آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

منڇر ڍنڍ

منڇر ڍنڍ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ رهي آهي، هينئر هي ڍنڍ يونين ڪائونسل بوبڪ جي حد کان شروع ٿي جوهيءَ جي علائقي ۽ ڪاڇي کان خيرپور ناٿن شاهه جي الهندي پاسي تائين پکيڙيل آهي، انڪري هن ڍنڍ کي سيوهڻ تعلقي ۾ موجود سمجهيو ٿو وڃي، ضلع ڄامشوري جي هيءَ ڍنڍ هاڻي سنڌ جي ٻن ضلعن ڄامشورو ۽ دادو ۾ موجود آهي، اڳ ۾ ضلعو دادو هڪ هئو، هاڻي دادوءَ کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ٻيو ڄامشورو ضلعو ٺاهيو ويو آهي پر ڍنڍ جي اڄ به جاگرافيائي لحاظ کان ٻن ضلعن ۾ پکيڙ موجود آهي، هيءَ ڍنڍ هڪ سؤ چورس ڪلو ميٽر ۽ ٽيهٺ هزار ڇهه سؤ پنجٽيهه ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکيڙيل آهي، پر ڪڏهن اونهاري جي چوماسي وارين گهڻين برساتن سبب سندس ايراضي وڌي وڃي ٿي، ۽ 200 چورس ڪلو ميٽرن تائين پکڙجي وڃي ٿي، هي قديم ۽ تاريخي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، هن ڍنڍ جي قدرتي حسن ۽ خوبصورتيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ خطرناڪ اسڪيم رٿي ويئي آهي. آر.بي.او.ڊي رٿا، ان جي ڪري سم نالن جي سموري زهريلي پاڻيءَ جو ڇوڙ ڍنڍ ۾ ڪيو ويو، جنهن جي ڪري قدرتي تاريخي مٺو پاڻي زهريلو ڪيو ويو آهي، انڪري هزارن جي تعداد ۾ اڳ ۾ ئي بي گهر مهاڻا جيڪي منڇر جي اندر ٻيڙين ۾ پنهنجي رهائش جي لاءِ ڪچو ڇپر هڻي گهر جي لاءِ ڪتب پئي آندو ۽ ڏک سک گرمي سردي طوفان برسات کي منهن ڏيئي پنهنجن ننڍن ننڍن معصوم ٻارڙن سان سخت حالتن جو مقابلو ڪري منڇر ۾ رهيا پيا هوندا هئا، اوهان اندازو لڳايو ته وچ پاڻيءَ ۾ مستقل رهندڙ انهن مهاڻن ڇاڇا نه برداشت ڪيو هوندو، سخت گُهٽن ۾ گرميون ۽ گرمين کان بچڻ لاءِ اڌ ڏينهن پاڻي ۾ گذارڻ، سياري جي سرديءَ ۽ ولهه ۾ صرف ٻيڙي ۽ ان ۾ سيءَ جي جهل به نه! ننڍا معصوم ٻارڙا ۽ نازڪ عورتون سياري جي انهن برفانين راتين ۾ ڪيئن پاڻ ۽ پنهنجي ننڍن معصوم ٻارن کي بچائيندا هوندا؟! وري جي طوفان اچن ۽ انهن طوفان اندر اهي ٻيڙيون هوا جي مرضي سان پنهنجي رخ ۽ منزل خلاف هلڻ شروع ڪن، ان طوفان سان ڪمزور مهاڻا پنهنجي ونين ۽ اولاد سميت پيا مهاڏو اٽڪائين، طوفان ڇڪيو وڃي کين پنهنجي منزل کان پري! هيءُ انهن کان بچڻ لاءِ پيا زور لڳائين-ڪيتريون ٻيڙيون اونڌيون ڪيتريون ئي بي قابو ٿي لڙهيو وڃن. هنن جي رڙ مٿان رڙ، دانهون، ڪُوڪُون مردن کي پُڪار... پر اتي ته هر ڪو ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن ۽ ٻيڙي ۾ پيل روز مره جو سامان هنڌ ، ٿانوَ ۽ پاڻي جو مٽ يا دلو بچائڻ جي چڪر ۾ وري ان عذاب مان نڪرن ته وري مندائتو مينهن به اچي لهي وري ان سان مقابلو، کليل ٻيڙي-ان ۾ آسمان مان ايندڙ تيز بارش، کنوڻ جا لامارا، گوڙ جا ٺڪاءَ ۽ ڌماڪا... نه ڇت نه پڪو گهر ڪيئن ته ان ڪيفيت ۾ هنن جا هانءَ ڏڪندا هوندا پوءِ به جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا.
هاڻ اهو پاڻي جنهن ۾ رهندا هئا جنهن ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪري گذر سفر پيا ڪندا هئا، ان کي زهريلو بڻايو ويو آهي. اربين روپين جا فنڊ آر.بي.او.ڊي وارن ڪامورن ۽ تر جي با اثر زميندارن پاڻ ۾ ورهائي کائي ويا ۽ پيا کائن، پر اهو حڪومت کي محسوس ڪونه ٿيو، هنن کي پاڻي مان بي دخل ڪندڙ ملاحن لاءِ ڇا انتظام ڪرڻ گهرجي، هيءُ پاڻي جي بلبلي وانگر وکرجي ذرا ذرا ٿي ويا پاڻي زهريلو ٿيو، پهرين مڇي مرڻ لڳي پوءِ ننڍا معصوم ٻار تڙپي مرڻ لڳا، نيـٺ بک، بدحالي، موت، بي روزگاري ۽ ايتري قدر جو پيئڻ جو پاڻي به زهريلو، هنن جي زندگي جو اڌ ٻرندڙ ڏيئو نيٺ ڀڙڪا کائي اجهامڻ لڳو ۽ هي پنهنجا ٻيڙين وارا گهرڙا کڻي ڪنهن نا معلوم منزل طرف روانا ٿي ويا، ۽ منڇر اجڙي وئي، ڪو دنيا جو ادارو جنهن ان تاريخي ڍنڍ جي تباهي جو نوٽيس ورتو هجي، جيڪا هتان جي غلط سرڪاري پاليسي، حڪمت عملي ۽ پروگرام جي ور چڙهي ويئي، ان اسڪيم کي 25 سال ٿي ويا آهن، اڃا پئي پوري ٿئي! م-ڄاڻ! ڪيترا نسل ختم ڪندي؟! هن ڍنڍ ۾ ان تباهيءَ کان اڳ ۾ 50 هزار کان 60 هزار ماڻهن جي آبادي-جيڪا پاڻيءَ ۾ رهندي هئي، جيڪا شايد پاڻيءَ ۾ رهندڙ دنيا جي وڏي آبادي آهي، هاڻي بي گهر ٿي ويا آهن، ۽ ڪير به انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي.