آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

تعليم جو شوق جاڳڻ

رهائش گاهه تي پهچڻ لاءِ پهاڙي ٽڪري چڙهڻ وقت سائيڪل هٿن ۾ هوندي هئي جو هلائيندي چاڙهي چڙهي ڪانه سگهبي هئي. سائيڪل کي هٿ سان هلائي کڻي وڃڻو پوندو هئو. گهر اچڻ شرط منهنجي اها ڊيوٽي هوندي هئي ته گهر جي صفائي ۽ شام جو ماني پچايان. اسان جي هڪ پاسي مهاجرن جو ۽ ٻئي پاسي سنڌين جو گهر هوندو هئو. اهي سنڌي، ذات جا قبوليا هوندا هئا. اهو همراهه ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو سپرنٽنڊنٽ هئو. وري سامهون مهاجر هوندا هئا. ايئن باقي جيڪڏهن ڪو وقت بچندو هئو، ته ڪاليج ۾ پڙهندڙ سيوهڻ جي دوستن سان وقت گذرندو هئو. اهي سڀ جا سڀ خوشحال گهراڻي جا ڇوڪرا هئا! بشير اوٺو جي والد کي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دڪان، امام الدين اوٺي جي ڀاءُ جو شاهي بازار ۾ وڏو جوتن جو دڪان، نذير احمد سومرو جي والد کي ڪرياني جو دڪان ۽ ڪجهه ٽڪرا زمين جا، قاضي فاروق صديقيءَ جي والد صاحب جو وڏو ”مفيد عام“ دواخانو هوندو هئو. محمد خان سومرو جي والد کي شاهي بازار ۾ وڏو منيارڪو دڪان جنهن کي هاڻي جنرل اسٽور ٿا چئون، هوندو هئو. باقي انهن شهزادن ۽ پڙهيل لکيل دوستن جي صحبت ۾ مان اڻ پڙهيل ۽ مزدور ڪنهن مهل ڪپڙا به اهڙا ميرا ۽ ڦاٽل هوندا هئا جو سڀ پيا ٽوڪيندا هئا، ليڪن ڇاڪجي هر ماڻهو پنهنجي حيثيت ۾ هلندو آهي، مان شام جو گهر جا سمورا ڪم لاهي سائيڪل کڻي انهن دوستن وٽ ويندو هئس. هيءُ سڀ مارڪيٽ جي پوئين پاسي لياقت ڪالونيءَ ۾ رهندا هئا. اتي هڪ جاءِ ۾ جنهن ۾ ٻه ڪمرا هوندا هئا انهن ۾ رهندا هئا. آهستي آهستي مون اهو سوچڻ شروع ڪيو ته ڇو نه هنن دوستن وانگر مان پڙهائي ڪيان ان شوق جو مون جڏهن دوستن سان اظهار ڪيو ته سڀ کلڻ ۽ ٽوڪڻ لڳا سواءِ هڪ جي!- اهو هئو قاضي فاروق صاحب! اهو دوستن جي چٿرن وقت خاموش رهندو هئو. تمام عزت واري وڏي فيمليءَ جو ڇوڪرو هئو. سندس پرورش ۾ اهي شيون هيون جو هو ڀوڳ چرچي مسخريءَ کان بي نياز پنهنجي پڙهائي ۾ مشغول رهندو هو ۽ جڏهن به ڳالهائيندو هئو فهميدو ۽ اخلاق ڀريل لفظن ۾ ڳالهائيندو هو ۽ شڪل صورت ۾ به خوبصورت هوندو هئو ۽ ايترا ئي بلند سندس اخلاق هوندا هئا. مان هوندو ته انهن سڀني ۾ بشير اوٺي جو دوست هئس، ليڪن آهستي آهستي سڀ گهاٽا دوست ٿي ويا. پوءِ وري قاضي صاحب منهنجو تمام گهڻو خيال ڪرڻ لڳو پاڻ ڪڏهن به ان ڳالهه جو احساس ئي ڪونه ڏياريندا هئا ته آئون ڪو غريب ۽ مزدور يا هنن کان ڪو گهٽ ماڻهو آهيان. هن جي مون سان الاهي گهرائپ ٿي ويئي سو هڪ دفعي چيائين جي توکي شوق آهي ته آءٌ توکي وقت ڏيندس. مون کي پڙهڻ جو شوق ته ننڍي هوندي کان هئو، ليڪن حالتن جي ڪري سنڌي پنج درجا پاس ڪري اڳتي نه پڙهي سگهيس. منهنجن انهن دوستن 1972ع ۾ مسلم ڪاليج ۽ ڪنهن ٻئي ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي آءٌ هنن وٽ پيو ايندو هئس جيستائين مون کي مل ۾ نوڪري ملي.