آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

شيرين سومرو ڪيس

1978ع ۾ ڄامشورو ۾ شيرين سومرو ڪيس سامهون آيو، جنهن ۾ ٻن اهلڪارن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جو الزام ان وقت جي جنرل سيڪريٽري علي حيدر شاهه تي لڳو، اهو سنڌ جو مشهور واقعو آهي. سڄي سنڌ ۾ باهه ڀڙڪي وئي هوڏانهن ايجنسين به سڄي سنڌ ۾ آپريشن ڪيو ۽ گرفتاريون ڪيون اسان جهڙا ڪيترا ورڪر روپوش ٿي ويا، جيڪي هٿ آين انهن کي گرفتار ڪري ڪوڙا سچا ڪيس ٺاهي کين سزائون ڏنيون پئي ويون، ان وقت دادو ضلعي مان اندازن 17 جيئي سنڌ جا ورڪر جيلن ۾ واڙيا ويا ۽ کين هڪ هڪ سال جي سزا ٻڌائي ويئي، انهن ۾ ضلعي جو جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو ، علي بخش شيخ - جيڪو هاڻي لانڍي جيل جو سپرنٽنڊنٽ آهي. عابد لاکير، بشير اوٺو، اختيار لغاري شامل هئا، اڄ کان 33 سال پراڻي ڳالهه آهي، ڪافي نالا مونکان وسري ويا آهن، مان روپوشيءَ ۾ ڪراچيءَ اچي رهيو هيس، مون انهن دوستن سان جيڪي گهڻو ڪري لانڍي جيل ۾ هئا، ملڻ ويندو هئس، ڪڏهن بشير اوٺي جي پيءُ سان گڏجي ڪڏهن ڪنهن ٻئي دوست جي عزيزن سان گڏجي، جو ڊپ ٿيندو هئو، ته متان جيل تان ملاقات کانپوءِ ٻڌجي وڃان! ليڪن انهن سان رابطو به ضروري سمجهندو هئس، جو ضلعي جي قيادت مون وٽ هوندي هئي، هونءَ به مان علي حيدر شاهه جي ان عمل سان سهمت ڪونه هئس، ان ڪري ان سڄي احتجاجي عمل کان پاڻ کان پري به رکيو هيم، ڇو جو جذباتي عمل قومن جي آجپي ۾ رڪاوٽ بڻبا آهن ۽ علي حيدر شاهه جو جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ، يونيورسٽيءَ ۾ ڇانگي جهڙي ڏوهاريءَ کي پناهه ڏيڻ، شيرين سومرو ڪيس ۾ جذباتي ٿي ٻن اهلڪارن کي قتل ڪرڻ ۽ الذوالفقار سان رابطن جي ڪري مشهور جهاز اغوا ڪيس ۾ جيل مان نڪرڻ ۽ اغوا ڪندڙن جي مطالبي تي سنڌ مان ٻاهرين ملڪ وڃڻ ان کانپوءِ پ پ حڪومت جي ان وقت جي هڪ وزير پرويز شاهه جي ڪوشش سان واپس اچڻ ۽ وري پنڊي جيل ۾ رهڻ اتي شادي ڪرڻ ۽ وري ڪيس ختم ڪرائي آزاد ٿيڻ. اهي تمام وڏا معاملا هئا، جن سان جيئي سنڌ تحريڪ جو ڪوبه تعلق نه هئو! ۽ اهي سڀ سوال اڃا تائين حل طلب آهن، جن جو مون کي اڄ تائين ڪوبه جواب ڪونه ملي سگهيو آهي، ايتري قدر جو خود حيدر شاهه به آزاديءَ کانپوءِ تنهائيءَ جو شڪار ٿي پيو آهي، شايد جن جي اشارن تي ڊراما ڪيائين، اهي کيس ڇڏي ويا ۽ پاڻ تنها رهجي تاريخ جو المناڪ باب بڻجي ويو! مان سمجهان ٿو ته جي پاڻ هن قوم، ڌرتي، سنڌ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ لاءِ قربانيون ڏيئي ها ته اڄ پنهنجي سر ڪنهن وڏي مقام تي هجي ها، ڪاش ايئن هجي ها! مونسان سندس ملاقات سندس جيل مان آزاديءَ کانپوءِ 1992 ۾ اچانڪ ٿي، ملڪ اسد سڪندر وزير هو، هيءُ ان جي چيمبر ۾ ويٺو هو،آءُ به ڪنهن ڪم سان وزير صاحب جي آفيس ويس ، پي.ايس ٻڌايو ته صاحب چيمبر ۾ ويٺو آهي، مون کيس چيو ته پڇوس جي مناسب آهي ته 5 منٽ ملاقات ٿئي نه ته آئون وري ايندس. پي.ايس ويو، ۽ چيائين صاحب چوي ٿو ته ڀلي اچي. مان ساڻس مليس ته مونکي اشارو ڪري چيائين هن همراهه کي سڃاڻين؟ مون چيو ته نه سائين آئون ڪونه ٿو سڃاڻانس، باقي چهرو ڪجهه ڪجهه ڏٺل لڳي ٿو، وري شاهه صاحب کان پڇيائين ته توهان هن کي سڃاڻو؟ شاهه صاحب چيو سائين بلڪل هي ته اهڙو جو اهڙو لڳو پيو آهي، محمد خان ابڙو سيوهڻ وارو اسانجو پراڻو ساٿي! هن جنهن مهل ڳالهايو ته هن جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ آواز ڪنن تي پيو ته منهنجون پراڻيون يادون واپس آيون ، مون ڏانهنس نهاريندي چيو ته حيدر شاهه ؟ چيائين هائو! پوءِ اڌ ڪلاڪ ڪچهري ڪئي سين، ان کانپوءِ وري ملاقات ڪونه ٿي، ٻڌجي پيو ته هاڻي شاهه صاحب لاڙڪاڻي ۾ ڪو مڪان آباد ڪيو ويٺو نشا پتا ڪري، آخري اطلاع هن جي وفات جو مليو هو.