آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

تعليمِ بالغان اسڪول ۾ داخلا

اهو سلسلو ڪجهه مهينا (شايد 3 مهينا) هليو ته مون کي خبر پئي ته ڪچي قلعي جي ڀرسان مڪي شاهه روڊ تي هڪ تعليم بالغان اسڪول کليو آهي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ تعليم بالغان شروع ڪئي ويئي. خاص طور سنڌ ۾ سندس دور حڪومت ۾ تعليم جي شرح گهٽ هئي. ان کي وڌائڻ لاءِ تعليم جا جيڪي پروگرام ٺاهيائون ان ۾ هڪ پروگرام اهو به هئو ته شام جي وقت شهرن جي پسگردائي وارن علائقن ۾ اسڪول کوليا وڃن.اهڙي ريت ٻهراڙين ۾ به اسڪول کليا. سو اسان جي ان علائقي ۾ جيڪو اسڪول کليو اهو مڪي شاهه روڊ تي هڪ وڏو دڪان ڪرائي تي وٺي کوليو ويو هئو. ان ۾ استاد جي اها ذميواري هوندي هئي ته گهٽ ۾ گهٽ 25 شاگرد هٿ ڪري. ان لاءِ به استاد ئي انهن ماڻهن کي ان لاءِ قائل ڪندو هو. سو هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڀاءُ ڪريم بخش جي دوست علي نواز بلوچ سان گڏ ويس. ۽ استاد سان ملاقات ٿي سندس نالو اڄ به مون کي ياد آهي استاد محترم ارشاد پٺاڻ صاحب! سنڌي پٺاڻ هئو. قد جو ڊگهو، عمر لڳ ڀڳ پنجاهه سال، خوبصورت، همٿ وارو، قوم جو درد رکندڙ ۽ ان جذبي سان سرشار ته جي مان ان پروگرام ۾ هڪ ماڻهوءَ کي به تعليم سان مالامال ڪيان ته منهنجي لاءِ اها وڏي حاصلات آهي. پاڻ ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هئو. جيڪو ان وقت ”ڪاپيسٽ“ جي پوسٽ تي ڪم ڪندو هيو. مطلب ته ليکڪ ڊرامن جا مسودا لکندا هئا ۽ هي وري انهن کي فيئر ڪندو ويندو هيو. مون کي خوش آمديد ڪري ڪاغذ تي صحيح ورتائين. پوءِ چيائين ته هي ڪتاب به وٺي اچ، ڪجهه مون وٽ هئا ڪجهه ٻيا ورتم. ان وقت سندس اسڪول ۾ اٽڪل 15 کان 20 بالغان هئا. پر هئا سڀ مڪراني بلوچ! داخلا ته ورتائون ليڪن ايندا گهٽ هئا ان لاءِ به استاد پيو نياپا ۽ منٿون ڪندو هئن. ليڪن وڏي عمر ۾ پڙهڻ به هڪ مسئلو هوندو آهي. سو نيٺ آهستي آهستي اتان جي شاگردن جي حاضري گهٽجندي ويئي. استاد ارشاد پٺاڻ ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ استاد جي وڏي ڪوشش کان پوءِ به مڪراني بلوچ دوستن کي نه پڙهڻو هئو، سو ڪونه پڙهيا. ايئن چند مهينن ۾ پاليسيءَ تحت تعليم بالغان جو اهو اسڪول، سرڪار بند ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيو. هن ٻڌايو ته شاگردن جي نه اچڻ جي ڪري اسڪول ته ٿيو بند مون کي وري چيو اٿن ته جي ڪنهن ٻئي هنڌ اسڪول لاءِ شاگردن جو انتظام ڪرين ته اتي توکي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين. سرڪار جيڪو اسڪول لاءِ دڪان ڪرائي تي ورتو هئو، ان جي هڪ سال جي مسواڙ ڏنل هئي. سو هن چيو ته اسڪول ته آهي وڌ ۾ وڌ منهنجي پارٽ ٽائيم ڊيوٽيءَ جي پگهار نه ملندي. ٻيو ته ڪير پڙهڻ لاءِ تيار ڪونه آهي ليڪن تنهنجو شوق ڏسي مون کي لڳي ٿو ته تون ضرور هن تعليم بالغان مان پڙهي ڪنهن منزل تي پڄندين. ڇو ته جيئن ئي هن اهو سرڪاري خط ڏيکاريو ته اسڪول بند ڪجي ٿو ته مون کي انتهائي ڏک پهتو. اکين ۾ پاڻي تري آيو. ايئن محسوس ڪيم ته هيءُ هڪ ذريعو جيڪو ڏاڍو سٺو هئو اهو به ختم ٿي رهيو آهي. شايد پڙهائي منهنجي نصيب ۾ ئي ڪونه آهي! هن جڏهن ان ڪيفيت کي محسوس ڪيو ته چيائين، بابا مان سمجهي سگهان ٿو ته تون ڇوٿو روئين مون کي منهنجي پگهار جو ڪوبه مسئلو ڪونه آهي. مون ڪنهن خدمت جي جذبي جي ڪري هيءَ ڊيوٽي ورتي ته شايد ڪو هڪ ماڻهو به منهنجي ذريعي ڪجهه پرائي ٿو ته مون لاءِ وڏي ڳالهه آهي. ڄڻ ته منهنجي خوابن کي تعبير ملي وئي. سو اهو مونکي تنهنجي صورت ۾ نظر اچي ٿو. مان ايئن هر روز ايندس، ڀلي تون اڪيلو هجين ڀلي مون کي پئسا نه ملن. هيءُ اسڪول اڃا اٺ مهينا اسان وٽ آهي، تيسيتائين آءٌ ايندو رهندس. تون به اڪيلو آهين سڄو توجهه توتي ڏيندس. ليڪن شرط اهو آهي ته آءٌ جيترو به هوم ورڪ توکي ڏيئي وڃان ۽ جيئن توکي سمجهائي وڃان ان ۾ ڪوتاهي يا سستي ڪيئي ته پوءِ مون کي ڏک به ٿيندو. مان مايوس ٿيندس ۽ منهنجي جذبن کي ڇيهو رسندو ته مان به ماٺ ڪري ويهي رهندس. مون چيو ته سائين اوهان جي ڏنل ڪم کان ڪجهه وڌيڪ ڪندس. باقي مان ته مل ۾ مزدوري ٿو ڪريان 160 روپيه پگهار اٿم. ماني مونکي منهنجو ڀاءُ ٿو کارائي، جي اوهان چوندؤ ته ان پئسن مان به اڌ اوهان کي ڏيئي سگهندس. هن انڪار ڪندي چيو ته آئون تنهنجي شوق ۽ جذبي جي ڪري ايندس پئسن جي مون کي لالچ ڪونه آهي. ريڊيو پاڪستان جي نوڪريءَ مان ايترا پئسا ضرور ملندا آهن، جو منهنجي گهر جو خرچ تمام آسانيءَ سان هلي ٿو. جي تون پڙهي پئين ته مون سڀ ڪجهه ڪمايو. تمام شفيق انسان هئو. اولاد وانگر پيار به ڪندو هئو ته غلطي ڪرڻ تي ڇنڀيندو به هئو. آئون کانئس ايترو ته ڊڄندو هئس جو ڪڏهن به کانئس ايترو به ڪونه پڇي سگهيس ته ڪٿان جا آهيو؟ يا هتي حيدرآباد ۾ ڪٿي ٿا رهو؟ نه ڪڏهن پاڻ ئي ٻڌايائين. هو چوندو هو مان جيڪو هيءُ وقت ڪڍي ٻه ڪلاڪ هتي اچان ٿو. اهو وڏو قيمتي آهي. ان ۾ غير ضروري ڪچهري، ڳالهيون قصا نه ٿيڻ گهرجن. صرف ڪم جي ڳالهه! تنهنجو مقصد پڙهڻ آهي. ۽ منهنجو مقصد پڙهائڻ آهي ان کان وڌيڪ نه پنهنجو ڪو واسطو نه ڪو تعلق آهي. ها، جي تون ڪڏهن ڪنهن منزل تي پڄين يا پڙهي پئين ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مان منهنجو پڇندين ته معلومات ملي ويندئي ۽ ملاقات به ٿي سگهندي، باقي نه ملي سگهياسين ته جڏهن توکي ياد اچان مون کي دعا ضرور ڪجان. ايئن 8 مهينا پورا ٿيا ۽ 1974ع جو سال به شروع ٿيو مون کي چيائين ته امتحان، جي ڏيڻ چاهين ته اڃا به هيءُ ڪتاب نائين ڏهين درجي جا به پڙهي وٺ. ڇو ته هڪ سال ۾ مان توکي ڇهين درجي کان اٺين درجي تائين جيڪي به ڪورس هئا سڀ ڪرايا اٿم. هاڻي ته انگلش ٽيچر ۽ گرامر جي مدد سان جي محنت ڪيئي ته هڪ سال ۾ بنا ڪنهن جي محتاجيءَ جي پڙهي ويندين. پوءِ تو ن پرائيويٽ اميدوار جي طور ڪنهن به هاءِ اسڪول ۾ فارم ڀرائجان. ۽ هڪ ڳالهه ياد رک تون جڏهن به امتحان جو فارم ڀرائين ته نائين ۽ ڏهين درجي جو گڏيل فارم ڀرائجان آرٽس جي سبجيڪٽ ۾. ٻنهي سالن جا ڪورس به وٺي ڏنائين، پوءِ هڪ ڏينهن سمورو طريقو پڙهڻ جو سمجهائي ۽ چيائين ته ڪڏهن پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ ڪابه تڪليف ٿيئي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اچي سگهين ٿو، مگرمون کي فضول ڪچهريءَ لاءِ اچڻ پسند نه هوندو آهي. باقي جي مئٽرڪ وغيره پاس ڪرين ته اڳتي پڙهندو رهجان. الله سائين تنهنجي ضرور مدد ڪندو ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته تون هڪ هنڌ ئي مئٽرڪ جا 10 پرچا پاس ڪري ويندين. ان وقت نائين ۽ ڏهين جا ٽوٽل ڏهه پرچا هوندا هئا آرٽس گروپ ۾. سائنس ۾ ڪجهه وڌيڪ پرچا هوندا هئا. پر ڪڏهن گهٽ به هوندا هئا. سائين ارشاد پٺاڻ سان جيتريون به ملاقاتون ٿيون اهي اسڪول ۾ ئي ٿيون هڪ دفعي پاڻ آيو مون کي ٿوري دير ٿي ويئي ڇو ته اسڪول جي چاٻي به مون وٽ هوندي هئي. ان کي کولي صفائي ڪري ويهندو هئس ۽ ڪتاب پيو پڙهندو هئس ته اچي ويندو هئو. ان ڏينهن هي بيٺو رهيو. شايد 10-15 منٽ بيٺي ٿي ويا هيس. جيئن آيس ڪاوڙجي پيو ته آءٌ تو لاءِ ٿو اچان ۽ تون پنهنجي مرضيءَ سان اچين جي تون ايئن ڪندين ته پوءِ اهو ڪم ايئن نه هلندو. تون اڪيلو شاگرد آهين. آءٌ توکي ان جي سزا ۾ مار ته نه ٿو ڏيان پر جي آئنده ايئن ٿيو ته اسڪول جي چاٻي مالڪن کي واپس ڪندس ۽ پنهنجو تعلق ختم. ان کان پوءِ مان ڏاڍو ٽائيم جو پابند ٿيم. سڀ ڪم ڇڏي وقت سان پڄندو هئس. هيءُ جڏهن اسڪول ايندو هئو ته ڏاڍو رعبدار لڳندو هئو. فضول سوال ۽ ڪچهريءَ جو ته تصور به ڪونه هئو مون کي سمجهائي پاڻ خاموش ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ گم ٿي ويندو هئو. اکين ۾ عجيب چمڪ ۽ رعب هوندو هئس ڇا پيو سوچيندو هئو، ڪيڏانهن ۽ ڪهڙين سوچن ۽ خيالن ۾ گم هوندو هئو ڪير پڇي؟ ڇو ته فضول ڳالهائڻ بلڪل منع هو. هڪ ته مان نوجوان ۽ هو استاد سو ڪهڙي ڪچهري ڪبي؟ ٻيو ته مون کي ڊپ اِهو هوندو هو ته هي شخص منهنجي خوابن ۽ خيالن ۽ منزل ڏي ويندڙ رستي جو ڄاڻو ۽ پارکو آهي. منهنجي سامهون هڪ جذبو ۽ مقصد هئو. مان پنهنجو وقت زيان نه پئي ڪرڻ چاهيو.نه ئي هن جي ڏسيل اصولن کي ٽوڙڻ پيو چاهيان. پر پڙهائي ۾ ڪوبه سوال پڇڻو هوندو هو ته يڪدم پنهنجي سوچن جي دنيا مان موٽي ايندو هئو ڪيترا دفعا ته اوچتي ڳالهاءَ سبب ڇرڪ ڀرڻ جهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هئس. هن کي نه اچڻو هوندو هو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٻڌائيندو هئو پاڻ به سائيڪل تي ايندو هئو ان وقت سائيڪل ئي سواريءَ جو اهم ذريعو هوندي هئي. ۽ جي مون کي ڪو مسئلو هوندو هئو ته هڪ ڏينهن پهرين موڪل وٺندو هئس ليڪن تمام گهٽ! آخرڪار اسڪول جي ادا ڪيل ڪرائي جي مدت ختم ٿي ۽ پوءِ مان پنهنجي منهن پڙهڻ لڳس.