آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

قلندر جي گادي نشين جو واقعو!

هڪ دفعي ولي محمد شاهه ولد محمد مراد شاهه لڪياري سجاده نشين سيوهڻ شريف، مونکي نياپو ڪيو مان به سيوهڻ ۾ هجان چيائين ڊي.ايس.پي سيوهڻ منهنجي پڇا پيو ڪرائي خبر نه آهي، ڇا مسئلو آهي کيس چئو ته تنگ نه ڪري. مون چيو تنگ ڪونه ڪندو. پر معاملو ڇا آهي؟ چيائين مونکي ڪا به خبر نه آهي ته معاملو ڇا آهي. مان، نثار صاحب ڏانهن هلي ويس چيو مانس ته منهنجو پيارو دوست آهي، حيدرآباد ۾ مان ان وٽ وڃي اڪثر رهندو آهيان، اوهان هن کي ڇو تنگ ڪيو آهي، مسئلو ڇا آهي؟ نثار مونکي گهوريو ۽ سوال ڪيائين، عمر گهڻي اٿس، مون چيو مونکان چار سال کن ننڍو ٿيندو، چيائين ڪاٿي آهي، مون چيو پنهنجي بنگلي تي ويٺو آهي، پوءِ وٺي اچيس، ته هن سان ملڻو آهي. مون چيو ملڻو آهي ته وٺي ٿو اچانس باقي هن جي لاءِ ڪو مسئلو آهي ته پوءِ مونکي ٻڌايو. معاملو ايترو وڏو آهي جو تون سوچي به ڪونه ٿو سگهين، ليڪن توهان وقتائتا اچي ويا آهيو، ان ڪري معاملو منهنجي هٿ ۾ آهي، وٺي اچينس آئون هن سان ملان پوءِ معاملو به حل ڪري ٿا وٺون، الائي ڇو مونکي خوف ٿيو جو هن چيو معاملو تمام وڏو آهي الائي وٺي اچانس پوءِ هن کي ڦاسائي نه وجهي. نثار صاحب ڪڏهن به منهنجي معاملي ۾ ايئن ڪيو ته ڪونه آهي، ليڪن ڪنهن مهل سندس پوليس آفيسر هجڻ به ڊيڄاري پيو ڇڏي، بهرحال مون همٿ ڪري وڃي ولي محمد شاهه کي چيو ته هل ته هلؤنس تو سان ملي معاملو ٺيڪ ٿي ويندو. چيائين هل، ڇو ته اڃا هن کي اهو محسوس ئي ڪونه پئي ٿيو ته ڇا معاملو آهي، سندس پيءُ ۽ ڀائرن سان به ڪونه لڳندي هئي، وڙهيل هيا، سو هن جي ليکي انهن جي شرارت هوندي. اسين وياسين نثار صاحب اندر پنهنجي بنگلي ۾ وٺي هليو، هن کي ڏسي چيائين ٻار آهي.