آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

سائينءَ تي حملي بابت مبالغه آرائي

مون مٿي سائين جي ايم سيد تي حملي جي سازش جو ذڪر ڪيو ان پسمنظر ۾ هڪ واقعو ذهن تي تري آيو آهي ته 30 مئي 2011 تي حيدرآباد ۾ ناليواري شاعر احمد سولنگيءَ جي گهر تاج جويو سان ملاقات ٿي مون ان واقعي بابت کانئس پڇيو ته چيائين ته مان ان واقعي وقت اتي ئي هئس پوءِ جيڪي هن ڳالهيون ڪيون اهي هيون ئي ڪونه پر ايتري تصديق ڪيائين ته حبيب الله ڪابورو ۽ تون اتي هئين. ليڪن هن هڪ ڳالهه ان واقعي جي باري ۾ احمد سولنگيءَ جي روبرو عجيب ڪئي:
”اهلڪار رات جو سائينءَ سان مليو ۽ رات جو هن سائينءَ جي سيڪيورٽيءَ وارن جي ڪمري مان رائيفل کنئي ۽ سائينءَ جي مٿان اچي کيس نشانو بنايائين ته ان کي هڪ جي ايم سيد ۾ ٽي ٽي جي ايم سيد نظر اچڻ لڳا، پنجابي پريشان ته؛ هي ڇا؟! سو مايوس ٿي وڃي رائيفل رکيائين. ڪجهه دير کان پوءِ وري اهو عمل دهرايائين ته کيس وري به ساڳيو نظارو نظر آيو ۽ آخرڪار هو سائينءَ کي قتل ڪرڻ وارو عمل نه ڪري سگهيو...“
هاڻ ان تي سوال ٿو اٿي ته ڇا سائين جي سيڪيورٽي تي ويٺل ماڻهو رائيفل ۽ هٿيارن وارو ڪمرو کليل ڇڏي ويا.؟ جڏهن ته انهن سان گڏ پوليس گارڊ به هوندا هئا جي نه به هوندا ته ڇا سيڪيورٽي ڪمرو کليل هئو جو هن ڀريل رائيفل سائينءَ تي سڌي ڪئي ۽ سائين هن کي ٽي ٽي دفعا نظر آيو؟! ان ڳالهه مان هن ڇا، ٿي ثابت ڪرڻ چاهيو؟ سائينءَ ۾ ايتري ”ڪرامت“ هئي ته پوءِ حملي ڪرڻ وارو رائفل کڻڻ مهل انڌو ڇو ڪونه پئي ٿيو يا وري جي ايم سيد جي سيڪيورٽي ايتري غافل، نااهل ۽ غير ذميوار هئي. مان ٻئي ڏينهن به موجود هئس سائينءَ سان هن جي ملاقات کان هن کي گرفتار ڪري وڃڻ تائين! تاج جويي جي گهڙيل ڪهاڻيءَ جو ڪو به ذڪر ڪونه هئو. ان جي تصديق لاءِ حبيب الله ڪابورو زنده آهي ۽ ايريگيشن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي ان کان پڇيو وڃي يا تصديق ڪندو يا ترديد ته پوءِ ايتري وڌائي ڳالهه ڪرڻ سو به تاج جوئي جهڙو ڏاهو اديب شاعر تاريخ نويس ته پوءِ ڪيئن نه سنڌ جي تاريخ جو ٻيڙو ٻڏندو! منهنجي، تاج جوئي صاحب کي گذارش آهي ته ان ڳالهه جو هڪ گواهه ڏئي ته سائين اهي ڳالهيون قتل لاءِ ايندڙ اهلڪار ڪڏهن ۽ ڪٿي چيون جو هن جو سمورو بيان ان وقت ٽيپ رڪارڊ ۾ رڪارڊ پئي ڪيو ويو اهو رڪارڊ نه به هجي پر سائين جي ايم سيد جي رڪارڊ يا لائبريريءَ ۾ ضرور هوندو.