آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

سيوهڻ ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ورسي

مون1975ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ جساف سيوهڻ جو صدر ۽ پوءِ تعلقي جو صدر ٿيس. مون اهو پروگرام رٿيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سيوهڻ ۾ ورسي ملهائجي. ان لاءِ مون پنهنجي ان وقت جي جساف ضلع دادوءَ جي صدر محترم منظور پنهور ۽ مرڪزي سينئر نائب صدر مولا بخش لغاريءَ سان به مشورو ڪيو. هنن سٺي موٽ ڏني. مون کين گذارش ڪئي ته سيوهڻ جهڙي شهر ۾ جساف جو وجود نئون آهي اڳ ۾ هڪ اڌ ماڻهو، اگر رهيو به آهي ته ان ايتري سرگرمي ڪونه ڏيکاري آهي سو ڪنهن مخالف ڌر کي ڪا هلچل ٿيندي محسوس ڪونه ٿي آهي ان ڪري انهن کي ڪابه پريشاني ڪونه ٿي آهي. هينئر هن جلسي ۾ پ پ سرڪار کي تڪليف ٿيندي ۽ رڪاوٽون ٿينديون جو ماڻهن کي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪيندا. ان ڪري جلسي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان جي هڪ هڪ بس ايندي ته به جلسو ڪامياب ٿي ويندو ۽ تاريخ ۾ جيئي سنڌ جي پليٽ فارم تان هيءُ پهريون جلسو ٿي رهيو آهي اهو جي ناڪام ٿيو ته پوءِ تحريڪ به ماٺي ٿي ويندي. ان ڪري پهريون تاثر ايترو ته سگهارو هجي جو هن شهر جي گهٽين ۽ رستن ۽ گهرن ۾ جيئي سنڌ جو هُل هُلي وڃي. پوءِ ايئن ئي ٿيو سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻه بسون محترم قاسم ٻگهيو جيڪو هينئر اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جو چيئرمين ۽ اڳ سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر هيو، شاگردن سان ڀري آيو، جنهن سان گڏ اختر ڪاڪيپوٽو، اشرف کهاوڙ، علي احمد پنهور دادوءَ وارو ۽ ٻيا ساٿي هئا. زرعي يونيورسٽيءَ مان، هڪ بس علي محمد سرڪيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان، شمس جعفراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ لياقت ڪاليج مان هڪ بس آئي پر ڄام شورو پوليس سيوهڻ جي ڀرسان پ پ حڪومت جي چوڻ تي جلسي جي صدارت ڪندڙ مولا بخش لغاري ۽ خاص مهمان منظور پنهور کي گرفتار ڪري خوفنائتو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو اسان سمجهيو ته اهو ڪم سيوهڻ پوليس ڪيو آهي پر ايئن نه هئو انهن ٻنهي اهم اڳواڻن جي گرفتاريءَ کان پوءِ سيوهڻ جا ماڻهو ته جلسي ۾ نه جي برابر آيا صرف بشير اوٺو ۽ ٻه چار ٻيا ڪارڪن نظر پئي آيا. انهن گرفتارين جو ظاهر آهي ته اثر پيو ۽ ماڻهو ڊڄي ويا، ليڪن جيڪي دوست مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن مان بسون ڀري پئي آيا انهن جڏهن اهو ٻڌو ته اڳواڻ گرفتار ٿي ويا آهن ته انهن سيوهڻ جي بس اسٽاپ کان سيوهڻ جي مارڪيٽ جي آخري ڇيڙي تائين نعرا هڻندا پئي آيا ۽ اهي ايترا ته اڀ ڏاريندڙ نعرا هئا جو واقعي شهر ۾ هلچل مچي وئي ته الائي ڇا ٿي ويو آهي پ پ وارا به پريشان ته اسان ماڻهو ٻڌرايا شهرين کي جهليوسين پر هيءُ ايترا شاگرد بسون ڀري اچي پهتا آهن... اهو هئو تاريخي طرح اهڙو ڪم جو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ان جي ڪري منهنجو شهر ۾ گهڻو اثر ۽ ڌاڪو ويهي ويو. جلسو شروع ٿيو ته سيوهڻ پوليس جو D.S.P محترم نثار بلوچ به اچي جلسي ۾ شريڪ ٿيو! سول ڪپڙن ۾ اڪيلو هجي. اسان جا ته ماڻهو ۽ اهم اڳواڻ گرفتار ٿيل هئا ان ڪري پوليس تي ڏاڍي ڪاوڙ هجي. هن کي جو جلسي ۾ ڏٺوسين اسين سڀ جذباتي ٿي وياسين هن کي ڪافي برو ڀلو چيوسين ۽ کيس اهو به چيوسين ته تون هتي رپورٽنگ ڪرڻ آيو آهين هتان نڪري هليو وڃ. ان وقت اسان جي سوچ عمر جي حوالي سان ايتري ئي هئي. اسان هن کي غلط سمجهيو اسان صرف اهو ڏسندا هئاسين ته هيءُ پوليس وارا سڀ سرڪار جا نمڪ حلال ۽ قوم پرستن کي چٿڻ وارا آهن ان ڪري هن کي کيتون ٻڌايون! نثار بلوچ ڊي ايس پيءَ چيو آءٌ اوهان جو پروگرام ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آيو آهيان. مون کي به سرڪار حڪم ڪيو هئو ته هنن جو پروگرام نه ٿيڻ گهرجي پر مون اوهان جي ڪنهن به پروگرام کي بند ته ڪو نه ڪيو نه گرفتاري ڪئي نه خوف پيدا ڪيو ۽ ان ۾ منهنجي، D.C دادوءَ محترم محمد هاشم ميمڻ به مدد ڪئي باقي اوهان جا اڳواڻ ڄامشورو پوليس، سيوهڻ جي ٻاهران گرفتار ڪيا آهن ان لاءِ به مون ايس. پي صاحب سان احتجاج ڪيو آهي ته هي ڇوڪرا پرامن پروگرام پيا ڪن هنن کي خوامخواه جذباتي ڇوٿو ڪيو وڃي؟!... پوءِ هو ڪجهه وقت وڌيڪ ويٺو ۽ هليو ويو، ظاهر آهي اسان جو پروگرام ٽينشن وارو ٿي ويو هجي. فيصلو اهو ڪيو ويو ته جلسي ۽ ورسيءَ جي اختتام تي سيوهڻ پوليس اسٽيشن تي وڃي ڌرڻو هڻبو. هونئن ته پروگرام ايئن رٿيل هئو ته شام جو پنجين وڳي ورسيءَ جو پروگرام شروع ٿيندو ۽ پوءِ ستين وڳي ختم ڪري سڀ ڪارڪن بسن ۾ پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيندا ۽ ماني به وڃي پنهنجي پنهنجي يونيورسٽي يا ڪاليج جي هاسٽلن ۾ کائيندا جو ايترن ماڻهن جي ماني تي خرچ ڪرڻ جيتري طاقت اسان ۾ ڪانه هجي. ليڪن فيصلو ٿيو ٿاڻي تي ڌرڻي هڻڻ جو مطالبو اهو رکيو ويو ته گرفتار ڪيل اڳواڻ آزاد ڪيو نه ته اسان کي به گرفتار ڪيو وڃي! هاڻي ٽي-چار سئو شاگرد سڄي سنڌ جي وڏن ادارن جا، جي گرفتار پيا ڪن ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي سلسلو پيو شروع ٿئي، سو صورتحال ڳنڀير ٿي ويئي سڀ بسن تي چڙهي ٿاڻي تي پهتاسين-هئاسين پرامن سو وڃي ڌرڻو هنيوسين ته يا گرفتار اڳواڻ آزاد ڪيو، يا اسان سڀني کي گرفتار ڪيو وڃي رات ٿيندي ويئي شاگردن ۾ بک ۽ اڃ به وڌندي ويئي مون پنهنجي وڏي ڀاءُ غلام حسين ابڙي کي نياپو ڪيو، هو يڪدم ٿاڻي تي آيو. چيومانس هاڻي ته هيءُ سڀ پنهنجا مهمان آهن. چيائين پوءِ حڪم ڪر ڇا ڪرڻو آهي مون چيو ته هنن جي لاءِ ديڳيون لاهڻيون آهن، ڊرم ۾ پاڻي ۽ برف جو انتظام ڪرڻو آهي.