پورهيت سنگت جي چونڊن جو احوال
آريسر جي ورنديءَ کانپوءِ مون چيو ته؛ اوهان اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين مون کي مقرر ڪيو-آءٌ پاڻ ٿو ان معاملي کي منهن ڏيان! آريسر صاحب چيو پر سائينءَ اگر ڪو حڪم ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟! مون چيو؛ اوهان پنهنجو ڪم ڪيو باقي مون تي ڇڏيو آئون اوهان کي بهرحال اليڪشن ڪرائي ڏيندس، سليڪشن ٿيڻ نه ڏبي. هڪ ڳالهه ته آريسر صاحب مون کي پسند ڪونه ڪندو هئو بلڪه تقريبن ليڊر مون کي پسند ڪونه ڪندا هئا-جو مان کڙا تڙا ۽ ڏکيا سوال ڪندو هئس ۽ سڌيون ٻڌائڻ جو عادي هئس! سنڌ جي محبت ۾ ايترو ته جذباتي هئس جو منهنجي سوچ مطابق جي سائين به ڪو غير آئيني حڪم ڏيئي ته ڪونه مڃيندس! پوءِ ڀلي منهنجي پوزيشن ڪهڙي به بيهي. اسان جهڙن ڪارڪنن جي ڪٿي به اهميت ڪونه هوندي آهي. ليڪن پنهنجي ضمير مطابق غلط ڪم کي ڏسي خاموش ڪونه ويهبو هئو. بهرحال اها آريسر صاحب کي خبر هئي ته محمد خان ابڙو پنهنجيءَ تي ايندو ته ڪنهن جي ٻڌندو به ڪونه. جو هڪ دفعو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بس جي اغوا جو معاملو ٿيو آءٌ به مرڪزي نائب صدر هجان. سائين جي ايم سيد، محاذ جي سپريم ڪائونسل جا ميمبر يونيورسٽيءَ موڪليا، هڪ علڻ ٿيٻو-جيڪو ان وقت اسان جي مرڪزي صدر رسول بخش ٿيٻو جو ويجهو عزيز ۽ وڏو هجي، ٻيو؛ الهبچايو مرڻاس. اسان جي مرڪزي باڊيءَ جو اجلاس غلام شبير لاکي جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ 68 نمبر روم ۾ هليو پئي ته هي ٻئي ڄڻا اندر آيا. سڀني سان مليا. اجلاس وري شروع ٿيو، مون اعتراض ڪيو ته هيءُ اسان جي اجلاس ۾ نٿا ويهي سگهن ان وقت مان فيڊريشن جو نائب صدر هئس مون چيو ته هنن کي ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ وهاريو، ان تي مرڪزي ڪاميٽيءَ جا سڀ ليڊر پريشان ٿي ويا ۽ چيائون هيءُ محاذ جي سپريم ڪاميٽيءَ جا ميمبر آهن مون چيو ته اسان هنن جي تنظيم جو ذيلي ادارو آهيون ليڪن پنهنجي اداري ۾ بنا اڳواٽ اجازت يا خاص رڪيسٽ جي ڪنهن کي به نٿا ويهاري سگهون، اتي علڻ ٿيٻو ته خاموش رهيو ۽ چڙيو به ڪونه پر الهه بچايو مرڻاس ڀڙڪي پيو، چي؛ اسان کي سائينءَ موڪليو آهي بس جي اغوا جي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ۽ اسين سپريم ڪائونسل جا ميمبر آهيون ڪنهن جو پيءُ به اسان کي هتان نٿو ڪڍي سگهي اسين اجلاس ۾ ويهنداسين! اعتراض مون کي هئو، سو هن جو ”پيءُ“ جو لفظ ڪڍڻ ۽ هيڏانهن مان اٿيس هن تي الر ڪيم هيءُ به اٿيو ۽ پنهنجي جوتي ۾ هٿ وڌائين ايستائين وڃي پهتوسانس پر ٻيا سڀ وچ ۾ پيا معاملو ٿڌو ٿيو! علڻ ٿيٻو اٿي ٻاهر هليو ويو ۽ پوءِ مرڻاس به هليو ويو ۽ وڃي ڀر واري ڪمري ۾ ويٺا. اجلاس شروع ٿيو سڀني مون کي تنقيد جو نشانو بنايو مان پنهنجي مؤقف تي قائم رهيس ۽ پوءِ اجلاس جلدي ختم ڪري وڏا ليڊر جهٽ ۾ رسول بخش ٿيٻو (صدر) ۽ گل محمد جکراڻي (جنرل سيڪريٽري) پنهنجا عهدا بچائڻ لاءِ وڃي سپريم ڪائونسل جي ٻن ميمبرن وٽ پيش پيا ۽ الائي ڪهڙيون معافيون ورتائون. آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويس.