آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

عبدالحميد شيخ

ڪرنل ڊاڪٽر جيڪو هاڻ رٽائرڊ ٿي ويو آهي، هن جو مڪمل نالو عبدالحميد شيخ ولد ولي محمد شيخ آهي. سندس والد جو شاهي بازار سيوهڻ ۾ تمام وڏو سيڌي جو دڪان هو. هنن جو ڪٽنب چئن ڀائرن ۽ ستن ڀينرن تي مشتمل آهي. سندن دڪان کي گهڻو ڪري سندس والد سان گڏ سندن سڳو سئوٽ؛ گل حسن شيخ-جيڪو سندن وڏي ڀيڻ پرڻيل آهي، اهو سنڀاليندو هئو. حميد شيخ منهنجي ننڍپڻ جو دوست هئو. پاڻ انٽر پاس ڪيائين، ليڪن مارڪون گهٽ هيس. ان ڪري وري ٻئي سال امتحان ڏيئي وڃي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ M.B.B.S ۾ داخلا ورتائين. سيوهڻ ۾ جيستائين هئو اسان جي گپ شپ رهندي هئي. هيءُ عمر ۾ مون کان پنج سال وڏو هئو. مون سان مجبوري اها هئي ته مون جيترو يا مون کان ننڍو منهنجو دوست نه ٿي سگهندو هئو. جي اهڙي ڪنهن دوستي رکي ته سندس مائٽ ان لاءِ عذاب برپا ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ ڪجهه وڏي عمر جا دوست ملي ويندا هئا. هيءُ صاحب ڏاڍن ڏکن ۽ ڏولاون ۾ پڙهيو. دڪان سندس سئوٽ ۽ ننڍي ڀاءُ نياز حسين جي حوالي ٿيو. ليڪن حساب ڪتاب گل حسن شيخ جي حوالي هوندو هئو. جيڪو جهڙوڪر سڄي گهر جو رکوالو هئو. هن جي والد کي ٻه گهر هئا. هڪ ۾ هيءُ سڀ ڀائر ڀينر رهندا هئا. هڪ گهر سندس سئوٽ گل حسن ۽ وڏي ڀيڻ جي حوالي هوندو هئو. سندن والد ولي محمد، سيوهڻ شهر جو انتهائي معزز ۽ قابل احترام شخصيت جو مالڪ هوندو هئو. سيوهڻ جو خوشحال خاندان هوندو هئو. شهر جا اڪثر ماڻهو زميندار ۽ سيد، پير، فقير هن جي دڪان جي ڪري سندس قرضي هوندا هئا ۽ اوڌر تي پيا راشن گهرائيندا هئا. آخر ۾ ڪيترا ماڻهو هنن جا ڏوڪڙ کائي به ويا. هِنن جووالد صاحب تمام شفيق ماڻهو، گهٽ ڳالهائيندڙ، انتهائي خوبصورت صفا پٺاڻ پيو لڳندو هئو. نشي پتي جو شوقين هئو، جنهن ۾ شراب ۽ آفيم شامل آهي. ان ڪري اڪثر بيمار رهڻ لڳو ۽ ڪاروبار وڃي ٿيو سندن سئوٽ جي نالي، گل حسن کي شهر جا ماڻهو ادا گلو يا مذاق ۽ پيار ۾ گلو ڪتو ڪري چوندا هئا. ان ڪري جو سڄو ڏينهن پيو ڄاڙي هڻندو هئو. پوءِ ماڻهو به استاد جي سامهون ادا گلو پرپٺ گلو ڪتو سڏبو هئو.
عبدالحميد شيخ ميڊيڪل ۾ پڙهڻ ويو. حميد جي ننڍي هوندي ئي شادي ٿي، هو ان وقت اڃا مئٽرڪ ۾ هئو، ته سيوهڻ جي ڳوٺ جان محمد ڀٽيءَ جي ڀٽين سان هنن جي ڏي وٺ جي مائٽي ٿي. هن پنهنجون وڏيون ڀينرون ڀٽن کي ڏنيون. هڪ الله بخش ڀٽو جيڪو ريڊيو ٺاهڻ جو مستري هئو ان کي ۽ ٻئي نمبر ڀيڻ عنايت الله ڀٽي کي جيڪو M.S.C ڪيمسٽري پاس ڪري ليڪچرار ٿيو هئو. پوءِ جلد سنڌ لوڪل گورنمينٽ جو ان وقت ڪو-ائڊمنسٽريٽو ڪورس هئو امتحان ڏيئي پاس ڪيائين ۽ لوڪل گورنمينٽ ۾ ملازمت ڪيائين. پوءِ هو ان ۾ وڏو آفيسر ٿي ويو، ان کي ڏنائون. ان جي عيوض ۾ سندن وڏي ڀاءُ جي ڌيءُ جو رشتو عبدالحميد کي مليو. ليڪن قسمت جي ڳالهه آهي سندن وڏي ڀيڻ ۽ الله بخش پاڻ ۾ نه ٺهي سگهيا ان جو سبب اهو به هئو ته هي ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ خوشحال هئا. ڀٽا غريب هئا. صرف عنايت الله ڪنهن سٺي نوڪريءَ ۾ وڃي لڳو. باقي الله بخش سڄو ڏينهن گهران ڪونه نڪرندو هئو. ريڊين جو مستري ته وڏو هئو ليڪن ريڊيو به جيڪو گهر اچي ڏيئي وڃيس اهو ٺاهيندو هو.ائين چئجي ته هن جي ڪابه سوشل زندگي ڪونه هوندي هئي. سبب به ڪهڙا هئا پر خبر اها پئي ته اهي پاڻ ۾ ڪو نه ٺهيا ۽ هنن ۾ علحدگي ٿي ويئي. هڪ ڇوڪري نه ٺهي ته هي واپس گهر اچي ويهي رهي. نتيجي ۾ حميد شيخ جي زال به سندس پيڪا پنهنجي گهر وٺي ويا. جيئن پاڻ وٽ اڪثر بدلي جي رشتن ۾ ٿيندو آهي ان ڪاوڙ کي رهندو هٿي ڏيڻ جو رهيل ڪم ادا گلوءَ ڪيو. حميد کي ان زال مان هڪ پٽ عبدالرشيد ٿيو اهو به ننڍو هئو ۽ ماءُ سان هليو ويو. باقي هنن ٻنهي ڀينرن کي اولاد ڪونه هئو. اهو علحدگي جو وقت ڪجهه سالن تائين هلندو رهيو. آخر عنايت الله ڀٽي ڪوٽڙيءَ مان وڃي ٻي شادي ڪئي. ليڪن هن يا سندس ڀاءُ طلاق ڪونه ڏني هئي. عنايت الله جي شاديءَ کان پوءِ عبدالحميد تي به زور پيو ته تون به ٻي شادي ڪري ڇڏ. ان ۾ به ادا گلو اڳڀرو هجي. ليڪن عبدالحميد جو چوڻ هو ته اختلاف اديءَ ۽ ان جي مڙس جا ٿيا منهنجا ۽ منهنجي زال جا ته ڪونه هيا اسان جي ته Understanding قائم ٿي ويئي هئي، هڪ پٽ به آهي. علحدگي اوهان جي ضد جي ڪري ٿي آهي. هڪ جوڙي جي سزا ٻيو جوڙو ڇو ڀوڳي؟ آخر ننڍي ڀيڻ جي مڙس ٻي شادي ڪئي، ان جي زندگي ته تباهه ٿي وئي هاڻي اوهان مون کي پيا چئو. آءٌ هرگز ايئن ڪونه ڪندس. نه ٻي شادي ڪندس نه طلاق ڏيندس! منهنجي زال يا منهنجي پٽ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جو آءٌ اوهان جي ضد ۽ ڪاوڙ ۽ انا جي سزا انهن کي ڏيان! ايئن سيٺ ولي محمد ٻنهي نياڻين جي علحدگي واري معاملي ۾ پريشان رهڻ لڳو. ۽ وڃي بيماريءَ جي بستري تي پيو. هوڏانهن ادا گلوءَ جي ڳالهه نه ٻڌڻ، نه مڃڻ جي ڪري هن حميد ۽ سندن ڀينرن تي خرچ پکي جي سختي ڪئي. ڪاليج جو خرچ مٿان وري ميڊيڪل ڪاليج جي پڙهائي ڪيئن ڪجي؟! هن ڪوشش ڪئي ته هيءُ پڙهائي ڇڏي در بدر ٿئي ته خبر پويس!ليڪن عبدالحميد شيخ مون کي هميشه پنهنجي ارادن ۾ اٽل ۽ مضبوط نظر ايندو هئو. سائين جي ايم سيد جو پيروڪار، ڪتاب پڙهڻ ۽ تاريخ جي مطالعي جو شوق هوندو هئس. ڪافي ادب پسند ماڻهو هيو، اڃا به پيو ڪتاب پڙهندو آهي. صرف جي ايم سيد جو شخصي حد تائين پيروڪار هئو. باقي جيئي سنڌ يا سياسي طرح ڪنهن سان ڪونه هوندو هئو. هو سنڌ جي آزاديءَ جي فڪر جو ديوانو آهي. سو پڙهيل لکيل هجڻ جي ڪري پنهنجي فيصلي تي مضبوطيءَ سان بيٺو هوندو هئو. پوءِ هن جي وڏي ڀيڻ جيڪا الله بخش ڀٽي جي زال هئي، اها مشين جي ڪاريگرياڻي هوندي هئي. اها عمر ۾ به کانئس وڏي هئي. اها هن کي مشين مان جيترا پئسا ملندا هئس انهن مان ڪجهه بچائي پنجن سالن تائين پنهنجي ڀاءُ کي ڏيئي پڙهايائين. ۽ هو پڙهي ڊاڪٽر ٿيو. پڙهائي دوران زال ۽ پٽ کي ياد ڪري روئي ويهندو هئو. نيٺ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ملڻ کان اڳ ئي هنن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ته وڏي ڀيڻ الله بخش ڏانهن ڪونه ٿي وڃڻ چاهي ته اها ڪونه ويندي. باقي ننڍي ڀيڻ باوجود عنايت الله جي ٻي شاديءَ جي پنهنجي مڙس ڏانهن ويندي ۽ عبدالحميد جي زال به عبدالحميد وٽ اچڻ پئي چاهيو سو اهي ٻئي جوڙا هڪ ٻئي سان ملي ويا. باقي وڏي ويٺي رهي. اهو به ان ڪري ٿيو جو ادا گلو هاڻي خرچ پکي ۾ هنن کي ڪافي تڪليفون ڏيندو هئو. بنيادي طرح هيءُ نوڪر هئو. جيڪو مالڪ ٿي ويو ۽ مالڪ وري نوڪر جا محتاج! سو ان ڪري ننڍي ڀيڻ وڃي مڙس وٽ رهي. باقي وڏي ڀيڻ، سلائيءَ جو پورهيو ڪري گهر جو ۽ عبدالحميد جي پڙهائيءَ جو خرچ هلائيندي هئي. ڪجهه ادا گلو سيڌو سامان موڪليندو هئن ليڪن ايڏو رعب ۽ دهشت هوندي هئس، جو هي سڀ ڀائر ۽ ڀينرون هن کان پيا ڊڄندا هئا.
اڳتي هلي اها هنن جي وڏي ڀيڻ منهنجي ڀاڄائي ٿي جيڪا اڄ به منهنجي ڀاڄائي آهي ۽ سندن چوٿين نمبر واري ڀيڻ سان منهنجو نڪاح ٿيو. ليڪن اهو تمام وڏو موضوع آهي. اڳتي تفصيل سان بيان ڪندس. ته هي ٻئي رشتا ڪيئن ۽ ڇالاءِ ٿيا؟ ان جي وڏي ڪهاڻي آهي. مان ان موضوع تي پهچندس ته ذڪر ڪندس.
*