آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

منهنجو صحافت ڏانهن رجحان

1976ع ۾ جيئن سيوهڻ شهر ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي منظم ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿيس، ته مونکي هڪ ٻيو شوق ٿيو ته ڪنهن اخباري اداري لاءِ ڪم ڪيان، ان وقت ڪافي صحافين سان منهنجي سٺي دعا سلام هوندي هئي، عبرت جو نمائندو؛ نياز سولنگي، هلال پاڪستان جو نمائندو؛ اوٺو صاحب، آفتاب اخبار جو جمن ڀٽي، سنڌ نيوز جو عبدالسميع قريشي ۽ مهراڻ وغيره اهي سڀ اخبارون سيوهڻ ۾ اينديون هيون، ايتري ۾ هڪ نئين اخبار؛ ”نجات“ سکر مان شايع ٿيڻ لڳي، ڪنهن صحافي دوست چيو ته ان اخبار ۾ نمائندي لاءِ ضرورت آهي، مون ان لاءِ سکر ۾ درخواست فوٽو وغيره موڪليو، انهن مونکي اخبار لاءِ نمائندو مقرر ڪيو ان دوران سنڌ ۾ تمام وڏي ٻوڏ به آئي، ان جي ڪافي رپورٽنگ ڪئي، ان دوران هڪ دوست روشن ٻرڙو ڀان سيدآباد جو سندس والد حيدرآباد جي ڪنهن اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو، روڊ رستا چؤڌاري پاڻيءَ هيٺ هجن! هي جنازو کڻي ڪافي تڪليف سان ريل رستي سيوهڻ ريلوي اسٽيشن پهتا، هاڻي سيوهڻ کان ڀان سيدآباد لاءِ ڪوبه زميني رستو ڪونه بچيو هئو، صرف ٻيڙي ئي ذريعو هئي، مونکي خبر پئي مان ريلوي اسٽيشن پهتس ڇو ته روشن سان هاڻي جيئي سنڌ فيڊريشن جي ڪري ڪافي گهرو تعلق ۽ دوستي ٿي ويئي هجي، مونکي ياد آهي بارش سنڌ جي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو هجي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي پريشانيءَ ۾ مبتلا هجي، ڪيترا مال متاع، جايون ،جڳهون ۽ گهرن جا گهر لڙهي ويا، ڪيترا ماڻهو ٻوڏ ۾ ٻڏندا مرندا ۽ لڙهندا هليا ويا، هر ڪو پنهنجي گهر مال متاع ۽ ملڪيت کي بچائڻ جي فڪر ۾ هجي، پ پ حڪومت طرفان ماڻهن لاءِ ڪافي امدادي سامان پڻ ايندو هيو، سيوهڻ واري ڪميٽيءَ ۾ ايس.ڊي.ايم؛ اشفاق ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ جيڪا ڪاميٽي ٺهي ان جو آئون به ميمبر هجان ان ڪري به هن سان ڪافي ويجهڙائپ هجي. مان اسٽيشن تي ٻرڙي سان مليس، گوڏ ٻڌل، مٿي تي ٽوال ويڙهيل ۽ قميص پاتل- سخت پريشان هجي، والد ته مري ويو اها پريشاني پنهنجي جاءِ تي، ليڪن هن کي اها پريشاني وڌيڪ هجي ته سيوهڻ ته جيئن تيئن ڪري پهچي ويس هاڻي ڀان سيدآباد ڪيئن وڃجي؟ ملڪ ۾ هنگامي حالتون هيون، جيڪي لانچون هجن اهي آرميءَ وٽ هجن، انهن کي چيوسين ته چيائون؛ جو مر گیا اسکو چھوڑو، جو مر رہے ہیں ان کو بچانا ہے، ہم لانچ نہیں دے سکتے۔ مونکي هڪدم خيال آيو ته ايس.ڊي.ايم صاحب وٽ ريلوي جي هڪ ٽرالي آهي ، جيڪا ماڻهو هٿ سان هلائيندا آهن، ۽ هي وڃي ٻوڏ جو جائزو وٺندو هئو، سو ان کي چيم ته سائين ٽرالي ۽ ماڻهو ڏيو ته هن لاش کي ڀان سيدآباد موڪلجي، هن ٽرالي ڏني ۽ هي لاش کڻي ڀان سيدآباد روانا ٿي ويا.