آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

سائين جي ايم سيد کي دانهن

1976ع کان اڳ ۾ مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم اڳواڻ هئس. اهو معاملو مون سائين جي ايم سيد سان ذڪر ڪيو هئو. سائين هنن کي چيو ته مان پئسا اوهان کي وٺي ٿو ڏيان، توهان اچو ته هن معاملي کي ٺاهي ٿا ڇڏيون. هنن سائين جي ايم سيد کي ها ڪئي، پوءِ سائين کي چيائون ته هي اڃا ساڳيا ان زماني ۾ طي ٿيل اٺ هزار ٿا ڏين جڏهن ته هينئر جاءِ جي قيمت لک کان مٿي آهي. سائين چين ته اوهان کي هڪ لک وٺي ٿو ڏيان جاءِ ابڙن کي لکي ڏيو، هنن ها ڪئي. سائين مون کي چيو پئسن جو انتظام ڪر، گهٽ وڌائي ۾ مان ٻڌل آهيان توهان جلدي پئسا مون وٽ کڻي اچو، مان ٻئي ڏينهن سائين کي ستر هزار ڏنا ۽ چيم ته ٽيهه هزارهڪ مهيني ۾ ڪري وٺنداسين. چيائين آئون هنن کي هڪ لک ڏيئي ٿو ڇڏيان جي ٿين ته ٺيڪ آهي، جي نه ٿين ته به خير آهي. مون سندس شڪريو ادا ڪيو. پوءِ اهي پئسا سائين وٽ هڪ سال کن پيا رهيا. هو سدائين سائين سان ته ها ڪندا هئا پر ايندا ڪونه هئا. سو سائينءَ سان به ڪوڙ پئي هنيائون. هڪ دفعي ته سائين پنهنجي وڏي پٽ امير حيدر شاهه کي به موڪليو. آخر ڪافي دفعا نياپا ڪري سائين به بيزار ٿي مونکي چيو هي اٿئي چيڪ سامهون اٿئي بينڪ پنهنجا ڏوڪڙ کڻي وڃ. هيءُ غلام حسين شاهه بي ايمان ٿي پيو آهي ڪوڙو آهي رڳو ويٺو ڏٽا ڏيئي ڪيترا دفعا ٽائيم رکي نٿو اچي. مون زندگيءَ ۾ ايترو ڪنهن کي ڪونه چيو آهي. منهنجي نياپي تي ڪم ٿيندو آهي. پر هن ۾ ته تمام گهڻي اميد هئي. ان ڪري توکان پئسا به ورتم. افسوس جو آئون تنهنجي ڪابه مدد ڪونه ڪري سگهيس .ليڪن ان ۾ ايترو ٿيو جو شرم کان غلام حسين شاهه سائينءَ وٽ وڃڻ کان ڪيٻائيندو هئو. پوءِ هڪ دفعي ڪنهن فوتگيءَ ۾ ڪٿي مليا ته سائين رڳو ايترو چيس ته بابا جي ڪم نه ڪرڻو هئو ته آسرو ڇو ڏنئي؟! پوءِ نيٺ غلام حسين پنهنجي ٻن ڀائرن سان وڃي بابا سان مليو ۽ چيائونس ته اسين هلي آيا آهيون وري به بابا جو دوست آهين گهر به ڊهي ويو آهي. هن ۾ هينئر تون رهندين ته توکي به تڪليف پئي ٿيندي. هيءُ وٺ پنجويهه هزار روپيا اسان توکي ڏيون ٿا باقي اسان کي معافي ڏي. بابا هنن ڏي نهاري ايترو چيو ته انهن پنجويهه هزارن مان جئندل شاهه جي قبر تي وڃي قبو ٺاهيو. مون کي ڪونه گهرجن. مان وري به اوهان جي هلي اچڻ تي هيءُ گهر اوهان جي حوالي ڪيو ٿو وڃان. پوءِ اهو گهر ايئن ئي رهيو. ڇو ته واري واري سان غلام حسين شاه، ڪوڙل شاهه ۽ نذر محمد شاهه گذاري ويا. ۽ اسان واري حصي ۾ پنهنجي زندگيءَ ۾ اوطاق ٺهندي نه ڏسي سگهيا. هاڻي سندس پٽ علي گوهر شاهه آهي، اهو ان ۾ ڪمرا ٺهرائي ميلي دوران مسافر خانو ڪيون ويٺو ڪرايو ڪمائي!.
*