آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

پيار جا پيراگرافَ

ڪنهن به نهايت سؤکي شخص تي شخصي طور لکڻ مها اوکو ٿي سگهي ٿو. ڪنهن به شخص تي شخصي طور لکڻ لاءِ ڪارڻ، اڪارڻ ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته شخصي طور ڪنهن شخص تي ڪجهه به نه لکڻ لاءِ ڪو به خاص سبب ڄاڻائڻ ضروري نه آهي. شخصي طور ڪجهه به لکڻ لاءِ ڪنهن به شخص جي شڪل نه پر شخص جي اندر جي آئيني جي اُجرائي، سچائي ۽ نيڪ نيتي ئي ڪارفرما هوندي آهي. ڪنهن به شخص جو لفظي پوٽريٽ لکڻ لاءِ ڪي شخصَ ڄاڻ سُڃاڻ هوندي، اُبتين، سُبتين، ٽيڙين، ٽيڊين ۽ آڙين لڪيرن وانگر نظر هيٺان گُذري ويندا آهن، ته ڪي شخص پيار جي پهرين پيراگراف وانگي سونَ ورن لفظن سان واکاڻيل، وڻندڙ، دلڪش، سولا ۽ سِڌا ئي هوندا آهن. اهڙا شخص کليل ڪتابَ به هوندا آهن ۽ ڪَٿائون به هوندا آهن.
برازيلي قصاگو پنهنجي نائڪ يا نائڪا متعلق جڏهن گفتگو ڪندا آهن ته انهن جا ڀاري ۽ باريڪ سڀئي پردا، اوڇڻ لاهي، انهن جي اهڙين ڪُنڊن جي ڪَهين کي اکيليندا آهن، جو سِڊول جسم جي اگهاڙپ باوجود، انهن نائڪ ۽ نائڪائن جون بدني بيهڪون پرديداريءَ کي لڄائي ڇڏينديون آهن. آرٽ جي عظيم انقلاب اندر فوقيت جسم کي گهٽ، پر بيهڪ کي وڌيڪ ڏني وئي آهي. ذات، صفات جي اڪثر پردن انسان ذات کي وڌيڪ دوکا ڏنا آهن. پردي پويان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي يا جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي، ان کي انسان ذات پنهنجو حصو پتي نه پر پنهنجي ذلت ئي تصور ڪري ٿي! پردو شخص جي ڏوهن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. ان ڪري ئي دنيا جو هر عظيم آرٽسٽ لباسن هوندي، بي پيرهن به رهندو آهي ته بي رحميءَ سان لقائن کي بي پيرهن ڪرڻ جي قدرت به رکندو آهي. ڪنهن به شخص بابت تفصيل لکڻ ويل ڪوبه پردو، پاندُ رکڻ حقيقت ۾ سچ جو مياري ۽ مجرم ٿيڻ جي برابر آهي!
مان محمد خان ابڙي کي سُڃاڻان ٿو، يا هُو مون کي سُڃاڻي ٿو، ڳالهه هڪ ٻئي کي سُڃاڻڻ کان وڌيڪ ان مستطيل زندگيءَ جي چيئن لڪيرن جي آهي، جن مستطيل چيئن لڪيرن جي اندر هڪ ساڌارڻ شخص پنهنجي زندگيءَ جو بنواسُ ڀوڳي پنهنجا پيرَپِٿون ڪري ٿو، گهڻو ڪجهه پائي، گهڻو ڪجهه وڃائي ٿو. زندگيءَ جي ڌُن ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ گُهري ٿو. تَنَ جي تانپوري کي زندگيءَ جي آواز سان جوڙڻ ۽ ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو! مان اهڙن اُتاولن، من-موجي ۽ مست مگن ماڻهن کي گهٽ سُڃاڻان. پر محمد خان ابڙي سان منهنجي پهرين ملاقات، اسان جي ساهراڻي گهر ۾ ئي ٿي هئي، ان پهرينءَ ملاقات کي ڪنهن به ريت ڪا چڱي ملاقات چئي نه ٿو سگهجي. مون ان ملاقات ۾ پاڻ کي ڀُنگَ تي وَرايل ان شخص وانگر سمجهو هئو، جيڪو اغوا ٿيڻ کان پوءِ بازيابيءَ يا واپسيءَ وقت هيسيل هيسيل هوندو آهي. مون کي، اُن پل هُو هڪ شخص طور ڪنهن به ڪُنڊ، پاسي، ڪنهن به طرف، تعارف، تورَ، تَڪ، قد، بتَ ۽ ڳالهه ٻولهه حوالي بنهه ئي سمجهه ۾ نه ايندڙ هڪ عام شخص ئي پاسيو هئو. ٿي سگهي ٿو ته ان پهرين تعارفي ملاقات ۾ هُن جو مون بابت به ساڳيو ئي خيال يا رايو هجي، جنهن جي مون کي مڪمل معلومات اڄ ڏينهن تائين نه پئجي سگهي آهي، نه ئي هُن ان پهرين ملاقات جو مون سان ڪڏهن ذڪر ڇيڙيو يا نبيريو آهي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته 2005ع ڌاري، هُن مون سان ذاتي طور ڏيٺ، ويٺ، لڳ لاڳاپي يا ڪنهن به واقفيت نه هئڻ جي باوجود، منهنجي ساهرن وٽ، منهنجي شاديءَ بابت، منهنجي شخصي ضمانت پنهنجي سِرُ کڻي، مون کي پنهنجي ٽن پُٽن جي پيءُ هجڻ جو شرف عطا ڪندي منهنجي پيڙهيءَ کي منهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي سان ڳنڍيندي منهنجي ذات جي بقايا پاڇيءَ کي بچائي ورتو. هن جي اهڙي احسان کي منهنجي ايندڙ پيڙهيءَ جو ڪوبه فرد ڀُلائي نه ٿو سگهي!
2007ع جي ڪاريءَ هوا، جتي ڊسمبر جي ڳاڙهي گلابَ کي هر پڌر، پٽ تي ڇاڻي، پن پن کي وکيرڻ شروع ڪيو ۽ هن سلطنت جا سڀئي سُتون اچي زمين دوز ٿيا ۽ وطن جي شهڪار، بي مثال بينظير ڀٽو صاحبا کي شهيد ڪيو ويو ته منهنجي سفر جو نصيبُ به شهيدن جي قافلي سان گڏ لکيو ويو. هجرتن جي ان ناموافق موسم مون کي پهرين لاهور جي لاپرواهه رستن ۽ پوءِ اسلام آباد جي پٿرن ۾ آئيني سازن سان همڪار ڪيو. محمد خان ابڙي سان منهنجو انهن خراب موسمن باوجود ڪچو، پڪو مواصلاتي تعلق بحال رهيو. اهڙن ئي ڪجهه ڦاٽل، اُڊڙيل، اُڊڙيل ۽ ڏريل ڏهاڙن جي ڏُهاڳ ورتل ڪنهن اڌ سرد ڪچيءَ منجهند دوران ڪراچيءَ کان هُن، مون کي اسلام آباد فون ڪيو، فون جي آواز جي گرمي منهنجي ڪَن جي پردي، پُڇڙ ۽ پاپڙيءَ تائين پُڄندي پُڄندي سرد ٿيندي وئي. هُن فون تي ڳالهائيندي مون کي چيو ته ”پيارا احمد اهو ڪهڙو سبب آهي، جو تنهنجي ۽ منهنجي ڪُنڊلي پاڻ ۾ ملي نه ٿي.“ مون هن جي ان پيار، پنهنجائپ ۽ حجت کي دل ئي دل ۾ قبوليندي وراڻيو ته ”پيارا جوتشين ٻڌايو آهي ته سُڀاڻي رات پنهنجا تارا هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندا، نجوم جو علم ڄاڻيندڙن اهو به پڌرو ڪيو آهي ته سڀاڻي رات پنهنجا سڀ حساب، ڪتاب روبرو ٿيندا.“ هُن نهايت ئي خاموشيءَ ۽ تحمل سان ڪم واريءَ ڪُنڊليءَ جو تفسير ٻڌندي چيو ته ”ان جو مطلب؟“ مون وراڻيو ته ”ان جو مطلب، اهو آهي ته سڀاڻي رات پاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪٿي ٿانيڪا ٿي ملنداسين ۽ حال احوال اورينداسين“ ۽ ائين ئي ٻئي ڏينهن مان ۽ منهنجا ڪجهه دوست اسلام آباد کان ڪراچي پُهچي، انگور جي ڌي کي پاڻ سان ساڻ ڪري، اچي محمد خان ابڙي جي توحيد ڪمرشل ڊفينس ڪراچيءَ واري گهر ڀيڙا ٿياسين. موتين سان ڀريل جهول ۽ موتئي جي مهڪار جهڙي شهر ڪراچيءَ ۾ هزارين ڌوتل ڪارن جي هيڊ لائيٽن جي جلوس جون وچندڙ تيز روشنيون، انڌيرن کي پُوش، پُوش چئي چنڊ جي پوئين پاسي ڏانهن ترڪنديون ٿي ويون، جڏهن ته 90 تي سنڌي ٽوپيون هڪ نئين اتساهه سان هروڏي مٿي جي ماپ وٺڻ ۾ مصروف هيون. هن مون سان گڏ آيل انگور جي ڌي کي گاڏيءَ ۾ ئي ويهڻ جي پُرزور استدعا ڪندي، پنهنجي گهر جي ڊرائينگ روم ۾ انگور جي خاندان جون ڪجهه ٻيون شيشا بدن متعارف ڪرائيندي، ڪنهن به شڪوي، شڪايت کان سواءِ اسان جو آڌرڀاءُ ڪندي، پنهنجي دل جو پيار نڇاور ڪيو! ان رات محمد خان ابڙو پهريون ڀيرو منهنجي آڏو، پنهنجي ذات ۾ هڪ ايماندار شخص وانگر آشڪار ٿيو! هُن جي ڳالهڙين ۾ دليل به هئو ته دم به هئو، منهنجي اندر جي آدميءَ قبولي ورتو ته هو ڪجهه به هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ هي شخص، ڪنهن به شخص کي دوکو ڏئي، پنهنجو ڪوبه مطلب، ڪابه طمع، موههُ يا پنهنجي اندر جو ڪوبه اُبتو سِڪو سُبتي ڪرڻ جو طالبو ٿي نه ٿو سگهي. در حقيقت ۾ هُن جي ڪُنڊليءَ ۽ منهنجي ڪُنڊليءَ جا ستارا ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي، ڪڏهن ويجهڙا ته ڪڏهن بنهه پري رهندا پي رهيا آهن، پر جڏهن، جڏهن به گردشن اسان جا ستارا گڏي هڪ جاءِ تي بيهاريا آهن، ته نجوم جو علم ڄاڻيندڙن اسان جي صلح سانت کي سڀاويڪ ئي ڀانيو آهي. ڪراچيءَ ۾ هن جي گهر جي اها مڌماتي رات وهامندي وهامندي اسان جي ٻانهن ۾ هڪ رشتي جو ڪچو ٻنڌڻ ته ضرور ٻڌي وئي پر هڪ شخص بابت مون کي مڪمل آگاهي به ڏيندي وئي ته جيڪو شخص ماءُ جي مٺڙيءَ مُرڪ ۽ ڪساري لڙڪ کي سنڀالڻ جو ستُ ساري سگهي ٿو، اهڙو شخص دنيا جي ڪنهن به عورت جي سفيد دامن تي مسُ جو ٽُٻڪو به برداشت نه ٿو ڪري سگهي!
ڪجهه ٿيڻيون ۽ اڻ ٿيڻيون انسان جو سوچيل ۽ سمجهيل منصوبو ناهن هونديون انسان سوچيندو هڪ آهي ۽ ٿي ڪجهه ٻيو ويندو آهي. انسان پنهنجي نيڻَ نهارَ تائين ڏسڻ ڪجهه چاهيندو آهي، پر ڏسڻ لاءِ ان کي ڪجهه ٻيو ئي ملندو آهي. انسان حالتن جو محتاج نه هوندي به، جيون جي ڪمانيءَ ۾ عينڪ جي ٻن شيشن وانگر برحال ڦاٿل ئي رهي ٿو، ڇوته انسان کي پنهنجي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي نه ئي انسان کي پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مُنڍَ جي ڪا سُڌ هوندي آهي. اُها بهتر ڄاڻ ته محمد خان ابڙي کي ئي هوندي ته هُن هڪ ترتيبَ تحت سوچيل ۽ سمجهيل زندگيءَ جو منصوبو جوڙي پنهنجو وقت ڪاٽيو آهي يا توَڪل تي گُذارو ڪيو آهي. باقي جيتري قدر مان هُن کي سُڃاڻان ته، هو محتاط رٿابنديءَ يا پيش بينيءَ کي نظر ۾ رکي وک پٺيان ٻي وک کڻڻ وارو هڪ سُجاڳ شخص ضرور رهيو آهي. هو ڪنهن به شخص کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان نه پر، نفعو ڏئي ۽ ڏياري سگهڻ جي باڪمال صلاحيت رکي ٿو. زندگيءَ جي تخميني، ڪائوٽنگ يا نصاب جو علم هُن کي يقينن اسٽيٽ بينڪ جي 29 سالن واريءَ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ضرور حاصل ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته هڪ بينڪ ملازم جا تڪڙا هٿ نوٽ ڳڻي به سگهندا آهن ته هر نقلي نوٽ کي پڪڙي سگهڻ جي سگهه به رکندا آهن. اهو به سچ آهي ته نقلي نوٽ ۽ نقلي شخص اسان کي زندگيءَ جي وک وک تي ضرور ملندا آهن پر هر سچو، ساڃاهه وند شخص انهن ٻنهي کان وئون ويندي، پري ڀڄڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهندو آهي. هُن جي شخصي سچائيءَ جو هڪڙو دستاويزي ثبوت، جيڪو مون مانائتي ايڊووڪيٽ دلبر لغاريءَ ذريعي سول ڪورٽ حيدرآباد مان 164 ڪرائي پاڻ وٽ ڪيترا ئي ڏينهن سانڍي هٿيڪو رکيو، جيڪو دستاويز بعد ۾ ڪيترن ئي خدشن ۽ ايڊيشن جو سليٽي آسمانُ اورانگهي هوا ۾ پَرَ ڀري هُن تائين پهتو ۽ ڪيترن ئي خود ساختا گمانن ۾ ممڪنات جي صورت اختيار ڪري، نيٺ اهو دستاويز هُن جي دل ۽ دماغ لاءِ هڪ اطمينان جو سبب بڻيو. ڪيترائي رهجي ويل فرض نڀائڻ، رسمي ۽ سماجي مجبورين سبب هُن جي ٻي وقتي طور مخفي شادي، منهنجي وَنيءَ کان ويهه منٽ وڏيءَ ڀيڻ ۽ منهنجي ساليءَ سان 29 مارچ 2009ع تي منهنجي گهر قاسم آباد حيدرآباد ۾ رات جو ڏهين وڳي ٿي. تن، تنها هُن جي صورت ۾ آيل ڄڃ جو آڌر ڀاءُ منهنجي گهر جي چائنٺ تي منهنجي مرحومه والده، ڀيڻن، ڀاءَ ۽ منهنجي گهر واريءَ ڪيو. ڪنوار کي سينگارڻ جو ڪم، ساٺَ، سوڻ منهنجي زال، ماءُ ۽ ڀيڻن ادا ڪيا. ڪُنوار کي دُهريءَ، نَٿ، جُهومڪن، ڪنگڻن، ڏانوڻن، گلن، گجرن، پوتين ۽ پلادن سان سونهائتو بنائي، گهرايل مولويءَ کان نڪاح پڙهائي، شاهدن، گواهن ۽ وڪيلن سميت ڪنوار کي گهر جي چائنٺ تان قرآن مجيد جي سائي ۾ رخصت ڪندي منهنجيءَ مرحوم ماءُ ڪنوار کي پنهنجي گهوٽ محمد خان ابڙي جي سُپرد ڪيو.
هِن نڪاح جا گواهه ۽ شاهد گهوٽَ جا لانگوٽيا يارَ فقير داد کوسو ۽ حميد بليدي هئا. فقير داد کوسي ۽ حميد بُليديءَ انهيءَ شاديءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ذاتي طور تي ڪنوار سان روبرو ملاقات ڪئي ۽ امتحان طور ٻنهي ڄڻن گڏجي پهرين ته ڪنوار کي گهوٽ جي خلاف شديد ڀڙڪايو ۽ ڊيڄاريو. ڪنوار جي ٿيندڙ گهوٽ جي عدم موجودگيءَ ۾ انهن ٻنهي ڄڻن ڪنوار آڏو گهوٽَ جي بدناموسي ۽ اوڻائي ڪندي ان جون گِلائون، غيبتون ۽ بُرايون ڪيون، اهو سڀ ڪجهه ٻنهي ڄڻن فقط ان منشا، مقصد ۽ خيرسگاليءَ تحت ڪيو، جيئن ٿيندڙ گهوٽ يا کيس جي عقد، ڳنڍ، ڳانڍاپي، ٻنڌڻ ۽ نڪاح ۾ ايندڙ هڪ نياڻي زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ، ڪنهن به ٻه واٽي تي اڪيلائيءَ پڇتاءَ يا ڪنهن به ناگوار ذهني پريشانيءَ ۽ دٻاءَ جو شڪار نه ٿي سگهي. پر ڪنوار تي ٻنهي ڄڻن جي هڪ به نه هلي ٻئي مهربان ۽ ٻنهي جي زندگيءَ جا هي ٻئي دعاڳو ۽ خير خواهه، ان سوچڻ تي مجبور رهيا ته زندگيءَ جي هن ڏکئي ۽ طويل رستي تي هلڻ لاءِ هي ٻئي راهگير ڪٿي جذبات ۽ عُجلت کان ڪم وٺي وڃائجي نه وڃن پر ڪنوار ٻنهي شاهدن ۽ گواهن کي پنهنجي جواب ۾ فقط اهو عرض رکيو ته مون کي شادي فقط ۽ فقط ان مرد سان ڪرڻي آهي، جيڪو شخص مون کي دل سان پنهنجي وني قبولي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ محفوظ رکڻ چاهي ٿو. مون سوچي، سمجهي زندگيءَ ۽ شاديءَ جو فيصلو ڪيو آهي. مون کي محمد خان ابڙي سان شادي ڪرڻي آهي. اوهان جون هدايتون ڪنهن حد تائين ٺيڪ به هونديون، محمد خان ابڙو بُرو يا ڀلو آهي، اُهو منهنجو نصيب، مان ڪنهن به شخص کي ڪابه شڪايت نه ڏينديس. باقي اوهان مون کي صلاحن ذريعي منهنجي زندگيءَ جي آخري فيصلي ۾ ڪابه تبديلي آڻي نٿا سگهو. مان پنهنجي زندگيءَ تي پنهنجو حق رکان ٿي.
ايترن امتحانن، آزمائشن ۽ سمجهائڻ جي باوجود پَرڻو ۽ لکئي جو ليکُ جيئن ئي هئو تيئن ئي ٿي رهيو، پر مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته عورت جي تعجب انگيز هستي هن ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي ڪرامت ۽ ڪرشمو آهي. هن جوڙيل جهانَ جون جوڙون ۽ انهن جي جوڙَ ايستائين جُڙي نه سگهي ها، جيستائين عورت جي وجود جي ڪچي مٽي تخليقڪار پنهنجي اڇوتن ڳوڙهن سان ڳوهي ان مٽيءَ کي نرم، مُلائم ۽ گداز نه بنائي ها. عورت جي صفتن مان هڪڙي صفت پالڻهار واري به آهي، جيڪا نهايت ٻاجهاري ۽ رحيم پڻ آهي. ڇا ڪڏهن اهو سوچيو ويو آهي ته عورت مرد کي ڪهڙيءَ ڏسڻ واريءَ دوربينيءَ سان گهڻو اڳ ڏسي، ان کي پنهنجو ڀَوَشُ ۽ پنهنجي جنم ڪُنڊلي ٻڌائي ڇڏيندي آهي. محمد خان ابڙي جي 62 سال ڄمار کان پوءِ واري ڀوش يا جنم ڪنڊليءَ جي اڄ کان اڳ ڪنهن به هستي کي ڪابه ڄاڻ نه هئي. مان هن جي اڄوڪي پاڻمرادي نصيب کي هر صورت ۾ کيس جي ٻيءَ سدا سُهاڳڻي سان سلهاڙي رکڻ ۾ ئي سلامتي سمجهان ٿو.
هو واعدي، وچن جو پَڪو ۽ پنهنجي ذات ۾ هڪ پختو شخص رهيو آهي، جيڪو چوندو آهي، ان تي عمل ڪرڻ کيس جي عادت ۾ شامل آهي. رشتن سان نڀائڻ، ننڍن، وڏن جي سارَ، سنڀال ۽ اونو رکڻ، مٽ مائٽ جو مددگار ٿي انهن جي اهنج، ايذاءَ، درد ۽ پيڙا کي پنهنجو سمجهي تيمارداري ڪرڻ هن جو شيوو ۽ دستور رهيو آهي. چوندا آهن ته جنت ماءُ جي پيرن هيٺان هوندي آهي، منهنجو عقيدو آهي ته ماءُ جو مصحف جهڙو مک ڏسي فقط خوش ٿيڻ دنيا جي هر عبادت کان اُها اتم ۽ افضل عبادت آهي.
هن شخص پنهنجي ماءُ جي جيڪا خدمت ۽ ماءُ جي ضعيفيءَ ۾ ان جي هٿ جي ڇڙي ٿي، ماءُ جي پرگهورَ لهي، جيڪو ماءُ مٿان ساهه نڇاور ڪيو آهي، ان جو مثال هن جديد، بي رحم ۽ بي جان دؤر ۾ ملڻ نهايت ئي مشڪل آهي. هُو يارن جو يار ۽ دوستن جو دوست رهيو آهي، ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن به حاجت خواههَ حجت ڪندي، هُن جي کيسي ۾ هٿ وڌو هوندو ته اهو هٿ خالي ڪڏهن به نه موٽيو هوندو، پوءِ ڀلي هُن اڻهوند سبب پنهنجي گهر کي بُکيو ۽ ڏکيو ئي ڇونه رکيو هجي. هن زندگيءَ جي اصلوڪي چهري کي ڪنهن ڪرسٽل يا بيلجميءَ آئيني ۾ نه پر پنهنجي پگهر جي رطوبت ۾ ئي پسيو ۽ پرکيو آهي. هُن کي خبر آهي ته ڳوڙهن جو لوڻ ڇا ٿيندو آهي ۽ الوڻي جيون جي ڇا مُراد ۽ ڪهڙو مُلهه هوندو آهي. بُکَ جي رنگَ کي هو ٻالجتيءَ کان سڃاڻيندو آهي. ڍَوَ جي ڍنڍَ تي ڪهڙا لُڌڙا ڌوپندا آهن، اهڙي هر آڪارَ کان هُو چڱي ريت واقفڪار ئي رهيو آهي. تڏهن ته هو پٽ تي اڄ به پلنگن تي سمهڻ کان وڌيڪ پرسڪون ننڊ جو لطف ماڻيندو آهي. اهڙا مون پنهنجي ڄمار ۾ نهايت گهٽ ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي اصليت ۽ حقيقت کي هميشه پنهنجي آڏو حاضر رکي هٺ ۽ وڏائي کي ڪنهن به طور طريقي اُسرڻ ناهن ڏيندا. اهڙا اندر جا شاهوڪار شخص آئيني ۾ پنهنجو اصل چهرو ڏسي نادم نه پر سدائين خادم ٿي ئي رهندا آهن. هو هڪ عام زندگي گذاريندڙ نهايت هڪ عام سِلوڻو انسان آهي ۽ هڪ عام زندگيءَ جو پوتاميل، ليکو، چوکو به عام طرح جو ئي ٿئي ٿو. هڪ عام زندگيءَ جو ڪينواسُ وسيع هوندي، انيڪ آدمين جي انيڪ تجربن جو نچوڙ، رنگ، ارنگ وانگي انيڪ حصن ۾ ورهائجي حقيقي زندگيءَ جي تصوير بڻجي ٿو. دنيا جي ڪنهن به عظيم مصور جي بُرشَ جي خراش، ان عام زندگيءَ جي تصوير جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهي. ڪجهه عام شخصن جون ذاتي ملهائتيون زندگيون، عظيم انسانن جي بي مُلهائتين ذاتي زندگين کان بنهه گهڻو اتم ئي هونديون آهن. عام تشخصن جي زندگين ۾ هڪ دلفريب زندگيءَ جو تحرڪ ئي هوندو آهي، اڪثر عظيم انسانن جي ذاتي زندگي مجرد ۽ بي تحرڪ ئي هوندي آهي، پر انهن عظيم انسانن جو ڪم، جهدُ ۽ ڪوشش گهڻي حد تائين هلچل پيدا ڪندڙ ئي رهي آهي پر اسان ڪنهن به ريت هڪ عام انسان جي هڪ پُرسڪون زندگيءَ مٿان عظيم انسانن جي زندگي کي ترجيح ڏئي نه ٿا سگهون. جيئن جهرڪيون ڀت تي ٽنگيل عظيم ڪنهن به ڪينواس تي چٽيل چٽ پويان پنهنجو آکيرو اُڻي هڪڙي متخصر، پر در حقيقت ۾ هڪ وڏي پُرسڪون ڪائنات جوڙينديون آهن، جيڪا ڪائنات، ڪنهن به عظيم مصور جي تخليق ڪيل ڪائنات کان ڪئين ڀيرا مٿي هوندي آهي.
(1)
مان هڪ تصوير ٺاهي،
ڀت تي لڳائي ڇڏي.
مان روز
ان تصوير ڏانهن
نهاريندو هوس
هي تصوير
منهنجي
بهترين
هنرائيتو هُئي
هر لحاظ کان
هڪ بهترين رچنا
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
ان تصوير جي پُٺيان
هڪ جهرڪي
سُڪل گاههُ ۽ ڪکَ جمع ڪري
هڪ آکيرو ٺاهيو
انڊا ڏنائين
آرو ڪرڻ لڳي
انهن انڊن ۾
ننڍا ننڍا پکي
پَـرَ ڦڙ ڦڙائڻ لڳا
۽ هُو جهرڪي
انهن جي چهنبن کي
ان جا داڻا ۽ ڪيئان آڻي
ڏيڻ لڳي
۽
مون کي لڳو
ته منهنجي بهترين رچنا کان
جهرڪي
ڪيئن گهڻو وڌيڪ
اڳيان آهي
(2)
مان
هڪ تصوير ٺاهي
ڀت تي
ٽنگي ڇڏي
تصوير
منهنجي بهترين
ڪاريگري آهي
ڪجهه ڏينهن بعد
ان تصوير جي پٺيان
هڪ جهرڪي
آکيرو ٺاهيو
انڊا ڏنائين
۽ انڊن مان
ننڍا، ننڍا پکي
ٻاهر آيا
مون کي
ان جهرڪيءَ سان
ساڙُ ٿيڻ لڳو
(3)
مان هڪ تصوير ٺاهي
ڀت تي
ٽنگي ڇڏي
تصوير
منهنجي
بهترين خلقت آهي
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
ان تصوير جي پٺيان
هڪ جهرڪيءَ
آکيرو ٺاهيو
انهن ئي ڏينهن ۾
شهر ۾
تصويرن جي
چٽا ڀيٽيءَ ٿي
مان آکيري کي
پٽي
ڦٽو ڪيو
۽ ان تصوير کي
چٽا ڀيٽي ۾ موڪليو
سڀني
منهنجي ساراهه ڪئي
۽ چيائون
هن چٽا ڀيٽي جي
بهترين رچنا
منهنجي تصوير هئي
پر
انعام
ڪنهن ٻئي نقاش کي مليو
ان ڏينهن مون کي
هُن جهرڪيءَ جي
ڏاڍي ياد آئي.
محمد خان ابڙو دور انديش، پري تائين سوچيندڙ هڪ عام پُرش هجڻ سان گڏ مصورن، موسيقارن، شاعرن، فنڪارن، اديبن ۽ عالمن جو دل سان احترام ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي. پر ڪنهن به تاريخي، علمي ۽ ادبي اُلجهاءَ، ويساهه گهاتيءَ يا غلط بيانيءَ سبب اٽڪي به پوندو آهي ۽ اهڙو اٽڪاءُ هو ڪنهن به شخص سان ڪنهن به پل ڪرڻ ۾ دير گهٽ لڳائيندو آهي. بحث دوران دو بَدو يا سامهون وارو اُهو شخص پوءِ ڪيڏو به بااثر، پُهچَ يا ڪنهن به رسائي وارو ڇو نه هجي، هو بنا ناغي پنهنجا ٺيڪ يا ناٺيڪ دليل ضرور رکندو آهي. ڪنهن به تونگر کي منهن تي سچ چئي ڏيڻ ۾ هو رک، رکاءُ يا ڪنهن به مصلحت پسندي کان گهٽ ڪم وٺندي پنهنجي ڳالهه جو ڌڻي ضرور ٿي بيهندو آهي. اهڙن اڪثر اٽڪائن ۽ بحثن ڪڏهن ڪڏهن هُن کي شخصي طور تي نقصان به ڏنا آهن پر هي من چلو، پنهنجي ڳالهه تان ڪڏهن به دست بردار ٿيڻ لاءِ تيار نه رهندو آهي. اها سندس جي اٻوجهائي چئجي يا اورچائي ۽ سچائي، ڪجهه ٺيڪ طرح سان چئي نه ٿو سگهجي پر ڪنهن به ريت هُن جي انهيءَ خلوص، سادگيءَ، نيت يا سُپتيائي تي هڪ دم منڍيئڙو پائي نه ٿو سگهجي.
هُن سان گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان وٺي ويجهڙي آشنائي رهي آهي. ان سموري عرصي دوران اسان ٻنهي جي وچ تي ڪڏهن رنجشون، ته ڪڏهن الفتون، ڪڏهن تڪرار ته ڪڏهن پيار، ڪڏهن اقرار ته ڪڏهن انڪار، ڪڏهن رڳڙو ته ڪڏهن جهڳڙو حائل ئي رهيو آهي، پر ٻنهي صورتن ۾ ڀوڳيو فقط اسان ٻنهي جي گهر وارين ئي آهي. ان سڄي مامري جا ڪارڻ اڪاڻ انيڪ ٿي سگهن ٿا. محرم ۽ مجرم ٻنهي مان ڪوبه ٿي سگهي ٿو پر اسان رُنو به گڏ آهي ته کِليو به گڏ آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان هڪ ٻئي جا حال ڀائي، حال محرم، دوست ۽ همدرد به رهيا آهيون ته ڪڏهن ڪڏهن انهن سڀني تعلقدارين جي بنهه ابتڙ به رهيا آهيون. هڪ شخص جو منهن مُهاڙو اوڀر ته ٻئي جو اولهه طرف به رهيو آهي. شخصي ۽ تِڇ انائن جي تضادن ڪڏهن ڪڏهن گهڻو اڪيلو به ڪيو آهي پر هن لفظي پورئريٽ جي فريم ۾ ساڄي پاسي کان اُڀري آيل اکرن جو سٽاءُ هڪ اعتراف جي التجا ڪري ٿو ته:
محمد خان ابڙي زندگيءَ جي هن ڪٺن سفر ۾ هر ڀيري منهنجي اگهاڙن پيرن هيٺان ايندڙ هر ڪنڊي ۽ ڪنڪر کي هٽائي منهنجي پيرن کي رَتورَتُ ٿيڻ کان هر طرح بچايو ئي آهي. مون جڏهن، جڏهن پنهنجي تڪليف ۾ محمد خان ابڙي کي سَڏُ ڪيو آهي ته ان منهنجو سَڏُ ورنائي هميشه منهنجي وجود جي وَڍَ ۽ چيرَ تي هڪ ويڄَ وانگي ڪپهه جو ٻُڙو ضرور رکيو آهي. محمد خان ابڙو پاڻ سان ٿيل منهنجي شخصي زيادتين باوجود هر ڀيري مون سان ڀَلو ئي هليو آهي. هو منهنجو محسن، دستگير ۽ ديالو ئي رهيو آهي_ مان کيس جي انيڪ احسانن جو بار پنهنجي ڪلهن تان لاهي نه ٿو سگهان!

احمد سولنگي
ڊفينس، ڪراچي
02 نومبر 2020ع