آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

انگريزي تعليم ڏانهن پهريون قدم

مان پنهنجي منهن سان بڪ اسٽال تي ويس جيڪو تلڪ چاڙهيءَ جي هيٺان هئو. اتي وڃي هڪ درجي انگريزي کان مئٽرڪ جا انگريزي ڪتاب سنڌي ترجمي سان،گرامر جا ۽ سمورو ڪورس ورتو. ايئن مون اي، بي، سي سکڻ ۽ لکڻ شروع ڪئي. جڏهن اها پڪي ڪيم ته هڪ دفعو دوستن کي ٻڌايم ته هيءُ نصاب جو پهريون سبق اي، بي، سي ياد ڪئي اٿم، نه صرف ياد ڪئي اٿم پر ان کي ننڍي ۽ وڏي ABC ۾ لکي به وڃان ٿو. ۽ پڙهي به سگهان ٿو. ان تي صرف هڪ سائين قاضي فاروق چيو ته توکي شوق آهي. منهنجو جيترو حال آهي آئون تنهنجي مدد ڪندس. ليڪن هيءُ هتي ڪونه ٿي سگهندو. ان لاءِ ڪو ٻيو هنڌ هجي. ڇو ته هتي توهان جو وقت ڪچهري ۽ چرچن ۾ گذرندو، باقي وقت هو پنهنجي پڙهائي ۾ ڌيان ڏيندا. پوءِ مون پڇومانس ته سائين ڪچي قلعي ۾ منهنجي ڀاءُ جي ننڍي جاءِ آهي مان مل مان ٽئين وڳي موٽندو آهيان. پنجين وڳي اوهان کي وٺڻ اچان؟ هِن ”هائو“ ڪئي ۽ مان ٻئي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي سائيڪل کڻي ڪچي قلعي کان گاڏي کاتو ۽ گاڏي کاتي کان گول بلڊنگ سرفراز ڪالوني مارڪيٽ کان ٿيندو لياقت ڪالوني ۽ پوءِ ساڳي طرح قاضي صاحب کي سائيڪل تي کڻي واپس ايندو هئس. ۽ اڪثر قاضي صاحب سائيڪل پاڻ هلائيندو هئو. ۽ اچي مونکي پڙهائيندو هئو ۽ وري ساڳيءَ طرح کيس واپس ڇڏي موٽي ايندو هئس. پوءِ اسان اهو فيصلو ڪيو ته هر روز ايئن ڪرڻ سان هڪ ته ٿڪاوٽ گهڻي ٿئي ٿي ٻيو وقت جو زيان به وڌيڪ ٿئي ٿو. پوءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن مقرر ڪياسين.