آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

گذر سفر ۽ زمين

هڪ دفعي سائينءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ٿي ٻيو ڪير به نه هجي پڇيومانس ته سائين، توهان وٽ ڪيتري زمين آهي؟ چيائين ته مون وٽ ٿوري زمين آهي اندازن 200-300 ايڪڙ ٻڌايائين. ته مون چيو ايتري زمين تي اوهان جي والد صاحب جي وفات کانپوءِ سرڪار نگراني شروع ڪئي؟! چيائين نه، زمين ته گهڻي هئي پر هينئر مون وٽ ايتري بچي آهي. مون چيو؛ سائين! ڇا هن تحريڪ جي خرچن جي ڪري کپائي ڇڏيوَ؟ چيائين نه! مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽن ۽ نياڻين جي نالي ڪري ڇڏي آهي ته جيئن پوءِ پاڻ ۾ ملڪيت لاءِ ويڙهه نه ڪن جيڪا پٽن جي حصي ۾ آئي انهن کي ڏنم، جيڪا نياڻين جي حصي ۾ آئي اها انهن کي ڏنم. سمورن جا کاتا به ڪرائي ڇڏيا اٿم. ڪجهه زمين اسڪول ۽ اسپتال ۽ ڪاليج لاءِ ڏني اٿم ته ڪجهه زمين پنهنجي پراڻن نوڪرن کي ٿورا ٿورا ٽڪر ڏنا اٿم جو سڄي زندگي ابن ڏاڏن کان خدمت ڪندا پيا اچن باقي هي ٻه ٽي سؤ ايڪڙ آئون پاڻ سنڀاليندو آهيان، جلال محمود نگراني ڪندو آهي جو ننڍي هوندي کان مون سان گڏ ئي هوندو آهي. مون کان پوءِ اها ان کي ئي ملندي ان زمين مان ايندڙ ويندڙ دوستن ۽ ساٿين ورڪرن جي ماني وغيره ڪندو آهيان ۽ سال ۾ هڪ دفعو جيڪا سالگره ٿيندي آهي ان جو به خرچ، ان زمين جي آمدنيءَ مان ڪندو آهيان. مان پنهنجي سالگره جي تقريب ۾ پارٽي ورڪرن ۽ ليڊرن کان خرچ ڪونه ڪرائيندو آهيان ۽ نه ئي پٽن کان خرچ ڪرائيندو آهيان ڇو ته منهنجو ٻيو ته ڪو خرچ ڪونه آهي ڪو سال ۾ هڪ ٻه ڪتاب ڇپيو ان جو خرچ، مهمان نوازي ۽ سالگره جو خرچ اهو آرام سان مون واري حصي جي زمين جي اپت مان ٿي ويندو آهي. هاڻي اڃا به ٻي ڪا بچت ٿيندي آهي ۽ پاڇيءَ مان ڪنهن کي ڪا ضرورت پوندي آهي ته اڃا به مان ڏيندو آهيان سو به گهڻو ڪري گهر ڪونه ڪندا آهن. سو هاڻي مون کي اهو انتظار يا الڪو ڪونه رهندو آهي ته منهنجي مُئي کان پوءِ ملڪيت يا زمين تان هنن ۾ جهيڙو يا اختلاف ٿيندو. سو، حويلي، گهر، اوطاق ۽ بنگلا به حصي آهر سڀني ۾ ورهائي ڇڏيا اٿم.