خواب هُجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي؟
سنڌي ٻوليءَ ۾ آتم ڪٿا لکڻ جي شروعات مرزا قليج بيگ ڪئي. بلڪ سنڌيءَ ۾ ھن صنف جي شروعات ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ويو. اھو سلسلو اسان جي سٻاجھي ٻوليءَ ۾ اڃا ھلندو اچي، بلڪ ھاڻ ته ھن صنف ۾ گھڻا ئي ڪتاب اچي ويا آھن. اھو ھڪڙو سٺو سلسلو آھي. اڙدو ٻوليءَ ۾ به ڪيتريون آپ بيتيون تحرير ڪيون ويون آھن، لسٽ ڊگھي آھي، جيڪي مون پڙھيون آھن انھن مان مونکي قرت العين حيدر جي آتم ڪٿا ”ڪارِ جھان دراز ھي“ تمام گھڻي وڻندي آھي. سنڌي ۾ وري رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پنھنجي دلڪش آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ لکي واڄٽ وڄائي ڇڏيا.
*
ڪنھن به ماڻھو جي حياتي، خود ھڪ سبق آھي. ھڪ اھڙو شخص، جيڪو بعد ۾ تعليمِ بالغان ذريعي پڙھيو، پڙھي ھڪ اھم عھدي تي فائز ٿيو، جنھن جي پويان ھن جي محنت ۽ جدوجھد لڪل آھي. ھيءَ آتم ڪٿا اھڃاڻ آھي ھن جي ڪيل جاکوڙ جو. ليکڪ جي لکڻ جو انداز انتھائي وڻندڙ، دل کي پرڀائيندڙ آھي. لکڻ جو سلسلو اھڙي طرح جاري رکيو اٿس، جو پڙھندڙ ڪٿي به آتم ڪٿا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آھي، مون سان به ائين ٿيو. جنھن مھل آتم ڪٿا شروع ڪيم ته وڃي ڇهه ڪيم پڇاڙي تي. پر پوءِ به جھڙوڪر اُڃ باقي رھي. اھو ليکڪ جي لکڻيءَ جو جادو آھي، ڪمال آھي، جنھن لاءِ جيتري به سندس واکاڻ ڪجي اھا گھٽ آھي. اھا سگهه ھن کي ڏات ڌڻي ڏني آھي، ۽ ڏات ڪنھن کي به پنھنجي امرت پيئاري ته ان تي عجب ھرگز نه کائڻ گھرجي .لڳي ٿو ته کيس اھا ڏات پنھنجي ويجھي ڳوٺائي مشھور ليکڪ گورڌن محبوباڻي کان ھٿ آئي آھي، گورڌن پڻ تعلقي سيوھڻ جي بنھه ننڍڙي ڳوٺ آراضيءَ جو رھواسي هئو. اتي ئي ڄائو ۽ اتي رانديون ڪندي سيوھڻ ۾ پڙھي حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ راڳ جو ماستر ٿيو. ورھاڱي کانپوءِ پنھنجو وطن ڇڏي، وڃي اجمير ۾ پناھه گير ٿيو ۽ اتي ئي وطن کي ساريندو وڃي ڌڻيءَ کي پرتو. پر سندس ڪيل شاعري، لکيل ڪھاڻيون ۽ ناول سنڌي ادب جا شاھڪار آھن. منھنجي خيال ۾ ٻلھڻ ۽ آراضي گھڻو پري نه ھوندا. ليکڪ سال 1956ع ۾ ڄائو آھي، جيڪو سنڌ ۾ خطرناڪ ٻوڏ جو سال هئو، يا وري ان کان اڳ سال 1942ع ۾ ٻوڏ سنڌ ۾ راڱا ڪيا. جنھن بابت نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جا مضمون پڙھڻ جوڳا آھن.
سنڌي ٻولي ءَ جي مشھور اديب طارق اشرف، ڪنھن وقت پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي هئي. ان جا ٻه چار باب ئي شايع ڪيا ھئائين. انھيءَ آتم ڪٿا جو نالو ھو ”پيھي منجھه پاڻ ۾“، پر ھوُ پنھنجي آتم ڪٿا مڪمل نه ڪري سگھيو، ڇاڪاڻ ته سندس حياتي اوچتو ھن جو ساٿ ڇڏي ويئي. طارق اشرف ڏاڍي ايمانداريءَ سان پنھنجي حياتيءَ جو احوال لکيو هئو. ان آتم ڪٿا ۾ ڪيتري ئي سچائي بيان ڪيل ھئي. ھتي انھيءَ آتم ڪٿا مان ھڪ ٽڪرو لکان ٿو:
”بابا جو رويو اميءَ سان سٺو نه ھو، ۽ ھو گھر کان ڏينھون ڏينھن لاپرواھه رھڻ لڳو. اڪثر آفيس ۾ ويندو هئو. اڪثر ماڻھن کان قرض وٺندو ھئو ۽ پوءِ موٽائي نه ڏيندو هئو. بابا نه مون کي ڪپڙا وٺي ڏيندو ھئو نه گھر لاءِ خرچ ڏيندو هئو. البت مون کي کائڻ جون شيون جام وٺي ڏيندو هئو ۽ گهمائڻ لاءِ به وٺي ويندو ھئو. پر انھيءَ جو باوجود مون کي امي ڏاڍي وڻندي ھئي... بابا ۽ اميءَ جو زبردست جھيڙو ٿيو. جھيڙي کانپوءِ بابا ڪاوڙجي وڃي ورانڊي ۾ ويٺو ۽ امي وڃي اڱڻ ۾ ويٺي اوچتو مون کي جن ياد آيو. مون وڃي امي ءَ کي چيو، ”مون کي جِن ڏيکار!“ امي گھڻو سمجھايو، پر مڙيس آئون به ڪونه تنگ ٿي اميءَ بابا ڏانھن اشارو ڪيو.”اھو ويٺو اٿئي جِن، وڃي ڏِسيس!“
*
اھڙي طرح ڀاءَ محمد خان به ايمانداريءَ سان پنھنجي شخصي زندگيءَ جو احوال ۽ ان احوال جا ڪڙا قصا ويھي لکيا آهن، جنھن لاءِ کيس شابس ڏيڻ کانسواءِ نٿو رھي سگھجي.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي ته ”پٿر پرائو، سُور پنھنجا سڀڪا روئي“ سو، ڀاءَ محمد خان ابڙي جي آتم ڪٿا ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ پڙھڻ کانپوءِ منهنجا پراڻا سُور جاڳي پيا. سيوھڻ، منھنجي سپنن جو طلسمي شھر رھيو آھي. ھن آتم ڪٿا پڙھڻ لاءِ پھريون پنو ورايم ته سيوھڻ اچي منھنجي نيڻن آڏو بيٺو. پوءِ ته ھڪ ئي نشست ۾ آتم ڪٿا پڙھي، ان جي سحر ۾ کوئجي ويس. اھو سحر ھڪ خوبصورت لکڻين جو هئو. آتم ڪٿا ۾ سيوھڻ جو ذڪر ائين هئو، جئين منڊيءَ تي ٽِڪ. ڀاءُ محمد خان جي آتم ڪٿا، جدوجھد، تڪليفن جو ھڪ ڪڙو داستان آھي. وڏي ڳالھه تي سندس لکيل آتم ڪھاڻيءَ جي باب نمبر چوٿين مون تي تمام گھڻو اثر ڪيو. بلڪ اھو سيوھڻ جيڪو منھنجي ھڪ ڪھاڻي ”اڌوري پنڌ جا اڻپورا سپنا“ ۾ موجود آھي.
*
شيخ اياز، به آتم ڪٿا گهڻو دير سان تحرير ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جو ارادو سال 1961ع ۾ آتم ڪٿا لکڻ جو هئو. اهڙي صلاح هن پنهنجي دل گهريي دوست محترم ابراهيم جويي سان تڏهن ڪئي هئي، پر جويي صاحب کيس صلاح ڏني هئي، ته اڃا تون پنهنجي خودنوشت نه لک پر بعد ۾ ان کي تحرير ڪجانءِ. اياز ان وقت هڪ خط ۾ لکيو هئو، ته ”آئون فقط اهو ويچار ڪري رهيو آهيان پيريءَ ۾ فڪر جي پختگي ۽ گهرائي هوندي آهي، پر جذبات تي تازگي نه هوندي آهي، انهي لاءِ منهنجي آتم ڪٿا جي ڪا اهميت آهي، ته انکي هاڻ ئي تحرير ڪريان.!“ شيخ اياز جي اها ڳالهه جون 1962ع جي آهي. پوءِ شيخ اياز پنهنجي حياتي ئي جون ڪجهه ياداشتون 2 جون 1961ع ۾ لکيل هڪ خط ۾ تحرير ڪيون هيون. انھيءَ هڪ خط ۾ شيخ اياز سچائي سان پنهنجي غربت جو احوال هن ريت لکيو هئو:
بابا، جا آخري ٻه ورهيه مسلسل بيماري ۾ گذريا. ڪو به ذريعو معاش نه هئڻ سبب هن جو هٿ ڪافي تنگ هئو. هڪ ڀيرو هُو مون سان گڏ ڊاڪٽر وٽ هليو، جيڪو سندس شروع کان وٺي علاج ڪندو ٿي آيو. هِن ڪمپائونڊر کان پرچي وٺي ، ڊاڪٽر کي هڪ هفتي جي دوا ڏيڻ لاءِ چيو، ڊاڪٽر پنهنجي نڪ تي رکيل عينڪ مٿان گهُور ڪندي بابا کي چيو، شيخ صاحب، اوهان ڏي اڳي ئي گهڻي وقت کان سٺ رپيا بقايا رهيل آهي، پهرئين اهي ڏيو ۽ پوءِ دوا وٺي وڃو.!
”مون وٽ هينئر ايترا پئسا ڪونهن، پر آئون جلدي اوهانجو سمورو بل ڀري ڇڏيندس. توهان في الحال دوا ته ڏيو.! بابا ڏاڍي نرم لهجي ۾ چيو.
”ڇا بل قيامت ۾ ڀريندين .! ڊاڪٽر ڪاوڙ مان چيو، بابا جو چهرو تپي لال ٿي ويو. هن ڪو به جواب نه ڏنو، ۽ دوا جي خالي شيشي هٿ ۾ کڻي اسپتال کان ٻاهر نڪري آيو. مون رستي ۾ هن کان
پڇيو ! ”بابا ڊاڪٽر پهرئين هن ريت نه ڳالهائيندو هئو.“
”پٽ، پئسا نه هجن ته هر ماڻهو ائين ڳالهائيندو آهي.“
”بابا تو اها شيشي ، ڊاڪٽر کي مٿي ۾ ڇو نه هڻي ڪڍي؟“
هن محبت مان مونکي ڏٺو، ۽ منهنجي مٿي هٿ ڦيرائي چيائين ”انسان ڪنهن ڪنهن جو ويهي مٿو ڦاڙيندا..؟
”بابا جيڪڏهن هن ٻيهر توهان سان اهڙي طرح ڳالهايو ته مان هن کي .....مان هن کي ....”۽ منھنجو روئڻهارڪو آواز ٿي ويو..
*
مون مٿي ذڪر ڪيو ته آتم ڪٿا لکڻ ڏکيو ڪم آھي ته سولو پڻ. ڏکيو انھيءَ لحاظ کان ته گذري ويل حياتيءَ جي داستان کي سربستو بيان ڪرڻ، حياتي جي لاھين ۽ چاڙھين کي، حياتيءَ ۾ ڪيل غلطين ۽ سموري احوال کي ڪاغذ تي اُتارڻ تمام مشڪل ڪم آھي. ۽ سولو انھيءَ لحاظ کان ته حياتيءَ جي ڪار گذري جي انيڪ مشڪل ڳالھين کان بائي پاس ڪري باقي داستان حيات کي ويھي لفظن جو روپ ڏجي.
بھرحال حياتي، وھندڙ درياھه مثل آھي. انھيءَ درياھه جي لھر لھر ۾ لڙھندي لڙھندي پيو وڃجي. ڪپر جو ڪوئي پاسو، جھلي وٺي ته خير، نه ته ماڻھو وڃي ٿو لڙھندو. تان جو ڪنھن ھنڌ تي ھٿوراڙيون ھڻندي، پوئتي نھار ٿو وجھي ته خبر ٿي پئي ته پويان رڳو رڃ ئي رڃ ھئي. سڀ ڪو دور، دور.
*
ڀاءُ محمد خان ابڙي جي آتم ڪٿا، ھڪ پورھيت، ھڪ شاگرد اڳواڻ، ھڪ ڀاءَ ھڪ بينڪرجي آپ بيتي آھي، هڪ ڪٿا آھي، جيڪا پاڻ مختصر طور پر ڏاڍي ڀرپور طريقي سان ويھي بيان ڪئي آھي. مون کي ته پڙھي اچرج لڳو ته جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام، وانگر ھن ڀاءُ حياتيءَ ۾ ڪيڏي نه جاکوڙ، محنت ۽ پگھر جو پورھيو ڪري موچاري منزل حاصل ڪئي آھي. سيوھڻ ھاڻ ته ھڪ وڏي شھر جي شڪل ۾ بدلجي ويو آھي پر ڪنھن وقت يعني سال 1963ع يا ان کان ٻه چار ورھه اڳ، سيوھڻ سيد سڳورن ۽ ڀرپاسي جي وڏن ماڻھن جي تاڙ ۾ هئو. پراڻو شھر، ڪئين برباد ٿيو؟ ته اھو خود ھڪ وڏو داستان آھي! ڪو اھڙو زمانو هئو، جنھن ۾ سيوھڻ ۾ اڃا بجلي ڪونه آئي ھئي. پر شھر خدا جي آسمان تي روزانو جڳمڳ جڳمڳ ھزارن ستارن جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ٻهه ٻهه پيو ڪندو هئو. اھو سيوھڻ اڄوڪي سيوھڻ کان ٻيو هئو. دوست محمد خان ابڙو جي آتم ڪٿا ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ عڪس ڪيل شروعاتي ساروڻين جھڙو سيوھڻ. جنھن ۾ لال شھباز جو مقبرو ۽ سيوھڻ جو قلعو سڀ کان مٿانھان، شاھه صلاح الدين، شينھن واري ڪافي، پٺاڻن واري ڪافي، سيوھڻ جون ماڙيون، سيد ولي محمد شاھه سجاده نشين جي حويلي، درگاھه جي ساڄي پاسي، جتي سيد گل محمد شاھه پنھنجي ٽن ڌيئرن سان رھندو ھئو. ڀرسان سائين وريل شاھه ۽ کاٻڙوٽي سيدن يعني سبزواري شاھن جون حويليون، ٻيون ھندن جون ڇڏي ويل مشھور ماڙيون، ھڪڙي کڏ محلي وٽ ديوان ريجھو مل جي اوچي ماڙي ۽ ٻي درگاھه جي پويان نئين محلي وٽ، جنھن ۾ ڀاءُ محمد خان ابڙي جو ڪٽنب اچي ڪجھه وقت رھيو. ابڙي صاحب سچ لکيو آھي، ھندن جو لڏ پلاڻ کانپوءِ ھندن جون ڇڏي ويل ماڙيون، مقامي سيدن جي قبضي ۾ ھيون، خود سيوھڻ جي شاھي بازار جنھن کي ڍڪ بازار چوندا ھئا. اھا درگاھه جي پويان، ساڄي پاسي کان ٿيندي، اچي کڏ محلي وٽ ختم ٿيندي ھئي. سامھون ھئو سيوھڻ جو قلعو، جنھن ھن شھر تي حاڪمن جي ظلم ۽ بربريت جا الائي ڪيترا دور ڏٺا ھئا. اڄ انھن ڍَڪ بازار جو نالو نشان به نٿو ھٿ اچي. انھيءَ بازار ۾ سوين دڪان ھئا. مون ننڍڙي ھوندي اتي دڪانن جي ڀتين ۾ لڳل لوھه جون ٽجوڙيون به ڏٺيون، پوءِ ماڻھو دڪانن ۽ گھرن جون سرون ڪاٺ سڀ کڻي ويا.
*
ڀاءُ محمد خان جي آتم ڪٿا ۾، سيوھڻ جي محرم جو احوال آھي. بلڪ ھُن سربستي نموني، سيوھڻ جي محرم جو ذڪر ڪيو آھي. تمام گھٽ ماڻھن کي ان ڳالھه جي خبر آھي ته سيوھڻ ئي اھو ننڍي کنڊ جو تاريخي شھر آھي، جتان محرم ملھائڻ جو سلسلو سڀ کان پھرين شروع ٿيو. يعني محرم جي 10 ڏينھن ملھائڻ لاءِ ذوالجناح ۽ تابوتن بر آمد ڪرڻ جو سلسلو ھتان کان شروع ٿيو. اڄ به سيوھڻ ۾ محرم جي ڏھن ڏينھن اندر نڪرندڙ ماتمي جلوسن، ذوالجناح، تعزين ۽ ماتم ڪرڻ جو سڀ کان جدا انداز آھي. ليکڪ محرم جي ذڪر ۾ اُٺن جي قافلن، قلندر جي درگاهه ۾ رکيل علم ”گجگاھه“ کان ويندي سيوھڻ ۾ محرم جي سموري تقريبن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. آئون خود ڪنهن وقت هر سال سيوهڻ ۾ 7 محرم تي سبزوارين جي ذوالجناح واري جلوس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ حيدرآباد کان سيوھڻ ويندو ھيس. اھا ڳالھه 1980ع کان 1982ع تائين جي آھي. ھاڻي ته وقت ٿي ويو آھي، اھو سڀ ڪجھه ڏسندي. ۽ ٻي اھم ڳالھه ته سنڌ ۾ مرثيي لکڻ جي شروعات ڪندڙ سيد ثابت علي شاھه به سيوھڻ جو هئو. سيد ثابت علي شاھه کانپوءِ ھندستان ۾ مرزا دبير (1803-1875) مرزا انيس مرثيه گوئيءَ جي شروعات ڪئي.
*
”وڃن سور سنڌا ڪيو“ آتم ڪٿا ۾ اسان جي معاشري جي ڪيترن ئي ڪردارن جو ذڪر آھي، پر محمد ابراھيم ڀٽو جو ذڪر ڏکوئيندڙ آھي. انسان زندگيءَ ۾ ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍي ڪنھن منزل تي پھچي ٿو، پر پوءِ سازشن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ابڙي صاحب ھن جي ذڪر ۾ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ لفظ لکيا آھن ته: مون ھُن جي چھري تي مُرڪ، خوشي يا ڪا اھڙي شيءَ ڪونه ڏٺي،سدائين سراپا ڏک جو ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ داستان نظر ايندو هئو!“ ليکڪ وٽ لفظن جي خوبصورت چونڊ آھي. خود پنھنجي گھر بابت لکي ٿو ته: ”ظاھر آھي بک وري اچي اسان جي اڱڻ تي ديرا ڄمايا ھئا ۽ مان پڙھائي ڇڏي ھوٽل ۾ مزدوري ڪرڻ لڳس. اتي مونکي ھوٽل جا ٿانَو ڌوئڻ جو ڪم مليو، معاوضي طور ماني ملندي ھئي، ڪڏھن رات جو ماني ۽ ڀاڄي بچندي ھئي ته گھر کڻي ويندو ھيس ۽ ھڪ رپيو روزانو مزدوري به ملندي ھئي!“ ھڪ پورھيت شخص ڪئين وري وڃي ”تعليمِ بالغان“ ۾ داخلا ورتي ته اھو ڀاڳ ۾ ھن جي لکيل ھئو. ترقي سندس قدم چمڻ لاءِ تيار بيٺي ھئي. اھي سڀ ڳالھيون قدرت جو کيل آھن، ڪنھن اڻ ڏٺل قوت جي قدرت آھي. ۽ زندگي محنت ۽ ڪشالا ڪڍڻ جو ٻيو نالو آھي.
*
ڀاءُ محمد خان جو داستان، چيم ته پورھئي جو داستان آھي. ھڪ بنھه غريب ماڻھو وڃي ڪئين ترقي ڪئي. يا ترقي ڪري سگھي ٿو، ته اھو مثال ڀاءُ محمد خان جو آھي. مشھور آمريڪي معمار بينجمن فرينڪلين پنھنجي آتم ڪٿا 1771ع کان 1790ع ۾ لکي ھئي. اھا آتم ڪٿا، اسانکي ٻڌائي ٿي ته ھڪ ھيڻي وچولي ڪلاس جو نوجوان ڪئين ٿو دنيا جو مشھور ماڻھو بڻجي. تنھن کانسوءِ برک جرمن يھودي نينگري ايني فرينڪ جي آھي ته ڊائري، پر اھا به ھڪ آتم ڪٿا آھي. ھڪ 19 ورھين جي معصوم ڇوڪريءَ جو داستان اڄ به دنيا ۾ وڏي شوق ۽ موھه سان پڙھيو ٿو وڃي. ائين ته دنيا ۾ صدين کان آتم ڪٿا لکڻ جو سلسلو ھلندو پيو اچي، پر جوليس سيزر، عيسوي صدي کان 58 ورھيه اڳ ڪلاسيڪل ليٽن ٻوليءَ ۾ تاريخ ۽ لشڪر بابت اِھو ڪتاب لکي پاڻ کي امر ڪري ويو. بھرحال آتم ڪٿائن جي تاريخ طويل آھي. سنڌ ۾ محترم سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جون آتم ڪٿائون، ماڻھوءَ جي ذھن کي روشن ٿيون ڪن.آتم ڪٿا لکڻ جوسلسلو سدائين جاري رھندو جيڪا روايت ڀاءُ محمد خان برقرار رکي آھي. سنڌ جي قومي سياست ھن ڀاءُ جي ذھن ۾ کتل ھئي. ان ڪري پاڻ چوي ٿو ته ”سندس پھريون عشق ڪنھن خوبصورت ڇوڪريءَ سان نه پر سنڌ جي قومي تحريڪ سان وڃي جڙيو.“
*
ھن آتم ڪٿا جا ڪيترائي سيوھاڻي ڪردار منھنجا ڏٺل وائٺل رھيا آھن. مثال طور سيد جيندل شاھه آراضيءَ وارو، سيد گل محمد شاھ لڪياري، سيد موٽيل شاھه سبزواري، سيد صادق علي شاھه سبزواري، سيد گمبل شاھه، سيد محمد مراد شاھه لڪياري، سيد حاجن شاھه لڪياري، سيد عزت علي شاھه سبزواري، سيد حاجن شاھه سبزواري، سيد جئيندل شاھه لڪياري، سيد غلام حسين شاھه، سيد ڪوڙل شاھه، سيد مظفر شاھه سبزواري، پٺاڻن جي ڪافي وارو، سيد نادر شاھه، فقير لالداس، سيد گل محمد شاھه جو وفادار خدمتگار ڦوٽو، حڪيم محمد مراد صديقي، خادم سومرو، سيد ولي محمد شاھه، سيد غلام حسين شاھه باجارن وارو يا جھانگاري واري سيد غلام عباس شاھه جو پٽ سيد نصير محمد شاھه، نورمحمد مغل، علي محمد سيوھاڻي، 1969ع ۾ سائين جي ايم سيد قلندر لال شھباز جي عرس موقعي تي بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنس سيد نصير محمد شاھه جي اوطاق تي منعقد ڪئي ھئي.
*
ھِن آتم ڪٿا ۾ ڀاءُ عبدالمؤمن ”ھلندا ھلون_ وڌندا رھون“ جي عنوان سان ھڪ شاندار مھاڳ تحرير ڪيو آھي سچ پچ ان مھاڳ کانپوءِ منھنجو لکڻ مناسب نٿو لڳي. پر پياري ڀاءُ محمد خان ابڙي کي پراڻي قومي تحريڪ جي ڇڪ اڃا اندر ۾ موجود آھي. ٿي سگھي ٿو، انھيءَ ڪري ھن مون تي ڪجھه لکڻ جو حڪم جاري ڪيو. مومن صاحب، جي سوچ آپٽيميسٽڪ آھي ۽ محمد خان ابڙي کي ”قوم آڏو ھر حوالي سان ھڪ رول ماڊل بڻجي پوڻ جي تلقين ڪئي آھي.“ اھا سٺي ڳالھه آھي. ھن ان سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جو ان تقرير جو ٽڪرو ڏنو آھي. جيڪا مولانا صاحب جلاوطنيءَ کان موٽڻ بعد، ڪراچيءَ ۾ ڪئي ھئي. مولانا صاحب ھڪ مثالي، آدرشي ۽ عظيم انسان ھئو. جنھن پنهنجي حياتي جا پورا 24 سال جلاوطني جي خوفناڪ تڪليفن ۽ ڪشالن ۾ گذاري ڇڏيا. جڏھن مارچ 1939ع ۾ وطن واپس آيو ته سندس ڏاڙھي، وار ۽ جواني، پيريءَ جي وڻ ويڙھيءَ ۾ ويڙھجي چڪا ھئا. اُھا جدوجھد، اھا جلاوطني، اُھا قرباني اجائي وئي، يا سجائي، ته ان تي لکڻ ۽ بحث ڪرڻ لاءِ ڊگھو بحث درڪار آھي.
*
آتم ڪٿا ”وڃن سُور سنڌا ڪيو“ تي مھاڳ لکندي لکندي محسوس ڪيم ته آئون ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ بابت ۽ ان جي ڪردارن بابت لکڻ کان ”بائي پاس“ ڪري ويو آھيان. اھا ڳالھه محسوس ڪندي سوچڻ لڳس ته ڪٿا جي ان رخ تي ضرور ٻه اکر تحرير ڪريان. جيتريقدر محترم سائين جي ايم سيد جو ڪردار آھي اھو ھڪ اڏول پھاڙ وانگر آھي، جيڪو سدائين سنڌ لاءِ قائم رھڻو آھي ۽ جنھن کان مور ھرگز نه منھن موڙڻو آھي. تڏھن ته شيخ اياز سائين جي ايم سيد لاءِ لکيو هئو ته:
”سج سڀاڻي جا ڪري، سائي سامي روءِ!“
ھن ڪتاب ۾ سائين امير حيدر شاھه، عبدالحفيظ پيرزادو، ڄام ساقي، محترم عبدالواحد آريسر، سيد عبدالله شاھه، مولا بخش لغاري، حفيظ قريشي، سيد علي حيدر شاھه، قادر بخش جتوئي، خادم سومرو، سيد جلال شاھه، عطاءَ الله انڙ، گل محمد جکراڻي، رسول بخش ٿيٻو، ڪامريد علڻ ٿيٻو، قمر ڀٽي، عبدالخالق جوڻيجو، حبيب الله ڪابورو، راشد مورائي، تاج جويو، باغي بلوچ، اختر ڪاڪيپوٽو، علي احمد پنھور، اشرف کھاوڙ، قاسم ٻگھيو، ملڪ اسد سڪندر، معصوم سانگھڙائي، عبدالصمد ڪانڌڙو، روشن ٻرڙو، عابد لاکير، بشير اوٺو جو ذڪر موجود آھي. جن مان ڪيترا منھنجا ذاتي دوست به رھيا، البت جيڪڏھن ليکڪ پنھنجي ڪيل عشقن جو ذڪر ڪري ھا ته وڌيڪ بھتر ھو. ٿي سگھي ٿو، ته ليکڪ اڳتي ھلي پنھنجي قلم جو جادو جاڳائي ۽ مختلف ڪردارن بابت جدا تحرير ڪري بھر حال ڪتاب ۾ ليکڪ عورت جي نفسيات جو ڪيڏو نه زبردست تجزيو ڪيو آھي، جيڪا خود ليکڪ جي ڀاڄائي آھي.
*
مون اڳي به عرض ڪيو ته آتم ڪٿا لکڻ ھڪ ڏکيو ڪم آھي. پر انھيءَ مشڪل مرحلي مان ڀاءُ محمد خان لنگھي پار پھتو آھي. ڪجھه ماڻھو اھا پڙھي خوش ٿيندا ته ڪيترا سڄڻ وري ٿي سگھي ٿو ته سندن ذڪر پڙھي ناراض ٿين. انھيءَ ڏکئي بار کي، ليکڪ پاڻ منھن ڏيندو. باقي مجموعي طرح ھي آتم ڪٿا، سنڌي ادب ۽ آتم ڪٿائن جي فھرست ۾ ھڪ سٺي ڪتاب جي شڪل ۾ اضافي جو باعث بڻجندي.
اميد اٿم ته پڙھندڙ به ھن ڪتاب کي سٺي موٽ ڏيندا، ته جئين ليکڪ، پنھنجي آتم ڪٿا جي ڪجھه اھم بابن بابت تحرير ڪري ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو اضافو ٿئي.
مدد علي سنڌي
ڪراچي
04 نومبر 2020ع