آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

پپو شاهه جي وضاحت

ان معاملي لاءِ مون کيس چيو ته معاملو ڇا آهي، هن چيو ته مونکي خبر ڪونه هئي، مونسان گڏ يونيورسٽيءَ جا ڪامريڊ هئا، جن چيو ته سيوهڻ هلڻو آهي اسان وٽ گاڏي ڪونه هجي هنن ٽيڪسي ڪئي پر ٽيڪسيءَ واري هن کان پڇيو ته اوهان گهڻا آهيو، هنن چيو ته ٽي ڄڻا، هن چيو ته مون سان گڏ دوست آهي اوهان ۽ اسين ٻه- جي منظور هجي ته هلو. نه ته ٻي ٽيڪسي ڪيو، هنن پنهنجو مقصد مونسان بيان ڪونه ڪيو ان ڪري ئي مان بريف ڪيس ۽ ڪپڙا کنيا ته ٻه چار ڏينهن سيوهڻ ۾ رهندس، هي زيارت ڪري واپس هليا ويندا جي مونکي پنهنجو ارادو ٻڌائين هان ته آئون پنهنجو سامان ڇو کڻان هان؟؛ مونسان ڪامريڊن ڌوڪو ڪيو، پوءِ هنن گاڏي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. پٺاڻن مزاحمت ڪئي هي ناڪام ٿيا هو زخمي ٿيا پر گاڏي نه ڏنائون، ۽ مان بيگناهه ڦاسي پيس، منهنجو ڪو به ارادو ۽ ڏوهه نه آهي، اها ڳالهه ڊي.ايس.پي به چئي ته پپو شاهه استعمال ٿيو آهي، باقي هن کي خبر ڪونه آهي، اهو هڪ گرفتار شخص به ٻڌايو ان ڪري مان خاموش رهيس، باقي حقيقت اها آهي جيڪا مون تو کي ٻڌائي.