستان آهي آءٌ فوج ۾ سپاهي آهيان ۽ ڪمانڊو به آهيان- مان، راولپنڊيءَ ۾ مهينو کن ٿيندو هڪ مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ ويس مسجد جي مولويءَ جمعي جي نماز ۽ خطبي ڏيڻ کان اڳ ۾ تقرير ڪئي ان ۾ هن اوهان (جي ايم سيد) ۽ شيخ اياز وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ تقرير ڪندي چيو ته اهي مسلمانن جي روپ ۾ ڪافر آهن الله ۽ ان جي رسول ۽ قرآن جي خلاف ڳالهائيندا آهن ۽ اسلام جي خلاف ڪتاب به لکيا اٿن. اِهي هندستان جا به ايجنٽ آهن ۽ پاڪستان جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن... آهي ڪو اسلام جو شيدائي، جيڪو انهن ڪافرن کي جهنم رسيد ڪري؟! جيڪو مسلمان ايئن ڪندو اهو جنت ۾ ويندو ۽ خدا ۽ خدا جي رسول ۽ قرآن جي انڪارين مان جان ڇڏائيندو. هنن کي مارڻ جهاد آهي جي جهاد ڪندي ماريا ويئو ته جنت ۾ جي ڪامياب ٿيؤ ته خدا ۽ ان جو رسول سدائين اوهان تي راضي رهندو. هن ٻڌايو نماز کانپوءِ مان ان مولويءَ سان مليس ان وٽ شيخ اياز ۽ جي ايم سيد جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ 2 عدد پيل هجن! هن چيو ته هيءُ ڏس ڪتاب جي ايم سيد جو ۽ هي شيخ اياز جو هڪ سن ۾ ٿو رهي. ٻيو هاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي اهي ٻئي ڪافر آهن هنن سان وڙهڻ ۽ هنن کي ختم ڪرڻ جهاد آهي. ۽ آءٌ توکي اها فتويٰ لکت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ تقرير وري روبرو ذهن کي واش ڪرڻ ۽ وري ڪتاب جيڪي مان سمجهان ته ڪونه پيو ڇو ته سنڌي ۾ لکيل هئا، ليڪن هو رکيو ويٺو هئو. مان مولويءَ کان موڪلائي جهاد جو واعدو ڪري اوهان کي ختم ڪرڻ جو عهد ڪري فوج مان موڪل ورتي ۽ موڪل ملڻ شرط آءٌ ٽرين تي چڙهي حيدرآباد پهتس. يونيورسٽيءَ جو معلوم ڪيم ته ڄامشوري ۾ هئي اتي ويس ملاقات ۾ رڪاوٽون هيون پوليس ۽ پهرو وڏو هئو ان لاءِ مون سوچيو ته پلان ٺاهڻو پوندو ته وقت لڳي ويندو ان ڪري وڃان ٿو سن! پهرين جي ايم سيد کي ختم ڪري پوءِ جي بچي آيس ته شيخ اياز کي قتل ڪندس-جي مري پيس ته راه جهاد ۾ هيءُ سر قربان! پوءِ مان بس ۾ چڙهيس ڇو ته سن جو واقف ڪونه هيس ته وڃي سيوهڻ پهتس اتان قلندر جي زيارت ڪري وري پڇا ڪندو بس ۾ چڙهي سن جي مين اسٽاپ تي لٿس، اتان پڇندو پنڌ ڪندو آيس پئي واٽ تي هڪ ٻه مال چارڻ وارا ماڻهو مليا انهن کان اوهان جو پڇيم! پر جيڪي ماڻهو مليا ۽ جن کان مون اوهان جي لاءِ پڇيو سڀني اوهان کي ڀلو ماڻهو پئي چيو اوهان بيمار هيا. رات مون کي اوهان جي نوڪرن بنگلي ۾ ماني کارائي، صبح جو ناشتو به ڪرايائون، ايئن چئي هن چيو ڏسو هيءُ اوزار آءٌ اوهان کي ختم ڪرڻ لاءِ کڻي آيو آهيان ۽ ايئن چئي شلوار جو پانچو مٿي ڪيائين ته ٽنگ ۾ ڏيڍ فٽ جو خنجر جيڪو ڏسڻ شرط حبيب الله ڪابوري ۽ مون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو! خنجر تمام تکو ۽ ٻنهي پاسي تيز ڌار هيس ڏيڍ فوٽ ڊگهو ۽ چار انچ ويڪرو هيو، ايئن پئي چيائين ته اوهان جي ملڻ سان اوهان جي اخلاق مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ويتر منهنجي خوشقسمتي جو اوهان مذهبي ڪچهريءَ ۾ به جيڪي نالا امامن ۽ قرآن پاڪ، الله ۽ ان جي رسول جا ايڏي عزت ۽ احترام سان ورتا تڏهن مون توهان کان ڪجهه سوال پڇيا آءٌ مطمئن ٿيس مان سراپا معترف آهيان، جي مون کي سزا ڏيو ته به اوهان جي مرضي جي ڇڏيو ته آءٌ اوهان سان واعدو ٿو ڪريان ان مولويءَ کي ڪونه ڇڏيندس!
سائين هن کي جواب ۾ صرف ٻه جملا چيا: ”میں نے آپ کو معاف کر دیا اور مولوی کو بهی اور آپ بهی مولوی کو معاف کردو۔“
ائين چئي سائين جي ايم سيد جي ڪيفيت صفا بدلجي ويئي ۽ کيسي مان هڪ ڪاغذ ڪڍيائين ۽ چيائين مون رات جو خواب ڏٺو. خواب ۾ منهنجو ذاتي دوست ۽ بزرگ سائين حسن بخش شاهه سڪرنڊ وارو آيو ۽ چيائين ته تنهنجي مٿان ڪا آفت هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچڻي آهي. تو قرآن شريف جي هيءُ آيت لکي کيسي ۾ رک ۽ ٻي ٽي دفع پڙهندو رهه انشاءَ الله تو تان اها مصيبت ٽري ويندي ايئن چئي ان ڪاغذ ۾ لکيل اها آيت• پڙهيائين ۽ اٿي حويلي ڏانهن ويندي هڪ دفعو وري سڀني کي چيائين هن کي ڪير به ڪجهه نه چوي مون هن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي! هن کي ماني کارائي عزت سان روانو ڪجو، خبردار! متان ڪو هن کي ڪجهه چوي! سائين هليو ويو خنجر اسان پاڻ وٽ رکيو هن کي مانيءَ جو چيوسين پر هن چيو ته مون کي اجازت ڏيو مان واپس ويندس ۽ ايئن موڪلائي پنڌ روانو ٿيو جو مين روڊ سن شهر کان اندازن ڏيڍ-ٻه ڪلو ميٽر پري آهي.