غلام حسين ابڙو-منهنجو ڀاءُ!
ادا غلام حسين، بابا جي هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هئو، ادا غلام حسين 1940ع ۾ ڄائو، ۽ 2006ع ۾ گهڻو سگريٽ ۽ ٻيڙي پيئڻ جي ڪري هن کي جگر جو ڪينسر ٿي پيو ۽ انتقال ڪري ويو. هن ڪيترائي ڪاروبار ڪيا، جنهن ۾ مڇيءَ جو واپار، سبزين جو واپار، ننڍن شهرن مان وٺي ملڪ جي وڏين منڊين ۾ موڪلڻ جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سر فهرست هئا. برف جو ڊيپو، پان-ٻيڙيءَ جي ڪيبن، گدرن ۽ هنداڻن جو دڪان، سيزن آهر انبن جو دڪان، هر وقت ڪم ۾ لڳل رهندو هئو، جيڪڏهن موقعو ملندو هوس ته والد صاحب سان سرنهن ۽ ڪڻڪ جو وڏي پئماني تي واپار به ڪيائين، شهر ۾ تمام گهڻا عشق به هن جا مشهور ٿيا، سندس دوستن ۾ غلام علي شاهه بخاري، عنايت الله سومرو، زوار ڪرم علي، سيد زين العابدين شاهه-جيڪو نيوي ۾ ڪئپٽن هو جيڪو برگيڊيئر رينڪ جي برابر آهي ٿي رٽائر ٿيو، جمال ميراڻي بينڪ آفيسر رهيو، آخر ۾ شهر جا ڪيترا ماڻهو وٽس ايندا ويندا هئا، جنهن ۾ علي محمد ملاح، لعل محمد ملاح، رحيم بخش رند، وغيره شامل رهيا، سندس چوڻ هوندو هئو ته پاڻ هن معاشري جو حصو آهيون، دوست وقت تي پرکبا آهن ۽ ان ئي وقت تي کين ڪم به اچڻو پوندو آهي، باقي تقريبن ماڻهو دوستيءَ جي نالي تي مفادن لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن، دوست ته 2 يا 4 ئي هوندا آهن پر اهڙي پرک لاءِ زندگي صرف ڪرڻي ٿي پوي، جڏهن توهان ڪنهن کي پرک لاءِ مڪمل ٿا سمجهو ته پوءِ زندگي باقي وڃي ٿورڙي بچندي آهي!
هن ٻه شاديون ڪيون هڪ خاندان جي صلاح سان اهي ٻگهيا هئا-(لوڙهائي) ۽ ٻي عشق جي-جيڪا 1977 ۾ ولي محمد شيخ جي ٻيو نمبر وڏي نياڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ ڪرنل جيڪو هاڻي رٽائرڊ آهي جي وڏي ڀيڻ سان، سندس ٻي شادي عشق جي شادي هئي، شهر ۾ ان وقت اسان لاءِ مشهور هو ته هي مڙس ماڻهو آهن، ان وقت قلندر لعل شهباز جي پراڻي علم واري پاسي لعل داس جي رهائش واري گهٽيءَ جي هيٺان پان ٻيڙيءَ جي ڪئبن هئس، ان وقت قلندر شهباز تي ايتري رش يا ٻاهرين ماڻهن جي آمد نه هوندي هئي، چئي سگهجي ٿو ته 2011 جي مقابلي ۾ 1976 ۾ اها اڄ جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو هوندي. قلندر تي شهر جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي، ان وقت ان شهر جون عورتون پاڻ کي چادرن ۽ برقعن ۾ ڍڪي منهن تي نقاب هڻي زيارت تي اينديون هيون، هونئن به هن شهر ۾ عورتن جو گهر کان نڪرڻ اهو وڏو بهانو آهي، قلندر جهڙي بزرگ لاءِ ڪير جهليندو به ڪونه هو! سو ايئن هن همراهه جي ايندڙ ويندڙ راهه ۾ رکيل ڪئبن تي اک ٽيٽ ٿي ويئي، سندن عشق شروع ٿي ويو، منهنجو ان وقت ۾ عبدالحميد شيخ سان تمام گهڻو تعلق ۽ دوستي هوندي هئي، عمر ۾ مونکان 4 يا 5 سال وڏو هوندو، پر اسان سان ته ننڍا ڇوڪرا يا هڪ جيترا دوستي ڪونه رکندا هئا، جو سندن مائٽ انهن لاءِ عذاب پيدا ڪندا هئا، جيڪو برداشت ڪندو هئو ته اهو دوست هوندو، نه ته، نه.
مونکي ڀاءُ جي عشق جي معاملي جي ڪابه خبر نه هجي، هڪ دفعو اوچتو اهو انڪشاف ٿيو، مونکي گهرايو ويو، ادا غلام حسين سان گڏ ٽيون نمبر ڀاءُ ڪريم بخش به هئو، مون چيو خير ته آهي ڪيئن گهرايو اٿو؟ چيائون ته توکي هڪ ڪم ڪرڻو آهي، مون چيو حڪم، تون عبدالحميد شيخ سان ڳالهاءِ ۽ سندن گهر ۾ ويٺل ڀيڻ جو رشتو گُهر. مون چيو ڪنهن لاءِ؟ ڪريم بخش وراڻيو ته ادا وڏي لاءِ پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ حميد منهنجو تمام گهرو دوست آهي، ان ڳالهه تي اسان جي دوستي به ختم ٿي سگهي ٿي ۽ ٻيو ته منهنجو اڪثر سندس گهر جي دروازي تي وڃڻ ٿيندو رهندو آهي، ڪٿي هو اهو نه سمجهي ته هن مون ۾ ئي لالچ رکي دوستي ته ڪونه رکي آهي؟ ڪريم بخش چيو ته معاملو تيار آهي ۽ هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا هڪ ٻئي ڏي خط به لکن ٿا، ۽ سندس ڀيڻ جو چوڻ آهي ته ادا محمد خان، ادا حميد جي تمام گهڻو ويجهو آهي، هن کي ته بلڪل جواب ڪونه ڏيندو! مون چيو جي ايئن آهي ته مان نه ٿو چئي سگهانس، ان لاءِ مونکي معافي ڏيو، گهڻو بحث مباحثو ٿيو، ڏاڍي ڪوشش ڪيائون ته آئون ان ڳالهه تي راضي ٿيان، پر مون انتهائي احتياط کان ڪم ورتو، مون سوچيو ته دوستي هڪ ڪچي ڌاڳي مثل آهي، ايترو ڀلو دوست آهي، منهنجي ان ڳالهه جي ڪري خبر نه آهي، ڇا سوچي! مونسان هن جو واسطو هميشه لاءِ ختم نه ٿي وڃي! اهو خيال ذهن ۾ رکي آئون ڪابه رسڪ کڻڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه هئس، هونئن به آئون هميشه ننڍي هوندي کان وٺي دوستن جي معاملي ۾ الاهي حساس ۽ سنجيده ۽ پيار ڪرڻ وارو رهيو آهيان، ڪٿي ڪٿي دوستن کي مائٽن کان به وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت ڏيندو آهيان، شايد اهو ئي سبب آهي، جو مونکي به عزيزن ۽ مائٽن کان وڌيڪ دوست ئي ڪم آيا آهن. منهنجي زندگيءَ جي سڀني ڪاميابين، ترقين، تعليم، سياست ۾ جيترو حصو دوستن جو آهي، ان جو مثال منهنجي مائٽن ۾ مون کي نٿو ملي، ڪٿي ڪٿي ڪنهن دوست زيادتي به ڪئي، تذليل به ڪئي هوندي، ڌڪاريو به هوندو، ڌوڪو به ڪيو هوندو، اندروني ويڙهه به ڪئي هوندي، ته به انکان وڌيڪ دوستن جون مهربانيون مٿين ڳالهين کي وسارڻ لاءِ مجبور ڪنديون رهنديون آهن.
ان رشتي لاءِ منهنجو عبدالحميد شيخ سان نه ڳالهائڻ وارو فيصلو اٽل هيو، آخري جواب کانپوءِ ٻنهي ڀائرن الاهي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ گاريون، لعنتون به وسايائون، پر مان اٽل ارادي سان اهو فيصلو ڪيو ته ڀائر وري به ٺهي ويندا جي دوست ويو ته ڪونه ٺهندو، مونکي ڪريم بخش چيو اسان جو معاملو تيار آهي، توکي اهو رشتو ڪري ڏيکارينداسين. مون چيو ته اهو بهتر آهي، اوهان پاڻ وڃي رشتو گهروس، پوءِ ڪريم بخش ويو ۽ عبدالحميد شيخ سان ڳالهايائين ۽ اهو رشتو طي ٿي ويو، پر ان ۾ هڪ معاملو رڪاوٽ نظر آيو ته اها ڇوڪري الاهي بخش ڀٽو جي نڪاح ۾ هجي. ادا غلام حسين اها ذميواري کنئي ته اوهان اصولي طرح ان رشتي لاءِ راضي ٿيو، باقي هيءُ ڪيترن سالن کان هڪ ٻئي سان ڪونه ٿا ڳالهائين، اهو معاملو آئون پاڻ حل ڪندس، پوءِ ادا غلام حسين ويو ۽ وڃي الاهي بخش ڀٽي کي طلاق لاءِ چيائين ۽ هن به نزاڪت کي سمجهي طلاق جا ڪاغذ صحيح ڪري ڏنا، ۽ عدت جو وقت ختم ٿيو ته هنن جو سادگيءَ سان نڪاح ٿي ويو، ۽ منهنجي دوست جي ڀيڻ منهنجي ڀاڄائي ٿي اچي اسان جي گهر ۾ پهتي ۽ هاڻي اسانجي گهر ۾ هڪ ٻي عورت جيڪا ڌاري هئي، اچي پهتي ۽ اسان جي خاندان جي بنياد مان ٻي سر سرڪي! دنيا ۾ اهي مثال تاريخ جو حصو آهن، ته عورت ۾ ايتري طاقت آهي ۽ جي اها زال آهي يا محبوبه ته پوءِ مرد سڀني رشتن کان وڌيڪ ان کي ئي پيو اهميت ڏيندو آهي ۽ سندس اشاري تي هلڻ لاءِ مجبور هوندو آهي، ايئن اهو سلسلو هلندو رهيو گهر ۾ مختلف ذاتين جون عورتون اچي ويون ۽ پنهنجي پنهنجي اهميت ۽ حيثيت وڌائڻ شروع ڪيائون، هاڻي اسان جي گهر ۾ 3 ڀائرن جون شاديون ٿي چڪيون، غلام حسين جون ٻه شاديون هڪ ٻگهين مان اهي امان جي خاندان جا هئا! ان ڪري انهن کي مائٽ چئي سگهجي ٿو، پر رت جو رشتو ڪنهن سان نه هئو!
ٻي شادي شيخن مان سيٺ ولي محمد جي ٻيو نمبر ڌيءُ سان، ادا غلام قادر جي شادي ابڙن مان، پر انهن سان تمام ويجهي رت جو رشتو ڪونه هئو، هئا ته ذات وارا پر معاملو اهو ئي رهيو ته پري جا عزيز جهڙوڪ ڌاريا، ٽئين نمبر ڀاءُ ڪريم بخش جي شادي سومرن مان اهي ڪرت جي حوالي سان واڍا به سڏبا هئا، هاڻي ڀائرن کي اولاد ٿيڻ به شروع ٿيو. ادا غلام حسين جي پهرين شادي مونکي ياد ڪونه آهي، شايد بي سمجهه هيس، باقي سڀ شاديون ياد آهن. ايئن اسان جي گهر ۾ عورتن جا پاڻ ۾ ٻارن تان جهيڙا شروع ٿي ويا، جيئن پنهنجي سماج ۾ اڪثر ٿيندو آهي. بابا جون به ٻه شاديون امان ۽ ان جي ٻي گهرواري ۾ به جهيڙن جو عروج رهيو، انهن هلندڙ جهيڙن ۾ وري ادا وڏي جون ٻه زالون-انهن جو به پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو، ايئن ٻار ٻچي تان، ٿوري گهڻي تان، ڪم ويو تيز ٿيندو. ان جو ننڍن ٻارن ڪيترو اثر ورتو ۽ ان جي ڪري پاڻ ۾ ڀائرن جي ٻڌي، محبت، پيار ۽ هڪ ٻئي تي قربان ٿيڻ جي جذبي ۾ ڪمي ايندي ويئي، ۽ هر ڪنهن جي محبت پنهنجي زالن ۽ اولاد لاءِ وقف ٿيندي ۽ وڌندي ويئي، ۽ رات جو زال جڏهن مڙس جا ڪن ڀريندي رهندي ته صبح جو انهن جي اکين ۾ خوفناڪ ۽ هيبتناڪ چهرو ۽ غصو ۽ ڪٿي ڪٿي نفرت نظر ايندي هئي، جيڪي شهر جا ماڻهو اسان جي نالي کان ڊڄندا هئا، هاڻي عورتن جي جهيڙن جو آواز سڀ کان پهرين محلي جي ماڻهن ۽ عورتن جي ڪنن تي پهتو، ۽ ايئن اها شيءِ نااتفاقي ۾ تبديل ٿي ويئي، هيڏانهن ڪجهه وقت تائين گهر جون عورتون مردن جي غير موجودگيءَ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهنديون ۽ گار گند ڪنديون هيون، ڪو مرد آيو ته چپ، انڪري ڪي سال ته ڀائر بي خبر رهيا، پر پوءِ قصو وڃي اتي پهتو ته مردن جي سامهون ڦڏا جهيڙا شروع ٿيا، ڪڏهن ڪڏهن عورتن تي هٿ به کڄي پوندو هو. ايترو هوندو هئو ته گهر ۾ ڪوبه مرد هوندو ته اهو ڪنهن به ڀاءُ جي زال يا ٻار کي مار ڏيندو هئو، ته ٻيو ڪير به ڪونه روڪيندو هئو، ان تي به هر عورت پنهنجي پنهنجي مڙسن جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا، پوءِ به اهو سلسلو ڪيترا سال هلندو رهيو. نيٺ عورتن جي لاءِ مڙسن کي به ڀائرن سان ڪنهن ڪنهن وقت احتجاج ڪرڻو پيو، پوءِ تون ڇا تون ڇا به ٿيڻ لڳي، پر پوءِ به انهن ڪمزورين ۽ اختلافن جي باوجود اڃا تائين اسين سڀ ڀائر پنهنجي پنهنجي اولاد سان گڏ هڪ ئي گهر ۾ جيڪو هاڻي محلي جي صورت ۾ آهي، گڏ آهيون، ڀلي ڀائرن عورتن جي چوڻ ۾ اچي هڪ ٻئي سان منهن ماري به ڪندا ۽ وڙهندا به هئا، زبان جي حد اندر، پاڻ ۾ ڪونه به ڳالهائيندا هئا، پر گڏ رهڻ کي سڀني ترجيح ڏني ته ڀلي عورتون پاڻ ۾ وڙهنديون رهن پر رهڻو گڏ آهي.
اسين به هن ئي معاشري جو حصو آهيون، هن معاشري ۾ جيڪو به ڪجهه ٿئي ٿو ان ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو يا ته ملوث آهن يا متاثر آهن. يا جيڪي چون ته اسين ته ههڙا باقي ٻيا هينئن ته اول اهي ئي وڃي جانچ ڪندا ته کين خبر پئجي ويندي ته حقيقي صورتحال ڇا آهي.