پنهنجي پاران
ڪچهريون دوستن سان روايتي ۽ غير روايتي انداز سان ٿينديون رهنديون هيون. انهن ئي ڪچهرين دوران ڪجهه سڄاڻ دوستن کي منهنجي ڳالهين مان پنهنجي من ۾ پيدا ٿيندڙ کوڙ سوالن جا جواب ملندا رهيا ۽ هو مونکي شعوري يا لا شعوري طور تي کوليندا ويا-کوليندا ويا ۽ کوليندا ويا... ته مون به محسوس ڪيو، مار! منهنجي سيني ۾ ته منهنجي دور جي تاريخ موجود آهي جيڪا دوستن جي زور ڀرڻ ۽ بار بار اتساهڻ تي مونکي محسوس ٿيو ته مان اها تاريخ پاڻ سان دفن ٿيڻ بجاءِ قوم جي آڏو آڻيان ته جيئن قومي جياپي لاءِ هيءَ تاريخ نه رڳو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي ڪري سگهي پر گڏوگڏ قومي تحريڪ جون لڱايون ۽ چڱايون به منظر تي اچي وڃن ته جيئن ان مان موجوده نسل عبرت ۽ ايندڙ پيڙهي ڪو گَسُ حاصل ڪري سگهي.
منهنجي آتم ڪٿا پڙهندڙن لاءِ جيڪو اتساهه پيدا ڪندي، اهو هيءَ آهي ته مسلسل جدوجهد ۽ محنت آخرڪار اوهان کي پنهنجي منزل جي ويجهو آڻي بيهاريندي آهي. مان مل جي مزدوريءَ دوران جڏهن حيدرآباد آيس ۽ پنهنجي ڀاءُ سان يا دوستن سان شهر ڏسڻ نڪرندو هئس ته انگريزي لفظن ۾ تشهيري بورڊ ۽ مختلف اسٽور وغيره جي بورڊن تي ان جو نالو انگريزي نه اچڻ جي ڪري پڙهي ۽ سمجهي ڪونه سگهندو هئس تڏهن ٿڌو ساهه کڻي سوچيندو هئس ته ڪاش! اهي مان پڙهي سگهان ۽ ائين سوچيندي سوچيندي اکين مان پاڻي تري ڳلن تي پنهنجي راهه جوڙي بوندن وانگر ڳڙڻ لڳندو هئو. پوءِ مون طي ڪيو ته ڇا به ٿئي مان هر حال ۾ پڙهندس!
مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي زندگيءَ کي سنوارڻ جو سبب سمجهان ٿو جو، ڀٽي صاحب 74-1973ع ۾ ملڪ اندر تعليمِ بالغان شروع ڪئي هئي. مان دعويٰ ته نه ٿو ڪيان پر پڪ اٿم ته مان هڪ نالي ماتر پڙهيل (صرف سنڌيءَ جا پنج پاس) هاڻي ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم اي پاڪستان اسٽڊي پاس ڪري مختلف مرحلا طي ڪندو، ڪاميابيءَ جي ان منزل تي پهتو آهيان، جيڪو فقط سچائيءَ سان لڳاتار محنت ڪرڻ جو ئي نتيجو آهي. اها پڪ اٿم ته منهنجي ايتري طويل محنت ۽ جدوجهد کي ڪوبه ماڻهو ڪهڙي به دور ۾ پنهنجي لاءِ مشعلِ راهه بڻائيندو ته مان سمجهندس منهنجو هيءَ ڪتاب لکڻ وارو پورهيو ڪامياب ٿيو.
مون اڄ تائين مسلسل جدوجهد ۾ گذاريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي وقت ٽن کان چئن محاذن تي ساندهه منهن ڏيڻو پيو آهي. برف فروشيءَ جي مزدوريءَ دوران پڙهائي ڪرڻ ۽ گهر جو سمورو ڪم ويندي ڪپڙن ڌوئڻ تائين مون کي پاڻ ئي ڪرڻو پوندو هئو. پرائيويٽ مئٽرڪ پاس ڪيم ته سيوهڻ ڪاليج ۾ ريگيولر داخلا سان گڏ قومي تحريڪ ۾ به عملي طور تي حصو ورتم ۽ اهو به پارٽ ٽائيم نه پر ذميواريءَ سان، وري پنهنجو خرچ به پاڻ ڪرڻ، جنهن دؤران ڪونه ڪو پورهيو ڪري آمدني پيدا ڪري زندگيءَ جو گاڏو گهليندو رهيس.
زندگيءَ جي سفر دوران مون وٽ ڪافي تلخ حقيقتون، سنڌ جي نالي وارن سياستدانن، قومي تحريڪ جي اڳواڻن، ادبي شخصيتن ۽ آفيسرن سان گهاريل ڪيترائي سچا ۽ حقيقيقن تي ٻڌل ٻيا به کوڙ داستان به منهنجي سيني ۾ سانڍيل آهن. جيڪي ايندڙ ڪتاب ۾ لکندس. انهن ۾؛
• قومي تحريڪ جو عروج ۽ زوال ۽ ان جا سبب
• قومي اڳواڻن، سياسي ليڊرن، ادبي شخصيتن جا، ڪجهه ڄاڻ سڃاڻ وارا ۽ ڪجهه لڪل چهرا سنڌي قوم جي سامهون آڻيندس.
• قوم لاءِ ڪيل گمناميءَ جي عالَم ۾ پورهيو، جن ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم جي مالڪي ڪرڻ، سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ سندن گهرن جي مالڪي ڏيارڻ، شانتي نگر کان سچل ڳوٺ جي تعمير تائين ۽ پوءِ لڳ ڀڳ 700 سنڌي آباديون وجود ۾ آيون جيڪي اسان جي محنت جي مثال کي سامهون رکندي ٺاهيون ويون.
• سائين جي ايم سيد کان جلال محمود شاهه تائين قومي تحريڪ ۽ انهن جي اڳواڻن جو جائزو
• ڀٽي صاحب کان بلاول ڀٽي تائين پ پ جو سفر ۽ ان ۾ سنڌ جي قومي بقا جو جائزو
• شيخ اياز کان احمد سولنگيءَ تائين سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن جو علمي ۽ ذاتي زندگيءَ تي تفصيلي جائزو جيڪو ڇرڪائيندڙ به ٿي سگهي ٿو
• ٽريڊ يونين جي وڏن وڏن ليڊرن جو مڪمل جائزو جيڪو مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو
مان ناليواري شاعر احمد سولنگي ۽ برک اديب رکيل مورائي جو احسان مند آهيان، جن مونکي پنهنجيون يادگيريون لکڻ لاءِ شوق ڏياريو ۽ ان لاءِ هر مدد ۽ تعاون جو يقين به ڏياريو. نيٺ مون اهو سڀ ڪجهه لکي پورو ڪيو، جيڪو هاڻ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
مون هن ڪتاب ۾ انتهائي ڪوشش ڪئي آهي ته سچ لکان، مصنوعي ڪابه شيءِ نه هجي، ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي پوءِ به جي ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٿي ويون هجن جن کي لڪائڻ منهنجي اختيار ۾ نه هئو ته ان لاءِ آئون اڳواٽ ئي معذرت خواه آهيان.
مان ڪنهن حد تائين سنڌ-هند جي برک، اديب ۽ شاعر لڇمڻ ڪومل جي ڪيل ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته ”جيڪو شخص شراب پيئڻ کان پوءِ ڪوڙ ڳالهائي يا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به ڪوڙ لکي، ان شخص جهڙو ڪوبه مها منافق ٿي نٿو سگهي. حضرت عليؐ جو به قول آهي ته ”مان منافق نه آهيان جو منهنجا مخالف نه هجن.“ ٿي سگهي ٿو ته ڪو شخص مون سان اختلاف رکڻ جو حق رکي، پر مون نيڪ نيتيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جا سچا احوال هن ڪتاب جي صفحن ذريعي اوهان آڏو رکيا آهن.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاءِ آئون محترم احمد الدين راڄپر، ڪريڪشن لاءِ محترم عبدالله جروار (سنڌيڪا اڪيڊمي) ۽ پروف ريڊنگ لاءِ محترم انصاف علي حيدري ۽ محترم عامر مغيريءَ جو بيحد
شڪر گذار آهيان ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي نامور اديبن
مدد علي سنڌي، نصير مرزا ۽ نوجوان اديب ڊاڪٽر حميد سبزوئي ۽ نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ جو به بيحد ٿورائتو آهيان. جن منهنجي ڪتاب ۽ شخصيت بابت پيار جا ٻه ٻول اظهاريا آهن.
ڀاءُ عبدالمؤمن جا وڏا وڙ-جنهن منهنجي يڪ ساهيءَ سان لکيل سوين آتم ڪٿا جي صفحن تي پنهنجي پيار ڀري نظر ڌري، منهنجي هن يادگيرين کي، پيرائن ۾ ڀڃي هر پيرا تي ”منڊيءَ تي ٽڪ“جهڙا خوبصورت عنوان قائم ڪري، لاڳيتي لکيل حصي کي 11 بابن ۾ خوبصورت ابواب بندي ڪندي هن ڪتاب کي سُوڌي ۽ سنواري تمام گهڻو سهڻو بڻايو.
اوهان جو پنهنجو
محمد خان ابڙو
15 نومبر 2020ع
ڪراچي