آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

سينيئر مرڪزي نائب صدر جي چونڊ ۾ ڪاميابي

1976 جي آخر ۽ 1977 جي شروع ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي يونين جون آخري با ضابطا چونڊون ٿيون، ان ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ جي ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ جيڪي نمائندا چونڊجي آيا، انهن جي رابطي لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهڻ لاءِ مرڪز وارن ميٽنگ گهرائي، جنهن مان سيوهڻ ڪاليج مان آئون، مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه مان رسول بخش ٿيٻو، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ضمير لاڙڪ- جيڪو هاڻي سيشن جج آهي ۽ يونيورسٽيءَ جي يونين جو صدر هئو. عبدالسبحان ميمڻ هينئر يعني جون 2011 ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري آهي، پر لڳي ايئن ٿو ته هاڻي کيس گهڻو وقت ان عهدي تي رهڻ ڪونه ڏيندا، جو هن سپريم ڪورٽ ۾ اهو بيان ڏنو ته سول انتظاميا سنڌ ۾ امن امان جي مسئلي تي بري طرح ناڪام ويئي آهي، ۽ آئون پاڻ کي سپريم ڪورٽ جي رحم ڪرم تي ٿو ڇڏيان! اهو بيان هن سپريم ڪورٽ ۾ پاڻمرادو نوٽيس تي ڏنو، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو پارڪ ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ سرفراز شاهه نالي ڪنهن ماڻهوءَ کي رينجرس وارن سر عام گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اهو واقعو صحافي؛ زاهد کوکر پنهنجي موبائيل جي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو ۽ ميڊيا وارن هن مسئلي کي تمام گهڻو کنيو!
1976ع ۾ سيوهڻ جو تعلقي صدر ۽ ان ئي حيثيت ۾ ڪاليج جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ 1976،1977 تائين ۽ 1978 تي ضلعي دادوءَ لاءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر چونڊجڻ باوجود مرڪز جي مخالفانه مداخلت هوندي، ۽ وري 1978 ۾ ئي ذاتي معاملا جن ۾ اسپتالون ان ۾ ٽن ڀائرن کي ائڊمٽ ڪرڻ جي ڪري تنظيمي مصروفيتن ۾ گهٽ ايڪٽو رهيس، پر پوءِ به دادو ضلعي مان جيڪي به فيڊريشن جا ورڪر ۽ ڪارڪن جيلن ۾ ويا، انهن جي لاءِ ملاقات، ڀڄ ڊڪ ۽ جيل ۾ بي ڪلاس جون سهولتون وغيره حاصل ڪري ڏيڻ شامل هئو. هاڻي آهستي آهستي اسپتالن وارا همراهه به واپس گهر اچي ويا ۽ آئون پنهنجي قومي فرض ڏانهن مائل ٿيس، ايتري ۾ 1979ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جون مرڪزي چونڊون اچي ويون، مان ڇاڪاڻ ته جذباتي حد تائين هن تحريڪ کي چاهيندو هئس، هن تحريڪ ۾ ڪيترا ماڻهو پنهنجي مقصد ۽ مفاد جي ڪري شامل ٿيا، جو اها حقيقت آهي، ته ان وقت سنڌ ۾ شاگرد طبقي ۽ تعليمي ادارن ۾، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن تمام وڏي طاقت رکندڙ تنظيم ٿي سامهون آئي هئي، ان ڪري ڪافي چورن چڪارن، لوفر ۽ مفاد پرست ماڻهن به ان تنظيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊوڙ لڳائي، انقلابي تنظيم جي اها هميشه ڪمزوري رهي آهي ته جيڪو ان ۾ شامل ٿيندو، ان کي کڻي اکين تي ويهاربو، سندس شموليت لاءِ ڪو انٽرويو ڪو نظريو ۽ ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه هئي، سندس ماضي کي به ڪونه ڏٺو ويندو آهي، جي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جيئي سنڌ.ا.ف جو مخالف به هجي، ته ان شيءِ جي تحقيق به ڪونه ڪئي ويندي هئي، مطلب ته سنڌ يونيوسٽيءَ، ايگريڪلچر يونيورسٽي، لياقت ڪاليج، مهراڻ يونيورسٽي ۽ چانڊڪا ۾ ان وقت جيئي سنڌ فيڊريشن جو راڄ هوندو هئو، سو ننڍن شهرن مان پڙهي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ مهل هر ايڪٽو شاگرد جو جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيڻ مجبوري به هوندي هئي، ۽ مزو به هوندو هئو، بس ٺلها نعرا هڻي ماڻهو مفت ۾ بنا سوچ لوچ ۽ بغير ڪنهن قربانيءَ جي قومي تحريڪ جو هيرو ٿي ويندو هئو، ۽ اڪثريت اهڙن ئي شاگردن جي هوندي هئي، باقي نظرياتي ڪارڪن تمام گهٽ هوندا هئا. اهو سبب آهي جو اهي ماڻهو پنهنجي مفاد کي ترجيح ڏيندا رهيا، پوءِ يونيورسٽي جي تعليم مڪمل ڪرڻ سان سندن قومي تحريڪ سان وابستگي به ختم ٿي ويندي هئي، ڪيترا وڏا نالا جڏهن عملي سياست ۾ متحرڪ ٿيا، ته انهن پٺيان ڪيل سڀ واعدا، اقرار ۽ وچن وساري ڇڏيا ۽ لڳا وڃي پنهنجي ذاتي مستقبل کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ، اهي اصل ۾ حادثاتي قومي ڪارڪن هيا، هنن جي ذهن ۾ ٻيو ڪجهه ۽ زبان تي ٻيو ڪجهه هوندو هيو، يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ جي دور ۾ جيڪي گلا ڦاڙي تقرير ڪندا هئا ۽ نعرا هڻندا هئا، اهي ماڻهو يونيورسٽي ۽ شاگرد سياست جي حد تائين ته جيئي سنڌ جا هوندا هئا، ليڪن عملي زندگيءَ ۾ ساڳيا ماڻهو ان تنظيم جا مخالف ۽ انهن جي پيروڪارن کي گاريون ڏيندڙ رهيا آهن، ڪي ته وري اقتدار جي نشي ۾ سنڌ دشمن پارٽين ۾ شامل ٿيا، ۽ اتي پهچي قوم پرستن کي ڪچلڻ ۽ ختم ڪرڻ جا رستا ڏيکاريندا رهيا، اوهان، اگر ٿورو تاريخ جا ورق اٿلائيندوءَ ته تمام ويجها ڪجهه وڏا ۽ اهم نالا ذهن ۾ ايندا جيڪي پنهنجي مفادن خاطر اقتداري پارٽين ۾ وڃي شامل ٿيا، انهن ۾ ڪيترا ته اتي ضم ٿي ويا، ليڪن ڪيترا دربدر ٿيندا ۽ ڀٽڪندا رهيا، انهن ۾ڪيئي قابل احترام شخصيتون شامل آهن، اهو ذڪر اڳتي هلي ڪندس.