آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

قربان ڪلهوڙو

هيءُ انٽر جو شاگرد هئو. سندس ڳوٺ آراضيءَ ۾ هيو. سندن واسطو ۽ تعلق سائين ڪوڙل شاهه آراضيءَ واري سان گهڻو هئو. سندس هڪ ڀاءُ حڪمت جو ڪم ڪندو هئو. مون سان هن جي ڪاليج جي زماني ۾ ئي واقفيت ٿي. ليڪن هن سان تعلق وڌي ويو. هي والي بال راند جو به شوقين هيو. مون هن کي چيو ته جيئي سنڌ فيڊريشن جي پليٽ فارم تان توکي صدر لاءِ اليڪشن ۾ بيهاريان ٿو، ڪم مان ڪندس تون رڳو همٿ ڪري بيٺو رهجان. چيائين حڪم کپي. هن فارم ڀرايو. اسين سپاف طرفان اشرف پنجابي (جيڪو پڻ آراضيءَ جي پاسي) جو هجي ابن ڏاڏن کان سنڌ جو هٽلر هجي ان سان مقابلو هئو. قربان ڪلهوڙِي فارم ته ڀريو ليڪن سيد حاجن شاهه لڪياريءَ جڏهن ڏٺو ته نائب صدر هٿ کڻي ويو-ڄڻ هنن کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي. جي هيءُ به هٿ کڻي وڃي ته ابڙو، فيڊريشن سميت تباهه ٿي ويندو. سو هن همراهه تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائون. هن انڪار ڪيو ته حاجن شاهه سڌو سنئون وڃي ڪوڙل شاهه کي چيو ته ڪلهوڙا توهان جي چوڻ ۾ آهن. ابڙن جو دماغ خراب آهي، اوهان جي جاءِ تي به هي ماڻهو قبضو ڪيو ويٺا آهن. اوهان قربان ڪلهوڙي کي چئوس ته هٿ کڻي. ان وقت ڪوڙل شاهه ۽ سندن خاندان پ پ جي خلاف هجي. سندس همدردي جيئي سنڌ فيڊريشن سان هجي. ان ڪري جو جي ايم سيد سان تمام ويجها تعلقات هئن ۽ پ پ هنن کي پنهنجي دؤر ۾ تڪليفون به ڏنيون هيون. ليڪن انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ٿورو گهڻو حاجن شاهه کي ميارون ۽ مهڻا ڏيڻ کان پوءِ نيٺ سيد، سيدن جا سو پاڻ ۾ گڏجي پيا. ۽ پوءِ هنن قربان ڪلهوڙي جي ڀائرن ۽ والد کي گهرايو. سيوهڻ تعلقي جا ٻئي سيد اچي هنن جي عزيزن کي لڳا. ڪنهن مهل پيار ته ڪنهن مهل اڙي ۽ دٻاءُ! هنن چيو ته حاضر سائين اسان کي وقت ڏيو. ته ڇوڪري سان ڳالهايون حاجن شاهه ۽ ڪوڙل شاهه چيو وقت ڪونه آهي.سڀاڻي هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ آهي. هن کي وٺي اچو ته حاجن شاهه صاحب سان سيوهڻ وڃي ۽ صبح جو هٿ کڻڻ جي درخواست ڏيئي ڇڏي. نيٺ ڪوڙل شاهه جي دٻاءَ تي قربان ڪلهوڙي کي به گهرايو ويو. هن انڪار ڪيو. هنن جي مائٽن کي ڌمڪيون ۽ دڙڪا مليا. هن چيو ته مان تنظيم کي اوچتو ڌوکو ڪيئن ڏيان؟ ۽ اها به جيئي سنڌ جي تنظيم!سڀاڻي هو به اسان کي اوهان کان وڌيڪ نقصان ڏيئي سگهن ٿا. محمد خان ابڙي کي ڪيئن منهن ڏيندس؟ ڪوڙل شاهه چيو؛ جيئي سنڌ ۾ منهنجو اثر محمد خان ابڙي کان وڌيڪ آهي. انهن جي تون پرواه نه ڪر. حاجن شاهه چيو ته محمد خان ابڙي کي آءٌ پاڻيهي منهن ڏيندس. قربان ڪلهوڙي چين ته پوءِ ان هڪڙي کي هٿ کڻايو ٻيا سڀ هن جي ڪري پيا اليڪشن وڙهن. انهن مان ڪنهن جو به جيئي سنڌ سان تعلق نه آهي. اوهان پوءِ هن کي ڇو نٿا منهن ڏيو هاڻي هٿ کڻايوس. چيائين آءٌ هنن کي منٿ ڪونه ڪندس. هن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندس ۽ پوءِ ڏسان ته اسان جي شهر ۾ ڪيئن ٿا رهن! قربان، کلي چيو ته سائين اوهان جي مرضي جو قربان کي مون ٻڌايو ته هيءُ اسان وٽ به آيو هئو. منهنجو هڪ ڀاءُ محمد اسحاق ابڙو هن جو دوست رهيو آهي، ان کي چيائين ته مان شام جو ايندس. تون محمد خان ابڙي سان ملائجان ۽ چئجانس ته هٿ کڻي وڃي. محمد اسحاق چيس؛ مشڪل آهي هو اسان مان ڪنهن جي به نه مڃيندو. باقي توهان ڀلي اچو منٿ ڪنداسين. پوءِ حاجن شاهه پنهنجي ننڍي ڀاءُ الله بخش شاهه سان گڏجي رات جي وقت آيو. چيائين مان اهلبيت آهيان، ان ڪري هيءُ ننڍو ڀاءُ جيڪو معصوم آهي اوهان ڏانهن ميڙ ڪري وٺي آيو آهيان. تون جيئي سنڌ به ڇڏ ۽ اليڪشن ۾ نه اچ، تون مون وٽ اچ توکي ڪو به يونين جو عهدو گهرجي آئون ٿو ڏيان. مون هن کي سخت لفظن ۾ جواب ڏنو ۽ ڀائرن جي سامهون چيو ته جي اوهان هڪ دفعو به مون کي چيو ته آئون گهر ڇڏي هليو ويندس. ايئن آئون گهر هليو ويس. بابا کي سڄي ڳالهه ٻڌايم. چيائين ته ڪهڙو ڀاءُ ٿو چوي ته هٿ کڻ؟ مون چيو اڃا ڪنهن چيو ته ڪونه آهي ليڪن محمد اسحاق کي حاجن شاهه جو لاچار آهي. چيائين هاڻي مڙس ماڻهو ٿي پنهنجي فيصلي تي بيٺو رهه. نفعو نقصان نصيب جي ڳالهه آهي .مڙس ٿي مقابلو ڪر. جي ڪري پئين ته به خير آهي. اها ڳالهه مون پنهنجن سڀني دوستن کي ٻڌائي ۽ ان ۾ قربان به موجود هئو. سو نيٺ سڀني اچي قربان کي ورايو خاص طور آراضيءَ جي رهواسيءَ جي حيثيت سان ڪوڙل شاهه کي جواب ڪونه پيا ڏيئي سگهن. سو قربان صفا سوڙهو ٿي ويو. پر هن چيس ته ڀلي جيل ۾ وجهايو يا آراضيءَ مان ڪڍو مان هٿ ڪونه کڻندس. باقي ايترو ڪري سگهان ٿو ته اڄ کان پوءِ نه مان ڪاليج ويندس، نه هنن سان گڏ ورڪ ڪندس،. نه هنن مان ڪنهن سان ملندس، ايتري قدر جو محمد خان ابڙي سان به ڪونه ملندس! اليڪشن ۾ اڃا 20 ڏينهن پيا آهن. مان اسڪرين تان آئوٽ هوندس. نائب صدر هٿ کڻي ويو ۽ مان گم ٿي ويندس اهڙي ريت اوهانجو ڪم آسان ٿي پوندو. باقي جي هٿ کڻندس ته هو به مون کي نقصان پهچائيندو. سڀ قربان جي ان تجويز تي متفق ٿيا ۽ ان جي ضمانت ڪوڙل شاهه کنئي. اها سڄي خبر حاجن شاهه سان گڏ آيل هڪ ڪاليج جي شاگرد ٻڌائي. ۽ ان وقت قسم ورتائين ته زندگيءَ ڀر منهنجو نالو نه کڻجان. مان اڄ به ان زبان تي قائم رهندي سندس نالو نٿو لکان. مون چيو ته قربان ڪلهوڙو ايئن ڪونه ڪندو، ليڪن واقعي اها ڳالهه ڪاليج ۾ عام ٿي ويئي ته نائب صدر هٿ کڻي ويو ۽ صدر ڀڄي ويو، ڪاليج ڪونه ٿو اچي. باقي محمد خان ابڙو، جيڪو جنرل سيڪريٽريءَ جي لاءِ پاڻ انهن واقعن جي ڪري اچي ڦهڪو ڪندو. منهنجي پينل جي دوستن ۾ مايوسي ٿي. مون چيو ته؛ ”همت نه هاريو هر ماڻهونءَ سان مجبوريون آهن اوهان به جي ڊڄو ٿا ته جنهن کي وڃڻو آهي وڃي باقي آئون اڪيلو مقابلو ڪندس ايئن هار نه مڃيندس.“ ان ۾ مون کان وڌيڪ منهنجي تنظيم جي رسوائي ٿيندي. مون کي ڀلي ماري ڇڏين،مان وڙهندس ۽ مقابلو ڪندس.پوءِ باقي دوستن ساٿ ڏنو. باقي قربان ڪلهوڙي لاءِ مون ايتري پلاننگ ڪئي ته هن کي ڪيئن به ڪري اليڪشن واري رات وٺي ايندس ۽ صبح جو ڪئمپ ۾ ويهاريندس ۽ مون سڀني ووٽرن کي اهو پئي چيو ته هو بيمار آهي، چاڪ ٿيندو ته اچي ويندو. پوءِ اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ شاگردن کان سواءِ پنهنجاچار ذاتي دوست وٺي، حاجن شاهه سبزواريءَ (جيڪو منهنجي، رڳو ان ڪري پيو حمايت ڪندو هئو جو ٻنهي سيد گهراڻن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هوندي هئي اها به دشمنيءَ جي حد تائين) جو ٻئي قلندر جي گادي نشينيءَ جي اختلافن ڪري هڪٻئي جا ويري ٿي پيا هئا. ان ڪري حب علي نه صحيح بغض معاويه ۾ هو منهنجي سپورٽ ڪندا هئا. سو مان انهن کي چيو سڀاڻي اليڪشن آهي. اڄ کان مون کي جيپ گهرجي، چيائين ته کڻي وڃ ! هڪ ماڻهو به ڏيو. هنن هڪ ماڻهو ٻه نالي بندوق سان منهنجي حفاظت لاءِ ڏنو. مان جيپ کڻي تيل ڀرائي انهن چئن دوستن کي چيم ته شام جو چئين وڳي ڪنهن ڪم سان هلڻو آهي. اسان وٽ ٻه پستول به هيا ليڪن مون وٽ نه. مان زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هٿيار پاڻ سان کڻي ڪيڏانهن وڃان پيو. ذهن ۾ سخت پريشاني هئي ته ماڻهو ايئن به ڪن ٿا، جو سڄو اليڪشن جو وايو منڊل ڇڏي وڃي گهر ويهي رهيو آهي. هن ته وڏي زيادتي ڪئي آهي. سو اڄ آراضيءَ ۾ هن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻي آهي. يا وٺي ايندوسانس، جي جواب ڏنائين ته گولي هڻندوسانس. مون ان کان اڳ ۾ هن جي جانچ ڪرائي ته هي ڪٿي آهي؟ ڪٿي ڪوڙل شاهه جي اوطاق تي بند ته ڪونه آهي؟ يا حاجن شاهه لڪياريءَ جي حوالي ته ڪونه آهي؟ ڇو ته 18 ڏينهن اليڪشن مهم مون اڪيلي سر هلائي. هن کي کنگهيم به ڪونه. جو خبر هئي ته جي هاڻي ڪجهه چوندس ته شاهه صاحب اثر رسوخ وارا ماڻهو آهن وري هن کان هٿ نه کڻائي ڇڏين يا سپاف ۾ اعلان نه ڪرائي ڇڏين. پوءِ ته ڪجهه به نه رهندو. ان ڪري مون هن سان ان سڄي اليڪشن جي مهم دوران رابطو ڪو نه ڪيو. مان هر ڳوٺ ۾، جن جا شاگرد ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. انهن سان فرداً فرداً سندن ڳوٺن ۾ ملندو هئس .انهن جي والدين سان به ڪچهريون ڪندو هئس .۽ چوندو هئس ته هنن وڏيرن ۽ پيرن مان جان ڇڏايو. مون کي مضبوط ڪريو. ووٽ مون کي ڏيو، ۽ منهنجي پينل کي به! سڀ علائقي جا شاگرد ۽ انهن جا وڏا انهيءَ وقت سيدن کان ڊڄندا هئا. هڪ ته وڏيرو گل محمد شاهه جو پٽ ٻيو حڪومت به هنن جي. هو سپاف ضلعي دادوءَ جو صدر هو. هونئن به پوليس ۽ روينيو هنن جي اشاري تي هلندي هئي. سو اثر رسوخ جي ڪري ماڻهو خوف کائيندا هئا. ليڪن شاگردن جي مون سان محبت ۽ همدردي هوندي هئي. چوندا هئا ته تون پرواهه نه ڪر، واعدو آهي ووٽ تنهنجو باقي سِر سيد جو آهي. ان وقت اهو نعرو هوندو هئو ته:
”سِر سيد جو ووٽ ڀٽي جو.“

پوءِ هتي وري ان جي ابتڙ نعرو لڳو؛
”سر سيد جو ووٽ ابڙي جو.“