آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

قمرالدين ڪوريجو؛ M.B.B.F

قمر الدين ولد علي نواز ڪوريجو-هيءُ مارڪيٽ کان مٿان شيخ محلي يا ڪانگڙي محلي ۾ رهندو هئو سندس والد تپيدار هوندو هئو. مون کان عمر ۾ ٻه يا ٽي سال وڏو هوندو هئو. قد جو ڊگهو ڀريل بت رنگ جو مشڪي! هلندو ايئن هئو ڄڻ سڄي شهر ۾ سندس حڪومت هجي. شروع ۾ ته مون کان برف وٺڻ ايندو هئو، جو منهنجو ڊيپو مارڪيٽ ۾ هئو. پوءِ آهستي آهستي ڊيگهه وڌڻ لڳي ۽ دوست ٿي ويو. پوءِ سڄو وقت مون وٽ ڊيپوءِ تي ويٺو هوندو هئو. شام جو مان برف جا پئسا هوٽلن ۽ گاڏين وارن کان وٺڻ ويندو هئس. ته هي به مون سان گڏ هلندو هئو. ڪڏهن دادو تائين برف جي ڪارخاني مان برف وٺڻ مهل به گڏ هوندو هئو. ڪڏهن رات جو ٽرڪ تي ته ڪڏهن ان وقت هلندڙ ريل ڪار تي واندو ايندو ويندو هئو. سوسڄو ڏينهن گڏ هوندو هئو،چرچائي، کلڻو ۽ جي چئيس ته خاموش رهه،ته رعب دار چهرو ٿي ويندو هئس، ڪڏهن ته خوف پيو وٺندو هئو. پر دل جو صفا معصوم! سوليءَ سنڌيءَ ۾ چئجي ته شوباز هوندو هئو. پڙهائي ۾صفا جڏو. 3 دفعا مئٽرڪ جي امتحان ۾ فيل ٿي پيو. ساڻس گڏ پڙهندڙ ڪلاس فيلو وڃي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ پهتا ليڪن هي همراهه اتي جو اتي. پوءِ ڪڏهن دوست پڇندا هئس ته ادا تون ڪيترو پڙهيل آهين قمرالدين جو هڪ ئي جواب هوندو هو ته M.B.B.F يعني مئٽرڪ بار بار فيل! سو هاڻي هن مايوس ٿي امتحان ڏيڻ ڇڏي ڏنو. آءٌ جڏهن حيدرآباد ويس ۽ اتي تعليم بالغان ۾ پڙهيس ۽ تياري پئي ڪيم پوءِ امتحان جو فارم ڀرايم ته هن کي چيم يار مان به امتحان ٿو ڏيان مئٽرڪ جو تون به فارم ڀراءِ ڇڏ، چيائين خوامخواه فيس جا پئسا ٿو وڃارائين! هيءُ بورڊ وارا پاڻ کي پاس ڪندا ئي ڪونه. مون زور ڀريو ته يار مان به ته امتحان ڏيان ٿو نه؟ ڀلا نه ته مون سان جوڙ ته هڻندين، گهڻي چوڻ کان پوءِ منهنجي ڪري کڻي فارم ڀرايائين امتحان جي فارم ڀرڻ کان پوءِ ٻن يا ٽن مهينن بعد امتحان جي تاريخ ايندي هئي ۽ ايئن مان به سندس اوطاق تي وڃي پڙهندو ۽ تياري ڪندو هئس ۽ هن کي به پيو چوندو هئس ته پڙهه ڪجهه مان به هن جي مدد ڪندو هئس. آخر ڪار امتحان ڏنوسين هن به ڏنو هيءُ نائون پاس هئو باقي مئٽرڪ جا پيپر رهيا هئس. امتحان ڏيئي واپس آياسين. ان وقت سينٽر دادوءَ ۾ هوندو هئو. امتحان لاءِ اتي وڃڻو پيو. دادوءَ ۾ ٻه اسڪول هئا؛ هڪ پائلٽ اسڪول ۽ هڪ گورنمينٽ اسڪول، سو اسان ٻنهي جا سينٽر الڳ اسڪولن ۾ لڳا. واپسيءَ ۾ چيائين ته يار تنهنجي ته خبر ڪونه آهي ليڪن آئون وري به فيل ٿيندس ڇو ته اهو منهنجو مقدر آهي. بهرحال هڪ ڏينهن خبر پئي ته صبح جو عبرت اخبار ۾ رزلٽ ايندو صبح جو پنهنجو نمبر ڏٺم ٻئي امتحان پاس ڪيم. پوءِ اخبار ۾ قمرالدين جو نمبر ڳوليم. جيڪو مونکي ياد هئو ڏٺم ته اهو نمبر پاس وارن جي لسٽ ۾ آهي. مان ايترو پنهنجي پاس ٿيڻ تي خوش نه ٿيس جيترو هن جي پاس ٿيڻ تي خوش ٿيم.هن نه اخبار ورتي نه ان جو انتظار هئس پڪ هئس ته پاس ڪونه ٿيندو، سو خواه مخواه اخبار ڇو وٺي! ۽ گهر ستو پيو هئو. مان اخبار کڻي سڌو هن جي گهر ويس. سڏ ڪيم خبر پئي اڃا ستو پيو آهي. سندس وڏي ڀاءُ بشير کي چيم اٿاريس ته هو ٿورو ڪاوڙيو پر پوءِ منهن خراب ڪري وڃي چيائينس ته آيو اٿئي ابڙو، توکي ٿو سڏي - هي اکيون مهٽيندو آيو. چيائين خير ته آهي صبح جو پنڌ پيو آهين؟! چيو مانس خوشخبري آهي ۽ مون چيو سڀني کان اڳ ۾ آءٌ توکي ٻڌايان چيائين ها خبر آهي. اخبار تنهنجي هٿ ۾ آهي تون پاس ٿيو هوندين. اها تنهنجي محنت ۽ شوق آهي! جو پهرين ڌڪ ۾ نڪري وئين. اسان جو ته مٿو اڇو ٿيو آهي پيا فيل ٿيون. هن ”تقرير“ ڪري بس ڪئي مون چيو ته مون سان گڏ تون به پاس ٿيو آهين! چيائين مذاق نه ڪر اخبار ۾ نمبر ڏيکاريومانس چيائين هيءُ نمبر منهنجو نه آهي. پڇيم ته پوءِ ڪهڙو آهي؟ چيائين: مون کي ياد نه آهي... اڙي توکي ياد ڪونه آهي ۽ هيءُ به نه آهي ته ڪهڙو آهي تنهنجو نمبر؟ چيائين بس تون پاس ٿئين ڄڻ مان پاس ٿيس مون کي خوشي آهي. باقي مون کي ڇڏ مان مئٽرڪ پاس ڪري اهو M.B.B.F (مئٽرڪ بار بار فيل) وارو رڪارڊ ٽوڙڻ ڪونه ٿو چاهيان مطلب ته هن کي هڪ لمحي لاءِ به اعتبار ڪونه پيو اچي. آخر گهڻي بحث کان پوءِ ويو وڃي امتحان جي سلپ کڻي آيو نمبر اهو ئي هئو پوءِ ته ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ وڃي پيءُ کي ننڊ مان اٿاري چيائين بابا هيءَ اخبار هيءَ سلپ مان پاس ٿي ويس توهان سدائين جهليندا هئا ته اهي ابڙا خطرناڪ ماڻهو آهن. شهر ۾ ڪنهن سان ڪونه ٿا ٺهن. پيرن فقيرن سان وڙهيو ويٺا آهن، انهن سان سنگت نه رک پر اڄ آءٌ پاس رڳو هن ماڻهوءَ جي ڪري ٿيو آهيان. اوهان جي راءِ هنن لاءِ ان وقت به غلط هئي اڄ به غلط آهي. هي پنهنجي مڙسيءَ سان زندگي گذارين ٿا. پيرن، ميرن ۽ رئيسن کي نٿا مڃين ان ڪري اها انهن بابت اجائي پروپئگنڊا هئي ته هي لوفر آهن. پر اڄ وقت ثابت ڪيو ته منهنجو مقدر ۽ زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي ڪرڻي جو پهريون سبب منهنجو دوست! محمد خان ابڙو آهي. ۽ الله کيس خوش ڪري جي هن منهنجي مٿان پيل سالن جي لعنتاڻي کي پنهنجي دوستي ۽ عزم-جوش ۽ ولولي سان ختم ڪري ڏيکاريو. اڄ آءٌ M.B.B.F (مئٽرڪ .بار.بار.فيل) جهڙي شرمساري کان بچي ويس.