آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

پوليس آفيسر جو قومي جذبو

ڪاليج دؤران شاگرد يونين جي اليڪشن جي موقعي تي سرڪار پ پ جي هئي ۽ انهن جو زور به هجي ته سپاف کي سيوهڻ جي اليڪشن کٽڻ گهرجي سپاف ضلعي دادو جي صدر سيد حاجن شاهه لڪياري (ان وقت ڄام شورو ضلعو ڪونه هئو) سيوهڻ ۾ سڀني شاگردن کي بنگلي تي گڏ ڪري، صبح جو سوير دادو ڪاليج جي اليڪشن لاءِ روانو ٿي ويو، سڀ ووٽر رات وٽس رهيا مانيون کاڌائون ۽ غريب شاگرد پهريون دفعو ڪنهن جاگيردار جي بنگلي تي مهمان نوازيءَ جو مزو وٺي رهيا هئا ۽ ڪير به ڪنهن کي ڪونه پيو ٻڌائي ته صبح جو ڇا ڪرڻو آهي، صبح جو پ پ جي جهنڊي وارين ويگنن ۾ واري واري سان پندرهن کان ويهن شاگردن کي کنيو اچن ۽ ووٽ وجهي وري ٻيو چڪر هڻن، اهو ان ڪري ته ٿورا ٿورا ووٽر هوندا ته انهن تي ڪنٽرول ڪري سگهبو ۽ اسان واري ڪئمپ جي ڪنهن ماڻهوءَ سان رابطو به نه ڪري سگهندا، ان حد تائين ته ڪامياب ويا، ليڪن ووٽ ۽ ان جو استعمال ته سيڪريٽ هيو، جو هنن ڪوشش ڪئي ته کليو ووٽ وجهرائجي، ان لاءِ هن نثار بلوچ، ڊي.ايس.پي ۽ پرنسيپال کي سرڪاري حڪم به ڏياريا. مون کي ته خبر پوندي رهي ۽ تازو حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي کان پوءِ ته منهنجو سيوهڻ جي انتظاميه تي اثر به هيو، مٿان وري ان زماني ۾ جيئي سنڌ جو به عروج هيو، جنهن ڪري انتظاميه وارا به خيال ڪندا هيا، ان ڪري انتظاميه کلئي ووٽ جو سرڪار جو حڪم خاطر ۾نه آندو ۽ نثار بلوچ ته هونئن ئي اسانجو همدرد هو، هن چيو ته آئون ڪنهن کي به قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ نه ڏيندس، اليڪشن فيئر ٿيندي. اليڪشن کانپوءِ ڳڻپ جو عمل شروع ٿيو ته اتي ويٺل مخالف ايجنٽ ۽ اميدوارن جا حواس باخته ٿي ويا، سپاف پاران بيٺل اشرف پنجابي ووٽ جي دٻي کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جي سامهون اسان جي طرفان خدا بخش ڀٽو ويٺو هو، ان به نه ڪئي هم نه تم وٺندي ڳچئ مان ٻه ٺونشا هڻي ڪڍيائينس، ايتري ۾ گوڙ ٿي ويو، آئون به ڊوڙندو پهتس پوليس به اچي ويئي، ڊي.ايس.پي؛ نثار بلوچ پنهنجي نگرانيءَ ۾ مزيد ڳڻپ ڪرائي، هنن کي سپاف وارن گهڻو ڌمڪايو ۽ هيسايو. هن کين چيو پٽ آئون ته اوهانکي ووٽ ڪونه ڏيندس جن کي توهان گاڏين ۾ ويهاري ووٽ لاءِ وٺي آيا آهيو، جي اهي ئي اوهان کي ووٽ نٿا ڏين ته پوءِ پنهنجي قسمت کي چئو، باقي هتي اوهان کي غنڊا گردي ڪرڻ ڪونه ڏيندس، اليڪشن گذري ته اوهان مونکي ڀلي هتان هٽرائي ڇڏجو. اليڪشن جي ڪاميابئ جو جلوس ڪڍي جڏهن ڌمال چوڪ تي پهتاسين ته حاجن شاهه جي ننڍي ڀاءُ؛ الله بخش شاهه چند ڇوڪرن سان گڏ اسان جي جلوس تي پٿراءُ ڪرايو، مون ماڻهن کي روڪيو ته هن کي ڪجهه نه چئو هڪ ته صفا ننڍو ٻار هئو مون کيس دڙڪو ڏنو ته هليو ويو، مونکي ياد آهي ته ان وقت سائين ماستر مجن به يو.بي.ايل ۾ نوڪريءَ ۾ لڳي ويو هئو، سيڪنڊ آفيسر هيو، ۽ سندس ميئنيجر عبدالڪريم دائودپوٽو هيو، عبدالڪريم جو ڀاءُ عبدالفتاح دائودپوٽو به اسان جي پينل ۾ ڪلاس نمائندو چونڊجي آيو، سو جڏهن جلوس يو.بي.ايل وٽ پهتو ته عبدالڪريم دائودپوٽو اتي اسان تي گلن جي شاندار ورکا ڪئي ۽ سڀني ڪامياب اميدوارن کي هار به پارايا. اسان جو جلوس، جنهن ۾ شاگرد گهٽ ليڪن شهر جا ماڻهو تمام گهڻا هئا، سو قلندر جي درگاهه تي پهتو، دعا گهري جلوس جو اختتام ڪيوسين! ۽ سڀڪو پنهنجي ڪم ڪار سان وڃي لڳو.