آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

زوراوري...

مان جيپ کڻي، همراهه پاڻ سان وٺي، جيپ به سبزوارين جي ، ڊرائيور ۽ گن مين به انهن جو، اهڙي ريت اسين پنج ڄڻا ٻه پستول کڻي، ٻڌايم ڪنهن کي ڪونه ته ڇا ڪرڻو آهي-وڃي آراضيءَ پهتاسين. آراضيءَ جي شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط روڊ تي اسڪول آهي. ان اسڪول جي گرائونڊ تي والي بال جي راند پئي هلي. اسين اڳتي وڌياسين ته قربان ڪلهوڙو نظر آيو. ان سان گڏ ٻه ڀائر ۽ ڇهه-ست ٻيارانديگر هجن، جيڪي والي بال راند ڪندا هئا. اسان گرائونڊ جي ڀرسان جيپ بيهاري ۽ مون گن مين کان بندوق ورتي ۽ پڇيو مانس لوڊ آهي؟ چيائين سائين ٻنهي نالن ۾ ڪارتوس پيا آهن. صرف ٽائيگر دٻائڻو آهي. منهنجي گاڏي جيئن ئي بيٺي ته واڪو ڪندي قربان ڪلهوڙي تي اُلر ڪري بندوق سڌي ڪندي چيم ته؛ ڀر ڪلمون اچئي ٿي گولي! هڪدم سندس ڀائر اڳيان اچي ويا هو صفا هيسجي ويا ته الائي ڇا ٿيندو! هنن کي اندازو به ڪونه هئو ته ڇا ٿيندو. ڇو جو اليڪشن جي سموري مهم ۾ مون هن کي ڇڏي ڏنو هئو. سڀ اچي گڏيا. منهنجا همراهه جيڪي مون سان گڏ هئا اهي به پستول آڱر ۾ ڦيرائيندا وڏي لئه سان اچي، مون سان بيٺا. مون صرف ٻه لفظ چيا ته يا اسان سان هل، سڀاڻي اليڪشن کان پوءِ واپس ايندين يا اتي جو اتي بندوق جا ٻئي ڪارتوس تنهنجي سيني ۾ ٺوڪيندس. اسان کي اليڪشن ۾ بيهاري تون گم ٿي وئين. صبح جو اليڪشن آهي ۽ تون ويٺو والي بال کيڏين... بهرحال آئون تمام گهڻي جوش ۾ هئس. کيس ٻيا به ڪافي سخت لفظ پڻ ٻڌڻا پيا. هن هڪدم چيائين؛ مان هلان ٿو. بنا قميص پائڻ جي سلوار ۽ گنجيءَ ۾ گاڏيءَ ۾ ويٺو. سندس ڀائرن قميص کڻي اچي کيس ڏني. هن ڀائرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ته ڪوڙل شاهه صاحب وارن جي ڊپ کان مون کي جهليو هئو، هاڻي ڏيو منهن. بهرحال آئون هن سان وڃان پيو، اوهان ڪنهن کي به نه چئجو سڀاڻي واپس ايندس. اسين هن کي جيپ ۾ کڻي سيوهڻ وٺي آياسون ۽ اليڪشن جي شام تائين اليڪشن کٽي واپس ڳوٺ ويو.