آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

گجگاه ڇا آهي؟

گجگاه هڪ عَلم (جهنڊو) هوندو آهي. هيءُ علم قلندر شهباز جي مزار ۾ 12 ئي مهينا پيل هوندو آهي. اهو علم محرم ۾ جلوس جي قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ ۽ اٺ تي ويٺل فقير جي ڀرسان اٺ سان گڏ ڪجهه فقراءَ کنيو هلندا آهن. مون مٿي لکيو آهي ته اٺن جي قافلي جي اڳيان اڳيان جهنڊن وارا اٺ هوندا آهن. ليڪن 7 ۽ 8 جي ذوالجناح، نائين ۽ 10 جي رات جي تابوتن مهل ۽ 10 محرم جي صبح ۽ منجهند جي تابوت مهل اهو گجگاه قافلي جي اڳيان هلندڙ فقراءَ سان گڏ هوندو آهي. جيئن اسان جي ننڍي هوندي جي وقت ۾ سيد صادق علي شاهه سبزواريءَ جي قافلي جي اڳواڻي فقير نادر شاهه ڪندو هئو. جيڪو هينئر پٺاڻن جو وڏو پير آهي, ۽ گذاري ويو آهي. ان تي اڳتي هلي تفصيل سان لکندس. سيد نادر شاهه جي ڪافي به آهي جنهن تي سوين فقراءَ سندس سربراهيءَ ۾ رهندا آهن. اٺ تي سڀ کان پهرين شينهن جي منڍي ۽ ان جي جسم جي کل اٺ جي مٿان ايئن رکندا آهن جو اٺ جي ڳچيءَ جي مٿان شينهن جي منڍي ۽ ان سان گڏ شينهن جي کل ڪجائي جي مٿان اچي ويندي هئي. اهو ان تي ويهندو ۽ سندس ۽ ڪجهه سبز واري سيدن جا پٺاڻ فقير ملنگ توتارا ۽ گهنڊ وڄائي اٺ سان گڏ هلندا آهن. انهن جو تعداد به 15 کان 20 ماڻهن تائين هوندو آهي، جيڪي قافلي جا اڳواڻ اٺ جي اڳيان پٺيان پيا هلندا آهن. ڪي فقير قافلي جي سالار کي زور به پيا ڏيندا آهن. مون ذڪر ڪيو ته اٺن ۽ نغارن جو قافلو چار کن ڪلاڪ اڳ ۾ تحرڪ ۾ اچي ويندو آهي. ته پوءِ قافلي جو اڳواڻ ٿڪجي به پوندو آهي. اسان جڏهن نادر شاهه کي ڏٺو ته اهو سبزواري سيدن جو مريد ۽ قافلي جو سنڀاليندڙ هئو.هو قلندر جي درگاهه تي پيو ٻهاري ڏيندو هئو. اهو ئي سبب هئو جو اهو فقير محرم ۾ سبزواري قافلي جي اڳواڻي ڪندو هئو، نادر شاهه فقير پٺاڻ هئو. رنگ جو سهڻو، عمر جو وڏو، بدن ۾ ضعيف! جو چون ٿا ته هو اَن نه پر ميوو کائيندو هو. عمر 70 کان مٿي هوندي هئس. گجگاهه جو پنهنجي منزل تي مقرر ٽائيم تي پهچڻ ضروري هوندو هئو. ڇو ته گجگاه (جهنڊو) هڪ هوندو هؤ ۽ جلوس هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٻه هوندا هئا. وري جي لڪيارين جو جلوس نڪرندو ته هو وڃي گجگاه ساڳيو ئي کڻي ساڳي طرح پنهنجي قافلي جي سپه سالار کي ڏيندا هئا. جي قافلو ڪنهن سبب جي ڪري مقرر وقت تي پنهنجي منزل تي نه پهتو ته ٻي ڌر جا فقير 20-25 جي تعداد ۾ ويندا ۽ مقرر ٽائيم تي سپه سالار ڀلي اٺ تي ويٺو هجي، اهو گجگاه کانئس وٺي ايندا هئا. پراڻي زماني ۾ گجگاه جي منتقليءَ لاءِ وڏا جهڳڙا به ٿيا. ان ڪري هڪ گجگاهه هجي ۽ ٻه گادي نشين. جيڪو هر گادي نشين کي وقت تي گهرجي. پوءِ فيصلو ڪري ان جو وقت ۽ ٽائيم مقرر ڪري ايگريمينٽ ڪئي ويئي. ان کان پوءِ جهيڙا ته ڪونه ٿيا آهن، ليڪن پنهنجي وقت پوري ٿيڻ شرط ٻي ڌر زبردستي ڦري ويندي ۽ ڦرجندڙ ڌر چپ ڪري بيهي رهندي آهي.پوءِ اهو ساڳيو قافلو بنا گجگاه جي باقي مختصر رهيل سفر پورو ڪندو.
لڪياري سادات ۾ گل محمد شاهه کان پوءِ سندس پڳدار پٽ محمد مراد شاهه اهو ڪم سنڀاليو. سندن ڪافين ۾ جيڪو وڏو فقير لعل داس هيو. هي هندو مذهب جو ماڻهو هئو.اصل ۾ پنجابي هندو هئو. اصل ڀارت جو هئو. پوءِ اچي سيوهڻ شريف ۾ ويٺو. گل محمد شاهه جي زماني کان قلندر جوخدمتگار ۽ ٻهاري دار ٿيو. مٿي تي سدائين سوٽي رومال پيل هوندو هئس.۽ نادر شاهه وانگر ساڳيءَ طرح ٻهاري ۽ صفائي جو ڪم ڪندو هئو. ان ڪري اهو فقير وري لڪياري سيدن جي نڪرندڙ پڙن ۽ جلوسن جي ساڳيءَ طرح سينگاريل اٺ تي شينهن جي منڍيءَ واري کل اٺ تي رکي ويهندو هئو. ۽ گجگاه، فقيرن جي هٿ ۾ هوندو هو، فقراءَ گهنڊ گهڙيال ۽ توتارا وڄائيندا پنهنجي منزل ڏانهن هلندا رهندا هئا. نادر شاهه جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اها ڊيوٽي هڪ ٻه سال سندس گاديءَ تي ويٺل ڊاڪٽر عارف شاهه ڪئي، جيڪو چون ٿا ته رشتي ۾ سندس ڀاڻيجو آهي. پوءِ صادق علي شاهه جي خاندان سان اختلافن تحت ان اها ڊيوٽي ڇڏي ڏني. ايئن لعل داس جي مرڻ کان پوءِ سندس ٻئي ڀائٽي احسن داس اها ڊيوٽي ڏني. هاڻي ان باري ۾ به خبر نه آهي ته اها ڊيوٽي ڪير ٿو سرانجام ڏئي؟

”ڪافي“ ڇا آهي؟
مٿي مون ڪافي جو ذڪر ڪيو آهي سيوهڻ واري ڪافيءَ جو مطلب اهو آستانو آهي جتي قلندر جا فقير ۽ ملنگ رهندا به آهن ۽ پنهنجون فقرائي نشستون به ڪندا آهن هر ڪافيءَ جو هڪ اڳواڻ هوندو آهي.