عشق جا پنڌ ۽ بابا جون ارڏايون
انهن هندو سيٺين اسان کي ايڏو مالي نقصان ڏنو باقي جيڪا رقم ملي اها به انهن جي پويان ڪيسن ۽ ڦڏن جي نذر ٿي ويئي ۽ اهو ڦڏو ايترو ته هليو جو ان ۾ نوابشاهه جو مشهور وڪيل قاضي تقي صاحب به ملوث ٿيو. جيڪو پير سائين پاڳاري جو خاص ماڻهو هئو. انهن هندن مان هڪ جو نالو مون کي ياد ٿو اچي، اهو هئو؛ مول چند! باقي هن جا ٻيا مائٽ ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا. مولچند الائي ڪهڙيءَ طرح قاضي تقيءَ کي پنهنجو ڪيو ڇو ته هندو واپارين تي ڪوٽڙيءَ جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيوسين جيڪي هر تاريخ تي ايندا هئا ۽ اچي اچي بيزار ٿي پيا هئا ان جهڳ جهڳان کي ٽي سال گذري ويا ان وچ ۾ بابا سائين کي هڪ ڇوڪري پسند اچي ويئي ان جا والدين بابا کان پئسا وغيره وٺي کائيندا هئا. جڏهن شاديءَ لاءِ چيائين ته ان جي مائٽن انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ ڇوڪري لڪائي ڇڏيائون.
اسان جو والد سائين انتهائي خوبصورت انسان هئو. شايد اهڙو جوان سڄي شهر ۾ نه هجي ۽ انتهائي جذباتي ۽ خوددار قسم جو ماڻهو هوندو هئو. هن کي جيئن جواب مليو هن دادوءَ جي عدالت مان سرچ وارنٽ ڪڍرائي پوليس وٺي اچي گهربل ڇوڪري بازياب ڪرائي ۽ ٻئي ڏينهن دادوءَ جي عدالت ۾ نڪاح وجهي ڇڏيائين. پٺيان لوڪل پوليس ۾ اغوا ۽ ڦر جو ڪيس سائين صادق علي شاهه سبزواريءَ جي چوڻ تي بابا جي خلاف داخل ٿيو. هاڻ بابا سان ٽئي وڏا ڀائر؛ غلام حسين، غلام قادر ۽ ڪريم بخش گڏ هئا ۽ تقريبن ڇهن مهينن تائين ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڳڙهي ياسين جي پاسي ابڙن جا وڏا ڳوٺ هئا، انهن وٽ وڃي رهيا. جيستائين ڪيس وغيره ختم ٿين يا ضمانتون ٿين تيستائين هو ته رهيا روپوش. ان وچ ۾ هندو واپارين قاضي تقيءَ جي معرفت وڃي پير سائين پاڳاري کي چيو ته اسان هندن جي هنن ابڙن مان جان ڇڏرايو. پير پاڳاري جو هڪ مريد هالا ٿاڻي تي ان وقت ايس ايڇ او طور لڳل هئو. جنهن ايف آءِ آر داخل ڪري اچي سيوهڻ ۾ ڇاپو هنيو ۽ ان وقت وڏن مردن مان ڪير ڪونه مِلين جو اهي لِڪل هئا باقي مون کان وڏو ڀاءُ محمد اسحاق ابڙو کي گرفتار ڪري هالا ٿاڻي تي چوريءَ جي ڪيس ۾ بند ڪرايائون ۽ اهو پيغام موڪليائون ته هندو واپارين تان ڪيس ختم ڪريو. جيئن ته گهر جا سڀ وڏا روپوش هئا ۽ ڪنهن به فرد کي ان معاملي جي ڄاڻ نه پئجي سگهي ۽ ايئن چوڏهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ادا محمد اسحاق هالا لاڪپ ۽ سب جيل ۾ ڇهه مهينا گذاريا ۽ آخر ۾ ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو ۽ هالا عدالت جي جج، هن کي بي قصور ڄاڻائي آزاد ڪري ڇڏيو. ان عمل جي جڏهن بابا کي خبر پئي ته پوءِ اهو طي ڪيو ويو ته ڪوڙو ڪيس ڪيو اٿن اسان ته هنن تي سچو ڪيس داخل ڪيو هئو. هاڻي هڪ ڪوڙو ڪيس آءٌ به ڪندس پوءِ ڀلي اچي پير صاحب ۽ قاضي تقي هنن کي ڇڏائين! ۽ ايئن بابا سائين وڏي ڀاءُ سان گڏجي ۽ هڪ همراهه فقير محمد چنا جيڪو ڳوٺ بچل چنا جو رهواسي هئو ۽ بابا جو دوست به هئو انهن سڀني صلاح ڪئي ته هندو واپارين اسان جي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي صغير ٻار کي ڇهه مهينا ٿاڻن ۽ جيلن جا دروازا ڏيکاريا هاڻي هنن کي به ڪا سيکت ڏجي. مٿي مون ذڪر ڪيو آهي ته بابا جڏهن ٻي شاديءَ واري مسئلي ۾ ٽن وڏن پٽن سميت روپوش ٿي ويو ته پوءِ هالا جي پوليس چوڏهن سالن جي محمد اسحاق کي گرفتار ڪري ويئي باقي گهر ۾ ٽي ننڍا ٻار ۽ امان رهياسين، ڪير به پرگهور لهڻ وارو ڪونه هئو. سبب اهو ته، بابا کي نه ڪو ڀاءُ هئو نه ڪو چاچو، نه ڪو مامون، نه ڪو سؤٽ ۽ امان کي به صرف هڪ ڀاءُ هئو سو به سيلاني فقير ۽ غير شادي شده، آزاد پکي. جتي ڪو سايو مليس ان جي ڇانو ۾ ويهي رهيو سڀني رشتن کان بي نياز! هاڻي ڇا ڪجي؟ پوءِ اسان ڪافي وقت ته بکن ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا هئاسين. اسان جو گذر سفر ڏاڍو اڻائو هوندو هئو مونکي ياد آهي ته مڪئي سڪائي جنڊ ۾ پيهي ان جي ماني کائيندا هئاسين. هي اهو وقت هئو جڏهن مڪئي کي ڪا اهميت ڪونه هوندي هئي.
وقت گذرندو رهيو. آخرڪار هڪ عزيز آيو ان جو ڳوٺ ميان موٽڻ، لڳ بختيار پور هيو. ۽ هن عزيز اسان سڀني کي پنهنجي ڳوٺ وٺي اچي پنهنجي گهر ۾ رهايو سندس نالو پيرل ابڙو هئو. اسين کيس ماما پيرل ڪري سڏيندا هئاسين، ۽ ڪافي مهينا اتي رهڻ بعد هوريان هوريان مسئلا ٺيڪ ٿيندا ويا ۽ جيڪا بابا شادي ڪئي ان اچي ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته مون پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي آهي ان بنياد تي داخل اغوا ۽ ڦر جي FIR سڀني تان ختم ٿي ۽ اچي سيوهڻ ۾ رهياسين پر هڪ ته ٻانهن وارو ڪيس ٻيو وري هندو واپارين تي ڪيس ۽ هندو واپارين وري جيڪو ڪوڙي ڪيس ۾ ڀاءُ کي جيل ۾ وجهايو، سو جيڪا وقتي طرح خوشحالي آئي اها ختم ٿيندي ويئي سبب اهو هئو ته بابا سائين ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندو هئو.